عبدالواحد آريسر

سنڌي قومپرست اڳواڻ

عبدالواحد آريسر(انگريزي: Abdul Wahid Arisar) (جنم: 11 آڪٽوبر 1949ع ۽ وفات: 3 مئي 2015) ھڪ عالم، ليکڪ، محقق ۽ سنڌي قومپرست سياستدان ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو ھڪ اڳواڻ جيڪو شروع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين [1][2]۽ بعد م جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين رھيو[3] جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سندس بشير خان قريشي سان تمام گهڻا اختلاف ٿي پيا ھئا[4] ھن پوري زندگي سنڌ جي ماڻھن جي قومي حقن لاء پاڻ پتوڙيو.

عبدالواحد آريسر
پيدائش عبدالواحد
11 آڪٽوبر 1949(1949-10-11)
ڳوٺ وَئَورِي، امرڪوٽ
وفات 3 مئي 2015 (عمر 65 سال)
ڪراچي، سنڌ
مدفن ڳوٺ انڙ آباد، عمرڪوٽ
ٻيا نالا آريسر، مولوي عبدالواحد آريسر
تعليم مدرسي جي مولوي واري تعليم
مادر علمي پرائمري اسڪول ساڀو، ڀينڊو شريف، مدرسه ھاشميه سجاول، مدرسة مفتاح العلوم حيدرآباد، شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، اورينٽل ڪاليج حيدرآباد
شھرت جو ڪارڻ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين، عدم تشدد وارو فلسفو
سياسي تحريڪ جيئي سنڌ تحريڪ
جيون ساٿي قيصر
اولاد ھڪ نياڻي (اندرا)

زندگي جو احوالسنواريو

عبدالواحد،آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع[5] تي، ڳوٺ انڙآباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو[6].ڊان اخبار مطابق سندس والدين سرحد پار عزيزن سان ملڻ ويا ھئا تہ ان وقت آريسر جو جنم انڊيا ۾ ٿيو ھو[5]. سندس والد جادو آريسر پيشي جي لحاظ کان ھاري ھيو. ابتدائي تعليم ھن پرائمري اسڪول ساڀو ۾ ۽ پوء، ڀينڊو شريف، ۾ حاصل ڪئي. بعد م مدرسه ھاشميه سجاول ۾ داخل ٿيو، ان بعد مدرسة مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ پوء شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ۽ پوء 1968ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان تعليم مڪمل ڪري[5] مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيائين جيڪو گريجوئيشن جي برابر هو[7]. علامه غلام مصطفي قاسمي پڻ سندس استاد رھيو[5]. سندس شادي قيصر سان ٿي جنھن مان کيس ھڪ نياڻي ڄائي جنھن جو نالو اندرا آهي.

 
پنھنجي جيون ساٿي قيصر سان گڏ
 
پنھنجي نياڻيءَ اندرا سان گڏ


ھي حيدرآباد جي ميمڻ محلي جي مسجد ۾ پيش امام ٿي نماز پڙھائيندو ھو[5]. ڪجھ وقت حيدرآباد جي سلاوٽ محلي م ماڻھن کي ديني تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪيو[5]. حيدرآباد جي ڊومڻ واھ روڊ واري حنفيہ مسجد م خطيب رھيو. 1969ع ۾ جميعت طلباء اسلام ۾ شامل ٿيو ھو[7]. 18 جون 1972 م سائين جي ايم سيد جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وڌو تہ کائنس متاثر ٿيندي ان ۾ شامل ٿي ويو[5]. ھن پيغام رسالي ۾ لکڻ شروع ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي دور م پيغام رسالي تي بندش پئجي وئي[5]. 1973ع م وزير اعليَ ممتاز علي ڀٽو جي دؤر م سندس ڇپيل مضمون "سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور تي " نالي مضمون لکڻ تي سندس خلاف گرفتاري جو وارنٽ جاري ٿيڻ تي ھن مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست شروع ڪئي. ڊسمبر 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي تنظيمي ڪميٽي جو سربراھ يا مرڪزي آرگنائيزر ٿيو ۽ 1990ع تائين ان عھدي تي فائز رهيو[7][5]. ذوالفقار علي ڀٽو جي ء جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ھن مقدمن کي منھن ڏنو ۽ مختلف وقتن تي جيل م رھيو[5]. نواز شريف جي پھرين دور حڪومت م ھي اٺ مھينا گم ڪيل ماڻھن م شامل رھيو. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات بعد ھن بشير خان قريشي، گل محمد جکراڻي، شفيع محمد برفت سان گڏجي جيئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌو جنھن جو ھي ھڪڙو مدو چيئرمين رھيو ان بعد بشير خان قريشي چيئرمين ٿيو ۽ آريسر صاحب ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو[5]. 2006ع م اختلافن پيدا ٿيڻ ڪري جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پنھنجي نالي سان ڌڙو ٺاھي الڳ ٿي ويو[5]. سندس وفات بعد ان ڌڙي جي قيادت اسلم خيرپوري جي ھٿ ۾ آئي.

