مک مينيو کوليو

30 سيپٽمبر 1988ع تي سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ هڪ قيامت جو منظر پيش ڪندڙ واقعو پيش آيو. جنهن ۾ اٽڪل 250 کان مٿي راهه ويندڙ بيگناهه ماڻهو ڪجهه منٽن جي اندر موت جي ور چڙهي ويا. مرڻ وارن کي خبر ئي نہ پئي تہ انهن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ملي. مرڻ وارن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف فرقن، مذهبن ۽ ٻولين سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو شامل هئا. انهي قيامت اتي بس نہ ڪئي پر ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر 1988ع تي صبح جو سوير ڪراچي ۾ ساڳئي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، انهي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو پنهنجي زندگي بيگناھ وڃائي ويٺا. ٻئي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ ناڪاري ۽ ڪارا ڏينهن آهن انهن واقعن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگي تي ڏاڍا ناڪاري اثر وڌا.

ان وقت سنڌ ۾ هڪ قوت سنڌ قومي اتحاد (Sindh Qaomi Itihaad) جي نالي سان اڀري رهي هئي، 20 مئي 1988ع تي سنڌ قومي اتحاد جو جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ بنياد رکيو ويو ۽ عبدالحميد جتوئي کي ان جو صدر مقرر ٿيو. سنڌ قومي اتحاد ۾ نہ رڳو قومپرست ڌريون شامل هيون، پر ان وقت سنڌ جون هڙئي مُکيہ سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ هر زبان ۽ نسل جا سنڌ دوست ماڻهون پڻ شامل هئا. سنڌ قومي اتحاد جي ٺھڻ کان پوء حيدرآباد ۾ ڪجھ واقعا ڏاڍي تيزي سان ٿيا. سنڌي شاگردن جو هڪ جلوس قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي ڄامشورو کان حيدرآباد آيو ۽ نعرا هڻندو اولڊ ڪئمپس ڏانهن وڃي رهيو هو جو اوچتو اسٽيشن روڊ تي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيس مان بسن تي فائرنگ ڪئي وئي. ان وقت حيدرآباد جو ميئر ايم ڪيو ايم سان لاڳاپو رکندڙ افتاب احمد شيخ هو. انهي واقعي جي ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ اڃان ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڪجھ سياسي ۽ سماجي ڌرين جي وچ ۾ پوڻ تي سنڌ قومي اتحاد ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڳالهيون ٿيون، اهي ڳالهيون لطيف آباد ۾ سينيٽر اعجاز جتوئي جي بنگلي تي ٿيون. سنڌ قومي اتحاد جي طرفان عبدالحميد جتوئي اعجاز جتوئي، شاھ محمد شاھ، عبدالواحد آريسر، عرفان مهدي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا سنڌ قومي اتحاد طرفان هيٺيون ڳالهيون رکيون ويون.

  • حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ کي هٽائڻ
  • گاڏي کاتي چوڪ (حيدر چوڪ) تي ايم ڪيو ايم (MQM) طرفان لڳايل الطاف حسين جون تصويرون ۽ بينئر هٽائڻ
  • ايم ڪيو ايم طرفان جلسي عام ۾ سنڌين کان معافي وٺڻ

مليل ڄاڻ موجب ايم ڪيو ايم جي وفد ميئر جي مسئلي تي پارٽي سان ڳالهائڻ لاء وقت گهريو. ڳالهيون هلندي جيئي اسٽوڊنٽس فيڊريشن (Jeay Sindh Students' Federation) جو نمائيندو عرفان مهدي ٻاهر هليو ويو ۽ موٽي اچي چيائين تہ جيڪو بہ فيصلو ڪرڻو آهي هتي ڪيو ۽ اڄ ڪيو. اسان وڌيڪ وقت ڏيڻ لاء تيار نہ آهيون، انهي تي ايم ڪيو ايم جي وفد پنهنجي مجبوري ڏيکاري ۽ ڳالهيون بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون. 17 جولاء 1988ع تي آفتاب شيخ تي حملو ٿيو، پر هو بچي ويو ۽ انهي ڏينهن حيدرآباد مان 8 سنڌين جا لاش حيدرآباد کان ٻاهر ويا ۽ ائين اها ڇڪتاڻ وڌندي رهي. 22 جولاء تي جي ايم سيد سنڌ ۾ امن امان هي خراب صورتحال تي ڳالهائيندي چيو تہ اها حڪومت جي ناڪامي آهي ۽ انهي لاء حڪومت ۽ الطاف ٻئي ذميدار آهن. انهي بيان اچڻ کان پوء ٻئي ڏينهن الطاف حسين جي ايم سيد سان ملڻ لاء پاڻ حيدر منزل آيو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ غلط فهمين کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻن وڏن جي ملاقات بہ سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ نہ روڪرائي سگهي ۽ نيٺ 30 سيپٽمبر جو واقعو پيش آيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌ جي ٻن آبادين جي وچ ۾ قومي هڪجهڙائي (اهم آهنگي) ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي. انهي واقعي لاء ڪير ذميدار آهي. ان لاء يقين سان ڪجھ نٿو چئي سگهجي، پر ان زماني جي ڄاڻو ۽ باخبر صحافتي حلقن ان جو ذميوار قادر مگسي ۽ الطاف حسين جو ايجنسين جي هٿان کيڏجي وڃڻ ڄاڻايو هو. [1] [2]

ٽيهه سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر وارن ٿيل انهن ڏکوئيندڙ واقعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جي مشهور صحافي ۽ شاعر حسن مجتبا پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجو ڏک هن ريت ونڊيو هو.



ٽيهه سيپٽمبر فرسٽ‌ آڪٽوبر
ڪائي ڳالهه خوشِي جي ناهن
ڄڻ‌ جيون کي گاريون آهن
۽‌ ماڻهو کي ڀونڊا آهن
هي، هو، قومي هيرا ناهن
غونڊا آهن۔
حسن مجتبا


مني هولوڪاسٽسنواريو

بي بي سي اردوءَ جي بلاگر حسن مجتبا، بي بي اردو ويبسائيٽ تي لکيو آهي ته، 30 سيپٽمبر جي ان شام اڃان بتيون ٻرڻ واريون ئي هيون جو بجلي هلي وئي. ڏسڻ وارن ڏٺو ته تيزي سان ايندڙ ڪارن ۾ ويٺل هٿياربندن ڪلاشنڪوفن ۽ رائيفلن سان ماڻهن تي گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏنيون. اها ڏهڪائيندڙ ڪاروائي سڄي حيدرآباد شهر جي مختلف هنڌن تي هڪ ئي وقت ڏاڍي منصوبابنديءَ سان سرانجام ڏني وئي. هن واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن مان ڪجهه ٻڌايو ته ريشم گهٽي ۽ ٻين هنڌن تي انهن ٻن ٻن ڪلاشنڪوف بردارن کي ڪارن مان لهي پُٺ سان پُٺ ملائي عام راهه ويندڙ ماڻهن تي گوليون هلائيندو ڏٺو هو. رپوٽ جي مطابق لڳ ڀڳ اڍائي سئو کان وٺي ٽي سئو تائين بي گناهه انسان ماريا ويا. توڙي جو ٻئي ڏينهن اها خبر رڳو روزآني جنگ ۾ آئي هئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هيو ته حيدرآباد جي ٽيهه سيپٽمبر واري قتل عام ۾ قادر مگسي ۽ سندس ساٿي شامل آهن. پر اڻڄاتل ذريعن مطابق اها ڳالهه 30 سيپٽمبر واري شام ئي حيدرآباد جي سنڌي وسندين ۾ پکڙجي چڪي هئي ته اها ڪاروائي اصل ۾ ڪنهن ڪئي آهي. الزام طور ان قتل عام ۾ شامل جن ماڻهن جا نالا ورتا ويا هئا انهن ۾ قادر مگسي، جانو آرائين، نور جان مگسي، حسن چانڊيو، لائق چانڊيو ۽ ٻين جا نالا پڻ شامل هئا.

پهرين آڪٽوبر تي ٿيل سنڌي جو قتل عامسنواريو

چيو وڃي ٿو ته ٽيهه سيپٽمبر جي واقعو ٿيڻ کانپوءِ رات جو الطاف حسين جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو اجلاس ٿيو هو، جيڪو حيدرآباد واري واقعي جي جواب ۾ پيدا ٿيندڙ ردعمل کي روڪڻ لاءِ سڏايو ويو هو، پر الطاف حسين جي سمجهائڻ ۽ ردعمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي صلاح جي باوجود ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ ڪٽرپسندن جي زور ڀرڻ تي نيٺ ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر تي ردعمل ڏيڻ جي مجبورن منظوري ڏني وئي. جوابي ڪاروائي طور ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر تي ايم ڪيو ايم ۽ ٻين مهاجر هٿياربند گروپن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ چونڊي چونڊي لڳ ڀڳ اسي کان وٺي سئو تائين سنڌين کي قتل ڪيو. جنهن جو لزام ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سليم شهزاد ۽ اشفاق چيف تي لڳو هو ته انهن جي هدايتن هيٺ پهرين آڪٽوبر جي ڪاروائي ٿي هئي. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ بيگناهه انسانن جو ٿيل اهو قتل عام ڪنهن به صورت مني هولوڪاسٽ کان گهٽ نه هو. [3]

حوالاسنواريو

  1. چيتاري چيام آتم ڪٿا ، ليکڪ؛ انجنيئر اوڀايو خشڪ
  2. علمي دنيا گروپ جي ٿورن سان
  3. جس روز شهر ڪا قتل هئوا، حسن مجتبا پاران بي بي سي اردو، لنڊن