بردو سنڌي
بردو سنڌي موجوده دور جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. کيس خاص ڪري گيت جي صنف ۾ ڪمال حاصل هو. هن جو اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري هو. هن ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾، 15 مارچ 1922ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم دوران شاعري ڪيائين، جيڪا پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ترڪ ڪيائين، ۽ 1954ع ۾ پنهنجي دوست ’نظر سنڌي‘ مرحوم نوابشاهه واري جي صحبت ۾ ٻيهر شاعري شروع ڪيائين. آبداريءَ جو امتحان ڏئي، نوابشاهه جي مختيارڪاريءَ ۾ ملازمت ڪيائين ۽ هميشه لاءِ نوابشاهه ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”اکڙيون ميگهه ملهار“ ۽ ”بوندون بس نه ڪن“ ڇپيل آهن. ”اکڙيون ميگهه ملهار“ تي پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان کيس هڪ هزار رپيا انعام طور ڏنا ويا. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه شايع ڪيو هو. سندس ٻيو شعري مجموعو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ”بوندون بَس نه ڪن“ عنوان سان شايع ڪيو. بردي سنڌيءَ، سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. هن 26 آڪٽوبر 1988ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ وفات ڪئي. سندس سموري سنڌي، سرائيڪي ۽ ترجمو ٿيل شاعري تاج جويي ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪئي آهي، جيڪا ڇپائيءَ هيٺ آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.