تاج صحرائي
تاج صحرائي انگريزي ٻولي (Taj Sahrai) (پيدائش:11 سيپٽمبر 1921ع-وفات: 28 آڪٽوبر 2002ع)[1] سنڌ، پاڪستان جو مشهور محقق، مؤرخ ۽ اديب هو. هن تاريخ، قديم آثارن ۽ ادب بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا. کيس ادبي خدمتن عيوض حُڪومت پاڪستان پرائيڊ آف پرفارمنس جي تمغي جو اعزاز بخشيو.[2]
تاج صحرائي Taj Sahrai | |
---|---|
پيدائش | تاج محمد ميمڻ سيپٽمبر 11 1921 شڪارپور، شڪارپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان |
وفات | 28 آڪٽوبر 2002 (عمر 81 سال) دادو |
قلمي نالو | تاج صحرائي |
ڌنڌو | استاد ، محقق، مورخ |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم اي بي ٽي |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
صنف | مضمون ، مقالا |
موضوع | تاريخ |
مُکيه ڪم | سنڌُو تهذيب The Lake Manchar |
ايوارڊ | بهترين ليکڪ، تمغه حسن ڪارڪردگي، 1991ع |
زندگي ۽ تعليم
سنواريوتاج صحرائي جو پورو نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ هو. هيءُ 11 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائيمري تعليم شڪارپور شهر ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ تاج صحرائي جي خاندان دادو شهر رهائش اختيار ڪئي. هن بي.اي ۽ بي.ٽي جي تعليم حاصل ڪئي. 1952ع ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو ۽ 1968ع ۾ دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لئبرري جي بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. طالب المولى هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر طور رٽائر ٿيو. تاج صحرائي شهباز ميلا ڪاميٽي ضلع دادو جو آخري دم تائين ڪنوينر رهيو. هن دادوءَ ۾ تعليم ۽ علم کي فروغ ڏيڻ لاءِ دادو ۾ ڪتاب گهر کوليو. هن لکڻ جي شروعات 1940ع کان ڪئي. سندس انگريزي توڙي سنڌي ۾ ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب شيع ٿيل آهن. تاج صحرائي جا مضمون درسي ڪتابن ۾ پڻ شامل آهن. کيس مڃتا طور حُڪوتت پاڪستان 1991ع ۾ پرائيڊآف پرفارمنس جو ايوارڊ ڏنو[2].
ڪتاب
سنواريوسندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هيءُ آهن:
1، تصور درد 1946ع
2، سُر سارنگ جو مطالعو 1956ع
3، سنڌو تهذيب 1989ع
4،پَڻِي لوڪ 1996ع
5، گورک چوٽي 1996ع
6، ليڪ منڇر، سنڌي ادبي بورڊ، 1997ع[3]
7، نيڻن ننڊ اگُهور 2002ع
وفات
سنواريوتاج صحرائي 28 آڪٽبر 2002ع ۾ دادو ۾ وفات ڪئي.