عبدالحميد ميمڻ عرف حميد سنڌي(انگريزي: Hameed Sindhi )سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالحميد ولد محمد اسماعيل ميمڻ آهي. هن 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.

عبدالحميد ميمڻ
حميد سنڌي
ذاتي تفصيل
پيدائش 12 آڪٽوبر 1939ع
نوشهرو فيروز
وفات 03 جنوري 2020ع
حيدرآباد
اعزاز ڪهاڻين جي مجموعي ’ويرون‘ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي ڄامشوري طرفان ايوارڊ (1981ع)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ’شاهه عبداللطيف اوارڊ‘؛ نئشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ’راڻا جي رجپوت‘ تي اوارڊ (1995ع)، پاڪستان سرڪار طرفان 23 مارچ 1990ع تي ’تمغه امتياز‘ اوارڊ، ۽ 28 آگسٽ 1993ع تي صدارتي ’اعزاز فضيلت‘

تعليم سنواريو

پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن ’زرعي اقتصاديات‘ جي مضمون ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي ڪئي.

ملازمتون سنواريو

61- 1960ع ڌاري وليج ايڊ کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختلف ڪوآپريٽوِ توڙي ڪمرشل بئنڪن ۾ 1966ع تائين آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1966ع کان 1970ع واري عرصي ۾ وڪالت ڪيائين. بعد ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني ڪنٽرولر، رجسٽرار ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (سنڌالاجي) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪجهه عرصو تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي پرنسپال طور ذميواريون سنڀاليائين. سندس انتظامي تجربي کي آڏو رکندي حڪومت کيس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. انهيءَ پد تي 1995ع تائين رهيو. 1996ع ۾ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم؛ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمئن ۽ 1997ع کان 1998ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. هو ڪجهه عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمئن به رهيو.

ادبي سفر سنواريو

ملازمت دوران علمي ادبي ڪم به جاري رکندو آيو ۽ ڪهاڻين لکڻ سان گڏ پنهنجي قائم ڪيل ’بزم روح رهاڻ‘ جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻيون، مشاعرا وغيره منعقد ڪندو رهيو. ادبي مخزن ’روح رهاڻ‘ جاري ڪيائين، ان سان گڏ ’مارئي‘ ۽ ’لطيف ڊائجسٽ‘ جو ايڊيٽر ۽ ’نئين زندگي‘ مخزن جو صلاحڪار به رهيو آهي.

لاڳاپا سنواريو

حميد سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ، مالياتي ڪميٽي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر به رهيو. تعليمي بورڊ سکر؛ حيدرآباد؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري؛ پبلڪ اسڪول سکر؛ فيڊرل سوشل ايڪشن پروگرام اسلام آباد؛ سنڌ ڪائونسل آف اسڪائوٽس وغيره جي انتظامي بورڊن جو ميمبر ۽ سچل اڪيڊمي خيرپور جو چيئرمئن به رهيو آهي. هو ’روح رهاڻ‘ مخزن جاري ڪرڻ کانسواءِ ’بزم روح رهاڻ‘ جون محفلون منعقد ڪندو رهي ٿو. هيءُ هن وقت قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

ايوارڊ سنواريو

حميد سنڌيءَ کي علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترا اوارڊ/ اعزاز به مليا جن ۾: ڪهاڻين جي مجموعي ’ويرون‘ تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي ڄامشوري طرفان اوارڊ (1981ع)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ’شاهه عبداللطيف اوارڊ‘؛ نئشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان ڪتاب ’راڻا جي رجپوت‘ تي اوارڊ (1995ع)، پاڪستان سرڪار طرفان 23 مارچ 1990ع تي ’تمغه امتياز‘ اوارڊ، ۽ 28 آگسٽ 1993ع تي صدارتي ’اعزاز فضيلت‘ شامل آهن.

تصنيفون سنواريو

حميد سنڌيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾:

  • (1) سيمي (ڪهاڻين جو مجموعو)
  • (2) اداس واديون (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)
  • (3) ويرون (ڪهاڻيون: ٽي ڇاپا)
  • (4) راڻا جي رجپوت (ڪهاڻيون: ٻه ڇاپا)
  • (5) جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (ڪهاڻيون)
  • (6) سوني زنجير (جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو)
  • (7) سوکي ڌرتي (اردو ڪهاڻيون)
  • (8) آري اچن شال (سچل سرمست تي تحقيقي مقالا، ترتيب)
  • مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون (ترتيب) شامل آهن.

مقالا سنواريو

حميد سنڌي هر سال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ مختلف سُرن تي پيش ٿيل تحقيقي مقالن جو مرتب رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾: (1) سر ليلان چنيــسـر، (2) سـر گهاتـو، (3) سـر ڪـاموڏ، (4) سر مارئي، (5) سر ڪاپائتي، (6) سر بلاول، (7) سر رامڪلي، (8) سر کاهوڙي، (9) سر ڪارايل، (10) سر بروو، (11) سر سارنگ وغيره ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. [1]

وفات سنواريو

سنڌ جي هن انمول انسان 03 جنوري 2020ع تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس نوشهروفيروز جي ميان در سلطان قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو[2].

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  2. "Academician, writer Abdul Hameed Sindhi passes away". Daily Dawn, Karachi. https://www.dawn.com/news/1526101/academician-writer-abdul-hameed-sindhi-passes-away. Retrieved 4th January 2020.