اندرا گانڌي
اندرا گانڌي | |
---|---|
(هندي ۾: इन्दिरा प्रियदर्शिनी गान्धी) | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (هندي ۾: इन्दिरा नेहरू)،(انگريزي ۾: Indira Nehru)،(انگريزي ۾: Indira Priyadarshini Nehru) |
ڄم | 19 نومبر 1917[1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11][12][13] |
موت | 31 آڪٽوبر 1984 (67 سال)[1][2][3][4][5][6][7][8][10][11][13] نيو دھلي |
رهائش | نيو دھلي |
شھريت | ![]() ![]() |
جماعت | انڊين نيشنل ڪانگريس |
پيءُ | جواهر لال نهرو[14] |
عملي زندگي | |
پيشو | سياستدان[15] |
ڪم جي ٻولي | هندي[16]،انگريزي ٻولي |
دستخط | |
![]() | |
ترميم ![]() |
اندرا گانڌي (Indira Gandhi) ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم، نامياري سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ جي اڪيلي ڌيءَ هئي.
جنمسنواريو
اندرا گانڌي، 19- نومبر 1917ع، الھ آباد (ڀارت) ۾ پيدا ٿي.
تعليمسنواريو
هن پنهنجي تعليم ڀارت، برطانيا ۽ سوئٽزرلئنڊ مان حاصل ڪئي. ان وچ ۾ ڪجهه عرصو بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور جي تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ عملي سياست ۾ حصو ورتائين.
سياستسنواريو
21 سالن جي عمر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي رڪنيت اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي هڪ سرگرم رڪن ۽ پارسي نوجوان فيروز گانڌيءَ سان شادي ڪيائين. 1947ع ۾ ڪانگريس جي عورتاڻي شاخ جي صدر منتخب ٿي. پنهنجي پيءُ جي ديھانت کان پوءِ آزاد هندستان ۾ لال بهادر شاستريءَ جي ڪابينا ۾ واءُ سواءَ واري وزارت (اطلاعات واري وزارت) ۾ پڻ رهي. 1966ع ۾ ڀارت جي پهرين وزيراعظم چونڊجي آئي. 1967ع ۽ 1971ع ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. 1977ع تائين بدستور وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهي. 1972ع ۾ هن ئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ”شمله ٺاهه“ ڪيو. 1971ع ۾ سندس جماعت چونڊن ۾، جنتا پارٽيءَ کان شڪست کاڌي، اهڙيءَ طرح هن 22 مارچ 1977ع تي وزارت عظميٰ جي عهدي کان علحدگي اختيار ڪئي. ان کان پوءِ مٿس بدعنوانين جا ڪيترا الزام لڳا ۽ هوءَ گرفتار پڻ ٿي، پر مٿس الزام ثابت نه ٿي سگهيا. سندس گرفتاريءَ، کيس هڪ دفعو ٻيهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1980ع جي وچ ڌاري ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي؛ ۽ وزيراعظم ٿي ويئي. 1983ع ۾ کيس سکن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 1984ع ۾ هن سکن جي مشهور ڌرمي عبادتگاهه گولڊن ٽيمپل ۾ موجود ڏهڪاءُ پسندن (دهشتگردن) خلاف فوجي ڪاروائي ڪرائي، جنهن تان سک ڏمرجي ٿيا ۽ برصغير جي هن عظيم عورت ۽ باوقار سياستدان کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻه پٽ راجيو گانڌي ۽ سنجي گانڌي هئا. سنجي گانڌي هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته راجيو گانڌيءَ کي 1991ع جي چونڊ مهم دوران، 21 مئي تي قتل ڪيو ويو. اندرا برصغير جي سياست ۾ وڏو مقام رکي ٿي. راجيو گانڌيءَ جي گهر واري سونيا گانڌي سندس ننهن آهي، جيڪا هن وقت سندس پارٽي انڊين نئشنل ڪانگريس (Indian National Congress) جي صدر آهي.[17]
حوالاسنواريو
- ↑ 1.0 1.1 اجازت نامو: CC0
- ↑ 2.0 2.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11904029j — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ 3.0 3.1 SNAC Ark ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6z89jr5 — named as: Indira Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 4.0 4.1 Find A Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/cgi-bin/fg.cgi?page=gr&GRid=6000976 — named as: Indira Priyadarshini Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 5.0 5.1 named as: Indira Gandhi — FemBio ID: http://www.fembio.org/biographie.php/frau/frauendatenbank?fem_id=10695 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Банк інформації про видатних жінок
- ↑ 6.0 6.1 named as: Indira Gándhí — abART person ID: https://en.isabart.org/person/78930 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 7.0 7.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000007272 — named as: Indira Gandhi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 8.0 8.1 https://brockhaus.de/ecs/julex/article/gandhi-indira-priyadarshini
- ↑ Store norske leksikon ID: https://snl.no/Indira_Gandhi — named as: Indira Gandhi — عنوان : Store norske leksikon
- ↑ 10.0 10.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID: https://www.enciclopedia.cat/EC-GEC-0028945.xml — named as: Shrimati Indira Gandhi — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia Catalana
- ↑ 11.0 11.1 Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/22639 — named as: Indira Gandhi — عنوان : Proleksis enciklopedija
- ↑ Hrvatska enciklopedija ID: http://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=21203 — named as: Indira Priyadarshini Gandhi — مصنف: Dalibor Brozović۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute — ISBN 978-953-6036-31-8
- ↑ 13.0 13.1 GND ID: https://d-nb.info/gnd/106198480X — اخذ شدہ بتاریخ: 1 جُونِ 2020
- ↑ http://www.freepressjournal.in/featured-blog/indira-gandhi-was-not-related-to-mahatma-gandhi-heres-how-she-got-the-surname/1172246 — اخذ شدہ بتاریخ: 5 جُولاءِ 2018
- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/106198480X — اخذ شدہ بتاریخ: 10 جُونِ 2020
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11904029j — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
- ↑ اندرا گانڌي : (Sindhianaسنڌيانا)