ريڊيو پاڪستان
ریڊیو پاڪستان اسلامي جمهوریہ پاڪستان جو قومي ۽ سرڪاري ادارو برائي ٻڌي سگهجندڙ نشریات ۽ اطلاعات آهي ۔ هن اداري جو انتظام ۽ ڏيک واٺ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ایڪٽ 1972ء جي تحت آهي ۔ هي ادارو اقتصادي ، زرعي ، سماجي ، سیاسي ، مذهبي ۽ ثقافتي شعبن ۾ سماجي موضوعن تي بحث ، ڊراما ، فیچرز ، دستاویزي پروگرام ، سامعین جي شرڪت وارا مذاڪرا ، عام ڳالهہ ٻولهہ ، موسیقي ۽ خبرن جي پروگرامن جي ذریعي عوامي خدمتن جون سرگرمیون پیش ڪندو آهي۔
بنیادي طور تي ریڊیو پاڪستان دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ آل انڊیا ریڊیو جي نالي سان موجود هيو ۔ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوء هي ادارو ریڊیو پاڪستان جي نالي سان پیش ڪيو وڃڻ لڳو.
آزادي کان بعد ریڊیو پاڪستان پنهنجي سڃاڻپ پیش ڪئي ۽ اردو ۽ ويهہ علاقائي ٻولين ۾ رابطي جي طور تي استعمال سان ۽ جدید مواصلاتي مهارت جي ذریعي معلومات جي نشر ۽ اشاعت، پاڪستاني قومیت ، ان جي نظام ۽ ثقافت جي احترام جي جذبن کي فروغ ڏيڻ جي قابل ٿيو۔
هن وقت ریڊیو پاڪستان تان 23 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪيا ويندا آهن ۔
تاريخ
سنواريوآزادي کان اڳ برٽش انڊيا ۾ آل انڊيا ريڊيو (AIR) جو قيام 1926 ۾ عمل ۾ آيو ۽ پاڪستان ٺھڻ وقت آل انڊيا ريڊيو لاھور موجود ھيو. 13 آگسٽ 1947 ۾ رات جو يارهين بجي ظھور آذر بطور پريزنٽر مخاطب ھيو رات جو ٻارهين بجي 14 آگسٽ ٿيڻ وقت ھن انگريزيءَ ۾ ھيٺيون اعلان ڪيو:
This is Pakistan Broadcasting Service, Lahore.We now bring to you a special programme on The dawn of Independence
سن وقت آذر جي ان اعلان جو گڏوگڏ اردو ۾ ترجمو مصطفي علي ھمداني ڪري رھيو ھو.
اھو وقت پاڪستان سان گڏ ريڊيو پاڪستان جي قيام جو بہ ھيو جنھن کي پھرين پاڪستان براڊڪاسٽنگ سروس ۽ پوء ريڊيو پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان ٺھڻ وقت آل انديا ريڊيو جون 6 اسٽيشنون: بمبئي، ڪلڪتو، مدراس، دھلي، لکنو ۽ تروچيراپالي ڀارت جي حصي ۾ ۽ ٽي اسٽيشنون: لاھور، ڍاڪا ۽ پشاور پاڪستان جي حصي ۾ آيون جيڪي ريڊيو پاڪستان جون اسٽيشنون بڻجي ويون ۽ زيڊ اي بخاري ريڊيو پاڪستان جو پھريون ڊائريڪٽر جنرل بڻيو.16 اپريل 1948 ۾ راولپنڊي اسٽيشن قائم ڪئي وئي ۽ 14 آگسٽ 1948 تي ڪراچي اسٽيشن قائم ٿي. ڪراچي واري اسٽيشن جي اصل ۾ شروعات 5 آگسٽ 1947 تي سنڌ گورنمينٽ براڊڪاسٽنگ اسٽيشن جي نالي سان ٿي چڪي ھئي جيڪا قائداعظم جي گورنر جنرل بڻجڻ واري قسم کڻڻ واري تقريب جي ڪوريج ۽ ٻين عملن جي ڪري وائر ليس ٽيليگرافي ايڪٽ جي انحرافي جي ڪري ڏھن ڏينھن جي اندر ئي بندش ۾ اچي وئي.[2]1949 تائين ريڊيو پاڪستان جي نشريات مڊل ايسٽ، فار ايسٽ ۽ يورپ تائين وسيع ٿي چڪي ھئي. 1954 ۾ نشريات 15 ٻولين تائين وڌائي وئي جن ۾ اردو، فارسي، عربي،بلوچي، گجراتي، ڪشميري، پشتو، سنڌي، شينا، پرھاري شامل ھيون.[3]رہڊيو پاڪستان تي جن نالي وارن شخصيتن ڪم ڪيو آهي انھن ۾ فلمي اداڪار محمد علي، ٽيليويزن جا اداڪار نيلوفر عليم، طلعت حسين، سنتوش رسال، قاضي واجد، مشھور ليکڪ سيد امتياز علي تاج، رافع پير، سيد عابد علي، خواجہ معين الدين، احمد نديم قاسمي، حسينہ معين، ۽ بانو قدسيه شامل آهن.عمر قريشي ۽ جمشيد مارڪر ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪندڙ نالي واريون شخصيتون رھيا آھن. نيوز ڪاسٽرن ۾ شڪيل احمد، انور بھزاد، انيتا غلام علي، ايڊورڊ ڪئراپيٽ (Edward Carspiet) شامل ھيا. ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪندڙ مشھور ڳائڻن ۾ نورجهان، مھدي حسن، ۽ ريشما شامل ھيا. ريڊيو پاڪستان ۾ ڪمرشل اشتھارن جو آغاز 1961 ۾ ڪراچي جي اسٽيشن کان ٿيو ۽ پوء 1967 ۾ لاھور ۽ ڍاڪا جي اسٽيشنن تي بہ ڪمرشل اشتھارن جي شروعات ٿي.[4]