نصرت ڀٽو

پاڪستان جي اڳوڻي خاتونِ اول

نصرت ڀٽو
 

معلومات شخصيت
ڄم 23 مارچ 1929[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
اصفھان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 23 آڪٽوبر 2011 (82 سال)[2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
دبئي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
وجه موت اڌ رنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
ايران  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
مڙس ذوالفقار علي ڀٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻار مرتضيٰ ڀٽو،بينظير ڀٽو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

نصرت ڀٽو جي شھرت ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻي گھرواري طور آھي۔ ھن جي اولاد بينظير ڀٽو، مرتضي' ڀٽو، شاھنواز ڀٽو، ۽ صنم ڀٽو آھي۔ نصرت ڀٽو نسلاً ايراني صوبي ڪردستان سان تعلق رکي ٿي۔ ڀٽي کي ڦاھي کان بعد پيپلز پارٽي جي سربراھ بہ رھي۔ 1996ع ۾ بينظير جي حڪومتي دور ۾ مرتضٰي جي مارواءِ عدالت قتل کان بعد ذھني توازن وڃائي ويٺي ۽ ان کان بعد مرڻ تائين بينظير جي خاندان سان دبئي ۾ رھي۔ 23 آڪٽبر 2011ع آچر تي دبئي ۾ وفات ڪري وئي۔[3]

نصرت ڀٽو
فائل:N. Bhutto.jpg
سربراھ پيپلز پارٽي
عهدو سنڀاليو
4 april 1979 – 10 january 1983
پيشرو ذوالفقار علي ڀٽو
جانشين بينظير ڀٽو
ذاتي تفصيل
پيدائش مارچ 1929 (عمر 95 سال)
اصفھان, ايران
سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي
جيون ساٿي ذوالفقار علي ڀٽو
ٻار ٻچا بينظير ڀٽو
مرتضي' ڀٽو
صنم ڀٽو
شاھنواز ڀٽو
مذهب اسلام

سياسي سفر سنواريو

بيگم نصرت ڀٽو، ايران جي هڪ نامياري پارسي واپاريءَ، مرزا محمد اصفهانيءَ جي ڌيءُ آهي، سندس والدين پهرين بمبئيءَ ۾ رهندا هئا. بيگم نصرت، جيزز ائنڊ ميري ڪانونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس ڪئي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي نامور سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس شادي ٿي. هوءَ گهريلو سوشل خاتون هئي. جنرل ضياءُ الحق هٿان پنهنجي عظيم مڙس ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاريءَ کان پوءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ خاوند جي گرفتاريءَ خلاف، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪئي. اها پٽيشن بيگم نصرت ڀٽو، چيف آف آرمي اسٽاف جي خلاف ڪئي هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ ذريعي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو، پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن ٿي. ڪيترائي سال پنهنجي گهر ۾ نظربند رهي. 1983ع ۾ يورپ ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت مليس. انهيءَ جلاوطنيءَ واري زماني ۾ سندس ننڍو پٽ شاهنواز ڀٽو فرانس ۾ پراسرار نموني قتل ٿي ويو. نومبر 1987ع ۾، پنهنجي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آئي. بيگم صاحبه، چار دفعا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي چڪي آهي. پهريون دفعو 1977ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تان، ان بعد 1988ع ۾ هڪ ئي وقت چترال ۽ لاڙڪاڻي مان، بعد ۾ 1990ع ۽ 1993ع ۾ ٻه دفعا لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. 1996ع جي چونڊن ۾ مير مرتضيٰ جي قتل، ضعيفيءَ ۽ مستقل بيماريءَ سبب حصو نه ورتائين. پيپلزپارٽيءَ جي چيئرپرسن جو عهدو به پنهنجي ڌيءُ بينظير کي ڏئي، پاڻ گوشه نشين ٿي وئي. بيماريءَ جي حالت ۾ عرب امارات جي گاديءَ واري هنڌ دبئيءَ ۾ رهائش پذير هئي. 23 آڪٽوبر2011 ۾ وفات ڪيائين، کي ڳڙهي خدابخش ۾ ڀٽن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[4]

  1. Begum Nusrat Bhutto — شائع شدہ از: The Daily Telegraph — شائع شدہ از: 1 نومبر 2011
  2. Nusrat Bhutto, doyenne of MRD, dies at 82 — شائع شدہ از: دي ايڪسپريس ٽربيون — شائع شدہ از: 23 آڪٽوبر 2011
  3. "Pakistan Peoples Party (Shaheed Bhutto)". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-03-14. 
  4. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پھريون.