پاڪستان پينل ڪوڊ
پاڪستان پينل ڪوڊ: پاڪستان جو تعزيري ضابطو: ضابطہ تعزیرات پاکستان:تعزيرات پاڪستان: Pakistan Penal Code:
پاڪستان پينل ڪوڊ جو پراڻو نالو انڊين پينل ڪوڊ آھي.1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو نالو تبديل ڪري پاڪستان پينل ڪوڊ رکيو ويو. ھي ڪوڊ برٽش انڊيا جي سرڪار ايڪٽ نمبر 45 ذريعي 6 آڪٽوبر 1860 ۾ لاڳو ڪيو ويو.ھن وقت ھي ڪوڊ سموري پاڪستان تي لاڳو آھي.[1]
تاريخ
سنواريوھن ڪوڊ لارڊ ميڪائولي(Lord Macaulay) جو لکيل آهي. برٽش انڊيا جي ڪمپني سرڪار ملڪ اندر قانون سازي لاء پھرين لا ڪميشن لارڊ ميڪائولي جي سربراهي ۾ جوڙي ھئي جنھن جا ميمبر ميسرز ميڪليئوڊ (Messrs MacLeod), اينڊرسن (Anderson) ۽ مليٽ (Millett) ھيا. ڪميشن ڊرافٽ 1837 ۾ انڊيا جي گورنر جنرل جي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو جيڪو نظرثاني لاء سر بارنز پيڪاڪ (Sir Barnes Peacock) ۽ ٻين جي آڏو پيش ڪيو ويو نيٺ 1850 ۾ ان کي مڪمل ڪري 1856 ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 6 آڪٽوبر 1860 ۾ لاڳو ڪيو ويو.اھڙي طرح ھن ڪوڊ جو ڊرافٽ 1937 ۾ تيار ٿيڻ جي باوجود ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار 23 سال جي عرصي بعد لاڳو ڪيو.[2]
ڪوڊ جو جائزو
سنواريوھن ڪوڊ جا اصل سيڪشن يا قلم 511 آھن جن ۾ وقت بہ وقت ترميمن ذريعي ڪمي بيشي ٿيندي رھي آھي.اصل بابن (Chapters) جو تعداد 23 آهي جن ۾ بہ وقت بہ وقت ڪمي بيشي ترميمن ذريعي ٿيندي رھي آھي.
تعارف
سنواريوھي ڪوڊ جو پھريون باب آھي .ھن باب ۾ ڪوڊ جو تعارف ڏنل آهي۽ ان ۾ پنج قلم يا سيڪشن آھن. پھريون قلم تمھييد (preamble) متعلق آھي جنھن مطابق ھي قانون ملڪ جو ھڪ عام تعزيري يا سزائن وارو قانون آھي.قلم 2 مطابق ھي قانون پوري پاڪستان ۾ لاڳو ٿيل آهي.قلم 3 پاڪستان کان ٻاهر ڏوھ ٿيڻ جي صورت ۾ ڏوھاري خلاف پاڪستان ۾ مقدمو ھلائڻ بابت آھي. ھر ملڪ جو بحري جھاز ان ملڪ جو ترندڙ ٻيٽ تصور ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ ملڪ جو قانون لاڳو ٿئي ٿو . جيڪڏهن پاڪستان جو بحري جھاز يورپ جي ڪنھن ساحل لڳ موجود ھجي ۽ ان تي جيڪڏهن ڪو ڏوھ ٿيندو تہ ان ڏوھاري تي پاڪستان جو ھي قانون لاڳو ٿيندو ۽ اھو ڏوھ پاڪستان جي حدن اندر تصور ڪيو ويندو ۽ مقدمو پاڪستان جي عدالت ۾ ھلندو.قلم 4 مطابق ھي قانون پاڪستان جي ھر ملازم تي لاڳو ٿئي ٿو پوء کڻي اھو پاڪستان ۾ ھجي يا پاڪستان کان ٻاهر ان سان ڪو فرق نہ ٿو پئي. قلم 5 مطابق ھن عام قانون جي لاڳو ٿيڻ سان ٻيا خاص قانون متاثر نہ ٿيندا.
عام تعريفون
سنواريوھي ڪوڊ جو ٻيون نمبر باب آھي جنھن ۾ قلم 6 کان 52 تائين مختلف لفظن جون قانوني تعريفون بيان ڪيل آھن.جن ۾ قلم 16,13,15,۽ 18 منسوخ ٿي چڪا آھن ۽ قلم 52A اضافي شامل ڪيو ويو آهي. ھن باب ۾ جنس، تعداد، شخص، عورت، مرد، رياست جو ملازم، جج، ڪورٽ آف جسٽس، پبلڪ سرونٽ، منقولہ ملڪيت، ناجائز فائدو، ناجائز نقصان، بي ايماني، دوکي، جعلسازي، دستاويز، ملھ واري سيڪيورٽي، عمل ، ڪوتاھي ۽ ٻين لفظن جون قانوني تعريفون بيان ٿيل آھن.
سزائون
سنواريوھي ڪوڊ جو ٽيون باب آھي جنھن ۾ قلم 53 کان قلم 75 تائين قلم شامل آهن، جن مان قلم 56,58,59,61 ۽ 62 منسوخ ٿي چڪا آهن.قلم 55A ان ۾ شامل ڪري اضافو ڪيو ويو.ھن باب ۾ قلم 53 مطابق پاڪستان ۾ ڏھ قسم جون سزائون ڏئي سگھجن ٿيون جن ۾ قصاص، ديت، ارش، ضمان، تعزير، موت جي سزا، عمرقيد، قيد بامشقت يا بغير مشقت، ملڪيت جي ضبطگي ۽ ڏنڊ جون سزائون شامل آهن.قلم 54 تحت مرڪزي يا صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ ڪنھن بہ ڏوھاري جي موت جي سزا کي ڪنھن بہ ٻي قانوني سزا ۾ تبديل ڪري سگھي ٿي. پر خون جي ڏوھاري جي موت جي سزا حڪومت مقتول جي وارثن جي رضامندي کانسواءِ نہ ٿي بدلائي سگھي.قلم 55 مطابق صوبائي حڪومت کي اختيار آهي تہ عمر قيد جي سزا کي 14 سالن جي قيد جي سزا ۾ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي.1972 جي قانوني سڌارن ۾ قلم 55A شامل ڪري صدر کي خاص اختيار ڏنو ويو تہ ھو ڪنھن بہ ڏوھاري جي سزا معاف ڪري يا گھٽائي يا ختم ڪري سگھي ٿو .1997 ۾ ترميم ڪري قصاص ۽ ديت جي ذمري يا باب 16 ۾ ڏيکاريل ڏوھن جي ڏوھاري جي سزا معاف ڪرڻ يا ختم ڪرڻ يا تبديل ڪرڻ جي ان خاص اختيار کي مقتول ي جي وارثن ۽ ڏوھ جي شڪار شخص جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو.قلم 57 تحت عمر قيد جي سزا 25 سال قيد جي سزا جي برابر قرار ڏني وئي. قلم 63 مطابق جتي ڏنڊ جي سزا ۾ ڏنڊ جي رقم قانون نہ ڏني آھي اتي ڏنڊ جي رقم لامحدود سمجھي ويندي پر اھو خيال ھجڻ کپي تہ ان ڏنڊ جي رقم وڏي رکڻ سان ڪا زيادتي بہ نہ ٿئي.
عام استثنائون
سنواريوڪوڊ جو باب چوٿون ڏوھن بابت عام استثنائن جي باري ۾ آهي جنھن ۾ 76 کان وٺي 106 تائين قلم شامل آھن.ھنن قلمن کي فوجداري قانون جي بنيادي متن (maxims) ۽ اصولن (principles) تحت جوڙيو ويو آھي ۽ 1860 کان وٺي انھن ۾ ڪا بہ ڦيرڦار نہ ٿي آھي. استثنا جو مطلب آھي ڇوٽ. ڏوھن ۾ استثنا جو مطلب آھي تہ استثنا وارو شخص ڄاڻايل ڏوھ ڪري تہ ان کي ڏوھاري نہ سمجھيو ويندو نہ وري ان ڏوھ جي کيس سزا ملندي.استثنا جن اصولن جي بنياد تي ڏني وئي آھي اھي پوري دنيا ۾ مڃيل آھن . قلم 76 مطابق ڪوبہ عمل جنھن جي ڪرڻ لاء ڪوئي قانون تحت پابند آھي ان جي ڪرڻ جي نتيجو جيڪڏهن ڪوڊ ۾ ڄاڻايل ڪنھن ڏوھ ۾ اچي ٿو تہ عمل ڪندڙ کي ان ڏوھ کان استثنا آھي.مثال ڪو سپاھي پنھنجي بالا آفيسر جي حڪم تحت فسادي ھجوم تي فائر ڪري ٿو تہ ان سپاھي کي استثنا ملندي. اھڙي عمل ۾ جيڪڏهن ڪا حقيقت ۾ غلطي بہ ٿئي تہ بہ ڇوٽ برقرار رھندي سواءِ تڏهن جو اھا غلطي قانون جي ھجي.قانوني غلطي سان ڇوٽ ختم ٿي ويندي.قلم 77 مطابق ھر جج کي عدالتي ڪم ڪرڻ دوران نيڪ نيتي سان ٿيل غلطي جيڪا ھن ڪوڊ جي ڪنھن ڏوھ ۾ شمار ٿئي تہ کيس ان ڏوھ کان استثنا مليل آهي.قلم 78 مطابق ڪورٽ جي ڪنھن بہ حڪم يا فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ جيڪڏهن ڪو اھڙو عمل ٿي وڃي جيڪو ھن ڪوڊ مطابق ڏوھ جي ذمري ۾ اچي تہ ان جي استثنا آھي.قلم 79 مطابق جيڪڏهن ڪو بہ ماڻھو اھڙو عمل ڪري جنھن جو قانوني جواز ھجي پر ان ڪرڻ سان ڪوڊ جي ڪنھن ڏوھ جي ذمري ۾ اچي تہ ان ماڻهوءَ کي استثنا ملندي. مثال A ڏسي ٿو تہ Z خون ڪيو آهي ۽ A ان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري تہ ان پڪڙڻ جي عمل ھر ڏوھ جھڙو ڪم استثنا ۾ اچي ويندو.قلم 80 مطابق جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ جو عمل حادثاتي يا بدقسمتي ذريعي ٿئي ۽ ان ٿيڻ کان اڳ ان عمل ڪرڻ جو نہ ان جي مجرماڻي نيت ھجي نہ وري کيس ڄاڻ ھجي پر اھو اتفاقن ٿئي تہ اھو عمل استثنا ۾ ايندو.مثال ڪوئي ماڻھو ڪھاڙي سان وڻ وڍيندو ھجي ۽ اچانڪ ڪھاڙي جو مٿو ڳن مان نڪري ڪنھن ماڻھوءَ کي لڳي ۽ اھو زخمي ٿئي يا مري پئي تہ وڻ وڍيندڙ کي استثنا ملندي ڇوتہ ايئن ٿيڻ صرف حادثي ۽ قسمت جي ڪري سمجھيو ويندو.قلم 81 مطابق ڪوبہ ڪم ڀلي سوچي سمجھي ڪيو وڃي جنھن سان ڪنھن ٻئي کي نقصان ٿئي يا ٻئي کي نقصان پھچڻ جو انديشو ھجي، جيڪڏهن ايئن ڪرڻ ۾ ڪا مجرماڻي نيت شامل ناھي ۽ اھو عمل ڪنھن ٻئي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيو وڃي تہ ان عمل ڪندڙ کي استثنا ھوندي. مثال اگر ڪٿي ڪا باھ لڳي ٿي ۽ اھا ڦھلجڻ شروع ڪري ٿي تہ ان باھ کي اڳتي روڪڻ لاءِ اگر ڪنھن جو گھر ڊاٿو وڃي ٿو تہ استثنا ۾ اچي ويندو.قلم 82 مطابق ستن سالن کان گھٽ عمر جي ٻار کي ھر ڏوھ ۾ ايندڙ فعل ڪرڻ تي استثنا آهي.قلم 83 مطابق ھر ٻار جنھن جي عمر ستن کان ٻارھن سالن تائين آھي ۽ ان ۾ سوچ سمجھ جو فقدان ھجي تہ کيس استثنا ملندي. قلم 84 مطابق ذھني طور تي پاڳل کي ھر ڏوھ ۾ استثنا آهي.قلم 85 ۽ 86 جيڪڏهن ڪنھن کي ان جي مرضي جي خلاف نشو ڏنو ويو ھجي ۽ نشي واري حالت جنھن ۾ ھو سمجھ جي قابل نہ رھي ۽ ان کان ڪو ڏوھ ٿي وڃي تہ کيس استثنا ملندي.قلم 87 مطابق جيڪڏهن ڪو 18 سال يا وڏي عمر وارو پنھنجي مرضيءَ سان ٻئي کي ڪنھن اھڙي عمل جي اجازت ڏني ٿو جنھن سان کيس نقصان بہ ٿي سگھي ٿو ۽ جي کيس نقصان رسيو تہ نقصان پھچائڻ واري کي استثنا ملندي. ھي قلم راندين متعلق آھي. جيڪڏهن ڪنھن رانديگر کي ٻئي رانديگر ھٿان ڪو ڌڪ لڳي ويو تہ اھو ڏوھ جي ذمري ۾ نہ ايندو. قلم 88 مطابق اھڙو عمل جنھن جي ڪرڻ ۾ مارڻ يا نقصان پھچائڻ جي نيت نہ ھجي ۽ جنھن کي نقصان ٿيو ھجي ان جي فائدي لاءِ ان جي مرضي سان ڪيو ويو ھجي تہ استثنا ۾ ايندو. ھي استثنا گھڻي ڀاڱي ڊاڪٽرن جي تحفظ لاءِ آھي . ڊاڪٽر آپريشن ڪرڻ وقت مريض کي بچائڻ يا فائدو ڏيڻ جي نيت رکندو آهي ۽ مريض جي رضامندي سان ڪندو آھي پر جي ان سان ڪو مريض کي نقصان ٿي پئي تہ ڏوھ نہ چئبو.قلم 89 مطابق جيڪڏهن مريض ٻار آھي ۽ ان جي آپريشن وغيره جي اجازت ان جي فائدي لاء سندس پيءُ يا سنڀاليندڙ ڏئي تہ نقصان جي صورت ۾ پيء يا سنڀاليندڙ کي استثنا ملندي.قلم 90 مرضي بابت آھي تہ ڪنھن بہ ماڻھو جي خوف ۽ ڌوڪي سان ورتل مرضي جي قانوني حيثيت ناهي ،ساڳي طرح ذھني طور تي مفلوج ماڻھو يا ٻار جي مرضي جي بہ ڪا قانوني حيثيت ناهي.قلم 91 مطابق بہ لفظ مرضي جي باري ۾ وضاحت متعلق آھي. قلم 92 مطابق ڪوبہ عمل ڪنھن ماڻھوءَ جي مرضي کانسواءِ ڪجي تہ جيئن کيس عمل ڪندڙ ڪا ڀلائي ڪري ۽ جي ان عمل سان ڪو نقصان ٿئي تہ استثنا ۾ ايندو. مثال ڪو ماڻهو گھوڙي تان ڪري بيھوش ھجي ان جي جان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر مرضي وٺڻ کانسواءِ سرجري ڪري تہ نقصان جي صورت ۾ ڊاڪٽر کي استثنا ملندي.قلم 93 مطابق اھڙي گفتگو جنهن ۾ نيڪ نيتي ھجي تہ ان سان ڪنھن بہ نقصان تي استثنا ھوندي. مثال ڊاڪٽر مريض کي ٻڌائي ٿو تہ کيس ڪينسر آھي ۽ بچڻ جو امڪان ڪانھي ۽ جي ان گفتگو جي ڪري صدمي ۾ اھو مري وڃي تہ ڊاڪٽر کي استثنا ملندي.قلم 94 تحت خون يا موت جي سزا واري ڏوھن کان سواءِ ڪوبه ڏوھ ڪنھن ماڻھوءَ کان مارڻ جي خوف وغيره ۾ وجھي ڪرايو وڃي تہ ان مجبور ڏوھ ڪندڙ کي استثنا ملندي. قلم 95 مطابق ڪنھن بہ معمولي نقصان وارو عمل ڏوھ جي ذمري ۾ نہ ايندو.
قلم 96 کان 106 تائين پنھنجي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندي جيڪڏهن ڪنھن کي نقصان پھچي تہ ان کي استثنا ملندي. جيڪڏهن ڪنھن جي مٿان حملو ٿئي ٿو تہ ان کي حق آھي تہ پاڻ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪري ۽ ان کي اھو بہ حق آھي تہ پنھنجي ملڪيت جي بہ حفاظت لاءِ بہ مزاحمت ڪري. اھڙو حق مخصوص وقت لاءِ ھوندو آھي جڏھن کان ۽ مال کي خطرو شروع ٿئي خطرو ختم ٿي وڃڻ سان اھڙو قانوني حق بہ ختم ٿي ويندو آهي. ان حق جي استعمال سان اھو بہ خيال رکڻو ھوندو آھي تہ ڪنھن ٻئي جو نقصان جيترو ممڪن ھجي گھٽ ٿئي.ھنن قلمن ۾ پنھنجي دفاع جي حق جا اصول مرتب ٿيل آھن جن تحت استثنا ملندي آهي.
ڏوھ ۾ مدد
سنواريوھي ڪوڊ جو پنجون باب آھي جنھن ۾ 107 کان وٺي 120 تائين قلم شامل آهن. انھن ۾ قلم 108A جو بعد ۾ اضافو ڪيو ويو ھو. ھن باب ۾ ڏوھ ۾ مدد ڪرڻ يا ڏوھ جي سازش ڪرڻ يا ڏوھ جي ترغيب ڏيڻ جي معاملن جي تعريف ۽ سزائن جا تفصيل ڏنل اھن. سزا لاءِ اصول اھو آھي تہ ڏوھ م مدد ڪندڙ يا ڏوھ جي سازش ڪندڙ ۽ ڏوھ جي ترغيب ڏيندڙ ان ڏوھ جو اوترو ئي ذميدار آهي جيترو ڏوھ ڪندڙ تنھنڪري ان کي بہ ڏوھ ڪندڙ جيتري سزا ملندي. جيڪڏهن ڏوھ جي مدد يا ترغيب يا سازش ڪرڻ باوجود ڏوھ نہ ٿي سگھي تہ بہ مدد ڪندڙ ، سازشي يا شھ ڏيندڙ ان ناڪام ڪوشش جو ڏوھاري سمجھيو ويندو ۽ جي ان لاءِ جيڪڏهن ڪابہ سزا قانون ۾ ڄاڻايل نہ ھجي تہ کيس جيڪو ڏوھ ڪرائڻ چاهي پيو ان ڏوھ جي سزا جو چوٿون حصو سزا ڏني ويندي ۽ قلم 116 تحت ان تي فرد جرم عائد ٿيندو.
مجرماڻي سازش
سنواريوھي باب نمبر 5A آھي.اصل ۾ شامل نہ ھيو بلڪہ ڪرمنل لا (امينڊمينٽ) ايڪٽ نمبر 8 سال 1913 ذريعي ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن باب ۾ صرف ٻہ قلم 120A ۽ 120B شامل آھن.مجرماڻي سازش جي ڏوھ جي سزا قلم 120 B تحت سازش تحت ڪرايل ڏوھ جيتري سزا سازشي مجرم کي بہ لڳندي. جيڪڏهن سازش ڪنھن ڏوھ ڪرائڻ جي ناھي پر پوء بہ مجرماڻي ھجي تہ سازش ۾ شامل ھر شخص کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 6 مھينن تائين قيد جي سزا يا ڏنڊ جي سزا يا ٻئي سزائون ڏئي سگھجن ٿيون.
رياست جي خلاف ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو ڇھون نمبر باب آھي جنھن۾ اصل 121 کان 130 تائين قلم شامل آهن.جن ۾ رياست خلاف جنگ ڪرڻ يا ڪرائڻ يا اھڙي ڪوشش يا مدد جا ڏوھ، رياست جي خلاف ھٿيار گڏ ڪرڻ جو ڏوھ، يا انھن جي خبر ھوندي ان کي راز ۾ رکڻ جو ڏوھ، ، صدر يا گورنر تي حملي ڪرڻ جا ڏوھ، ڪنھن بہ دوست ملڪ جي خلاف جنگ ڪرڻ يا جنگ ۾ مدد ڪرڻ يا ان جي ڪوشش ڪرڻ جا ڏوھ، امن واري حالت ۾ ڪنھن بہ اتحادي جي علائقي ۾ غارت گري (depredation) ڪرڻ جو ڏوھ، ان غارت گري جي ڪا ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ڏوھ، ڪنھن سرڪاري ملازم پاران ڪنھن جنگي قيدي کي ڀڄائڻ جو ڏوھ، يا اھڙي غفلت جو ڏوھ ، يا ڀڳل جنگي قيدي کي پناھ ڏيڻ ۽ بچائڻ جو ڏوھ ۽ انھن ڏوھن جون سزائون ڏيکاريل آھن. ان کان علاوه بعد ۾ شامل ڪيل قلمن ۾ قلم 121A پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ 1870 تحت شامل ڪيو ويو جيڪو ملڪ جي خلاف جنگ ڪرائڻ جي سازش يا جنگ جي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي سازش يا جنگ ڪرائڻ ۾ مدد جي سازش متعلق آھي جنھن جي سزا عمرقيد يا 10 سال قيد کان مٿي قيد ۽ ڏنڊ آھي.1950 ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ تحت قلم 123A شامل ڪيو ويو جنھن تحت رياست جي قيام جي مذمت ۽ ان جي سالميت جي خاتمي جي وڪالت کي ڏوھ قرار ڏنو ويو . ساڳي قلم ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 2 سال 1992 تحت پاڪستان کي گار ڏيڻ ۽ پاڪستان جي نظريي جي مذمت ڪرڻ کي بہ ڏوھ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ انھن جي سزا ڏھ سالن تائين قيد رکي وئي. 1984 ۾ آرڊيننس نمبر 43 ذريعي قلم 123B ھن باب ۾ شامل ڪيو ويو جنھن تحت پاڪستان جي جھنڊي جي توھين، ان کي ساڙڻ، يا ڪنھن عمارت تان بنا ڪنھن اختيار جي ھٽائڻ کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ٽي سال قيد جي سزا يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.سال 1870 ۾ قلم 124A جو اضافو ڪري بغاوت جو ڏوھ شامل ڪيو ويو ۽ وري 1898 ۾ ان کي تبديل ڪري موجوده شڪل ۾ آندو ويو.1961 ۾ ان ۾ حڪومت متعلق ضروري ترميمون ڪيون ويون ۽ 1972 ۾ ان قلم ۾ سزا متعلق ضروري ترميم ڪئي وئي.
فوج نيوي ۽ ايئر فورس خلاف ڏوھ
سنواريوپينل ڪوڊ جو ھي باب ستون آھي جنھن ۾ 131 کان 144 تائين قلم آھن.اھي سڀ فوجين جي متعلق آھن جن ۾ فوج جي اندر بغاوت، ان جي ڪوشش، ان ۾ مدد يا سازش، زيردست پاران بالا فوجي آفيسر تي حملي، فوجي لباس پائڻ يا فوج جو نشان استعمال ڪرڻ وغيره جا ڏوھ ۽ انھن جون سزائون شامل آهن.
امن امان ۾ خلل متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو اٺون باب آهي جنھن ۾ 141 کان 160 تائين قلم شامل آھن جن ۾ غيرقانوني ميڙاڪي، فساد(riot)، حملن، جھڳڙي(affray) ۽ انھن ۾ شامل ٿيندڙن جي گڏيل ۽ انفرادي ذميدارين جي تعين ۽ سزائن جو ذڪر آهي.ھن باب ۾ 1962 جي آرڊيننس نمبر 70 ذريعي قلم 153A ۽ 153B شامل ڪيا ويا جن مان قلم 153A کي 1973 جي ڪرمنل امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 6 ذريعي تبديل ڪيو ويو.اھو مختلف گروپن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جو ڏوھ آھي.153B ۾ شاگردن کي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت جي ترغيب کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ٻہ سال تائين قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.
سرڪاري ملازمن جا ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو نائون باب آھي جنھن ۾ 161 کان وٺي 171 تائين قلم شامل آھن جن ۾ سرڪاري ملازم جو رشوت وٺڻ جو ڏوھ، رشوت ۾ مدد ڪرڻ، سرڪاري ملازم جو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھ، سرڪاري ملازم جو ڪوڙا ڪاغذ ٺاهