جلال الدين اڪبر
شهنشاهه -جلال- الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام -بادشاهه- ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 -آڪٽوبر- 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي -استاد- -بيرم خان- سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي -تخت- نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن -پاڻيپٽ- جي ميدان ۾ ، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي ، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ -ان- سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا ، ڪجهه جَهڪا ٿيا . مغليه سلطنت جو بنياد -بابر بادشاهه- 1526ع ۾ وڌو ، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو . همايون 1530ع ۾ -تخت- تي ويٺو ، پر 1540ع ۾ شيرشاهه سوريءَ کان شڪست کاڌائين . شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون ، جڏهن وري -تخت- حاصل ڪيو ته هو به جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو . جيستائين اڪبر 18 سالن جو نه ٿيو هو ، تيستائين -بيرم خان- ئي سلطنت جو مختيار هو ، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون ته فتحن جو ، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي ، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو ، پر شڪست کاڌائين . راجا اُڌي سنگهه ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب به مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا . مالوا ، گجرات ، خانديش ، -احمد آباد- ، گونڊوانا ، -بنگال- ، اُڙيا ، ڪشمير ، سنڌ ، مطلب ته ڏکڻ -ايشيا- جي هڪ حصي کان سواءِ ، ڪابل کان -احمد نگر- تائين ، ۽ سنڌ کان -بنگال- تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو . اڪبر -بادشاهه- ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي -اصلاح- ڪئي . زمينن جي معاملي ۾ ، شيرشاهه جي نظام کي بهتر بنايائين . هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا ، -جن- ۾ سڀني کان ننڍو درجو ، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو ، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو ، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه ڏنو . سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو . هن ازبڪن ۽ پنهنجي -ڀاءُ- مرزا حڪيم جي بغاوتن کي به ڪچليو . اڪبر ، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو ، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو . سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي -ترقي- ٿي . فيضي ، -ابوالفضل- ، -تان سين -، -تلسي- داس وغيره اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا ، جيڪي سندس ” نون رتنن “ مان هئا . هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامه ‘ ، ’-آئين اڪبري- ‘ ، ’طبقات اڪبري ‘ ۽ ’منتخب التواريخ ‘ وغيره جهڙا ڪتاب لکيا ويا . هن ’دين الاهي ‘ نالي مذهب به شروع ڪيو ، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات -پات- جي فرق کي ختم ڪيائين ، ۽ مرڪزي بنياد -توحيد- تي رکيائين ( تفصيل لاءِ ڏسو ” دين الاهي “ ) . جيتوڻيڪ هن باقاعدي -تعليم- حاصل ڪانه ڪئي ، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو . -ان- صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو . ” -آئين اڪبري- “ ۽ ” اڪبر نامه “ مان ، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي ، مفصل روشني پوي ٿي . ڊاڪٽر ايشوري پرشاد ، -اڪبر بادشاهه- کي -ان- وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن ، خاص ڪري -انگلنڊ- جي راڻي ايلزبيٿ ( 1533_ 1603ع ) ۽ -اسپين- جي فلپ ٻئين ( 1598_ 1527ع ) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس -تاريخ- جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو . هن 5 رجب 949ھ/16 -آڪٽوبر- 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي . سندس -جنم- واري هنڌ تي سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري -پٿر- هڻائي ، -ان- تي پنهنجو نالو ۽ -اڪبر بادشاهه- جي -جنم- جو سال ( 1542ع ) لکايو هو . اهو -پٿر- عمرڪوٽ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ به موجود آهي.[10]
جلال الدين محمد اڪبر | |||||
---|---|---|---|---|---|
بادشاھ اڪبر اعظم | |||||
مغل مصورگوورڌن جي 1630 ۾ ٺاھيل اڪبر بادشاھ جي تصوير | |||||
ٽيون نمبر مغل شھنشاھ | |||||
11 فيبروري 1556 – 27 آڪٽوبر 1605[1][2] | |||||
پيشرو | ھمايون | ||||
جانشين | جھانگير | ||||
ريجنٽ | بيرم خان (1556–1560)[3] | ||||
ملڪہ | رقيہ سلطان بيگم[4][5][6] | ||||
زالون | سلمیٰ سلطان بيگم مريم الزماني قاسمہ بانو بيگم
بختيار بيگم گوھرالنساء بيگم | ||||
نسل | حسن مرزا
مراد مرزا دانيال مرزا شاڪر النساء بيگم آرام بانو بيگم شمس النساء بيگم ماھي بيگم | ||||
| |||||
شاھي گھراڻو | تيموري خاندان | ||||
پيءُ | ھمايون | ||||
ماءُ | حميده بانو بيگم | ||||
جنم | جلال الدين محمد اڪبر 15 آڪٽوبر 1542 امر ڪوٽ, راجپوتانا، (موجوده عمرڪوٽ ، سنڌ) | ||||
لاڏاڻو | 27 آڪٽوبر 1605 (عمر 63 سال) فتح پور سيڪري, آگرو, مغل ايمپائر (موجوده اتر پرديش، انڊيا | ||||
تدفين | نومبر 1605 اڪبر جو سڪندرہ ۾ مقبرو, آگرو | ||||
مذھب | سني اسلام,[8][9] دين الاھي |
حوالا
سنواريو- ↑ Eraly, Abraham (2004). The Mughal Throne: The Saga of India's Great Emperors. Phoenix. pp. 115, 116. ISBN 978-0-7538-1758-2.
- ↑ "Akbar (Mughal emperor)". Encyclopedia Britannica Online. حاصل ڪيل 2013-01-18.
- ↑ Chandra, Satish (2005). Medieval India : from Sultanat to the Mughals (Revised ed.). New Delhi: Har-Anand Publications. p. 95. ISBN 978-8124110669.
- ↑ Jahangir, Emperor of Hindustan (1999). The Jahangirnama: Memoirs of Jahangir, Emperor of India. Oxford University Press. p. 437. ISBN 978-0-19-512718-8. "Ruqayya-Sultan Begam, the daughter of Mirza Hindal and wife of His Majesty Arsh-Ashyani [Akbar], had passed away in Akbarabad. She was His Majesty's chief wife. Since she did not have children, when Shahjahan was born His Majesty Arsh-Ashyani entrusted that "unique pearl of the caliphate" to the begam's care, and she undertook to raise the prince. She departed this life at the age of eighty-four."
- ↑ Lal, Ruby (2005). Domesticity and power in the early Mughal world. Cambridge University Press. p. 205. ISBN 978-0-521-85022-3.
- ↑ Burke, S. M. (1989). Akbar, the greatest Mogul. Munshiram Manoharlal Publishers. p. 142.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedBritannica
- ↑ Black, Antony (2011) (en ۾). The History of Islamic Political Thought: From the Prophet to the Present. Edinburgh University Press. p. 245. ISBN 978-0748688784. https://books.google.com/books?id=Hd1vAAAAQBAJ&dq=akbar+sunni+muslim.
- ↑ Eraly, Abraham (2000). Emperors of the Peacock Throne : The Saga of the Great Mughals. Penguin books. p. 189. ISBN 978-0-14-100143-2.
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اڪبر%20بادشاهه