جيل ياتراسنواريو

ھن پنھنجي زندگي جا جملي پنج سال جيل ۾ گذاريا[7]. پھريون ڀيرو اپريل 1975ع ۾ ٽن مھينن لاء ميرپورخاص جيل م رھيو[7]. وري اپريل 1976ع کان سيپٽمبر 1977ع تائين وري جيل ۾ رھيو[7]. وري آگسٽ 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ مجيب الرحمان ء بنگلاديش جي حمايت م تقرير ڪرڻ جي ڪري گرفتار ٿيو ۽ ٽي سال جيل م رهيو[7]. جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. آڪٽوبر 1992 ۾ کيس گم ڪري نامعلوم ھنڌ تي حراست م رکي پوء مارچ 1993ع ۾ آزاد ڪيو ويو[7]. 11 آگسٽ 1999ع ۾ آخري ڀيرو ھڪ ھفتي لاء جيل ۾ وڌو ويو.

سياسي ۽ ادبي سفرسنواريو

لکڻ جي شروعات ھن مذھبي اسڪول دوران ڪئي ھئي جڏھن ھن 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي م ربيع الاول جا چار چنڊ نالي سان پھريون مضمون لکيو جيڪو ھفتيوار ھمدرد ميرپورخاص ۾ ڇپيو. سندس ٻيو مضمون 1968ع م ماھوار بادل حيدرآباد ۾ ڇپيو جنھن م ھن ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد تي ڪيل مخدوم غلام حيدر صديقي جي ڪيل تنقيد جي جواب ۾ لکيو. تي ڪيل ھي مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت کان. ڏاڍو متاثر ٿيو ھو ۽ ھميشه پنھنجي تقريرن ۾ ان جي قولن جو ذڪر ڪندو هو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو مطابق آريسر صاحب عربي ۽ فارسي جي ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو[5]. آريسر جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. جي ايم سيد سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي. عبدالخالق جوڻيجو مطابق عبدالواحد آريسر پھريون شخص ھيو جنھن جيئي سنڌ تحريڪ کي تعليمي ادارن کان ٻاھر شھرن ۽ ڳوٺن جي گھٽين ۽ محلن تائين پھچايو جنھن سان جيئي سنڌ محاذ جو سياسي بنياد پيو. آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. آريسر پنھنجي زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪَ مولانا ابوالڪلام آزاد، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني کان متاثر رھيو. سندس پھريون ڪتاب 1970ع ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي قولن وارو جواھر آزاد اردو م ڇپيو. 1972ع م ماھوار پيغام جاري ڪيائين.

وفاتسنواريو

آريسر صاحب بڪين جي فيل ٿيڻ ڪري حيدرآباد جي نجي اسپتال م داخل ڪرايو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو[8][9] جتي 3 مئي 2015 تي 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.[10] سندس مڙھ ڪراچي مان انڊيا پاڪستان واري سرحد لڳ ڇوڙ ڪينٽونمينٽ لڳ واقع انڙ آباد وٽ اباڻي ڳوٺ ائوري منتقل ڪيو ويو جتي سومر جي ڏينهن تي قبرستان م سندس تدفين ٿي[5]. ليکڪ واحد ڪانڌڙو سندس سوانح ٿر جو ماڻھو جي عنوان سان لکي[7]. سندس وفات تي سنڌ جي ھر مڪتبه فڪر جي ماڻھن گھري ڏک جو اظهار ڪيو. سندس آخري سفر م ھزارن م سياسي ڪارڪنن، ھمدردن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. ڄام ساقي ڏک جو اظهار ڪندي چيو تہ "آريسر جي وڇوڙي سان مونکي اھا ساڳي دلي تڪليف ٿي جيڪا شيخ اياز جي وڇوڙي ۾ ٿي[7]".

ڇپيل ڪتابسنواريو

عبدالواحد آريسر جا هن وقت تائين 35 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. آريسر جي ٻولي ۾ رهاڻين جو رَس هوندو آهي. سندس تخليق ۾ پوري دنيا جا حوالا شامل هوندا آهن ۽ ڪنهن به اهم نُڪتي کي ثابت ڪرڻ لاء هو ڪيترائي دليل ڏئي سگهي ٿو، اهو وٽس نرالو ڏانء آهي، جيڪو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ صرف ٻن ماڻهن وٽ هو، هڪڙو شيخ اياز ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر. ٻنهي جو نثر ڪمال جو آهي ۽ ٻنهيء لاء نصير مرزا لکيو آهي ته: جديد سنڌي نثر جا باني عبدالواحد آريسر ۽ شيخ اياز آهن.

  1. ربيع الاول جا چار چنڊ (1966)
  2. پرھ جو پيغام (1974:تقريرون)
  3. صدين جون صدائون (1976:تقريرون)
  4. وريا واھرو (1981:لطيفيات)
  5. ٽھڪي نڪتا ٽوھ (1985:مضمون، ڪالم، تبصرا)
  6. سر ۾ سانجھي وير (1979:مضمون)
  7. ماڻهو ميگهه ملهار (خاڪا)
  8. جي. ايم. سيد (1986:شخصيتڻ ۽ فڪر)
  9. وطن پرستي (جائزو)
  10. قومي تحريڪ (جائزو)
  11. قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون (وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو)
  12. ٿي نه محبت مات (1986:عدالتي بيان)
  13. ترم ياترا (جيل ڊائري)
  14. ماڙين ماريس ڪينڪي (جيل ڊائري)
  15. اسان جيئن جيئي ڪو (ٽارچر سيل جي ڪٿا)
  16. مجيب ۽ ڀٽو (1987:شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي زندگي تي تجزيو)
  17. ڇا ته شخص هو (سائين جي. ايم سيد کي ڀيٽا)
  18. مٽي هاڻا ماڻهو (1983: فرانز فينن جي ڪتاب "Wretched of the Earth" جو سنڌي ترجمو)
  19. سِر جي صدا سُر ۾ (تقريرون_تحريرون)
  20. سچ وڏو ڏوهاري (مخدوم بلاول تي نئين نقطه نظر)
  21. رُوح جا ريلا (برسات اخبار ۾ لکيل ڪالم)
  22. رُوداد هڪ رات جي (اسيري جي هڪ رات)
  23. اُميد جو قتل (شهيد بينظير ڀٽو جي قتل تي سياسي نقطه نظر)
  24. زندگي آزادي ۽ محبت (تقريرون_تحريرون ۽ انٽرويو)
  25. ڳچي ڳانا لوھ جا (ٽيئي جيل ڊائريون)
  26. ڪنڌي ٽڙن ڪنول (گڏيل)
  27. کٽڻهار کڙيا (گڏيل)
  28. تاريخ جي جهروڪي مان (گڏيل)
  29. سنڌي سماج جو جائزو (1985:جائزو)
  30. رُڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن (جيل دوران گم ٿيو)
  31. مولانا ابوالڪلام آزاد
  32. شيخ اياز، نياز همايوني ۽ تنوير عباسي (جائزو_اڻڇپيل)
  33. سيد ۽ آئون (اڻڇپيل)
  34. ماهوار پيغام جا ڪيترائي پرچا ڪڍيا، جنهن تي بندش پئي
  35. ويراڳي جي وڃڻا ھا (2015)
  36. ورق ورق تاريخ
  37. باک جو آواز
  38. نئين دؤر جا نوان چار درويش

حوالاسنواريو

  • ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول، ڇپايل: سنڌي ساهت گهر
  • آزادي، زندگي ۽ محبت، ڇپايل: سنجها پبليڪيشن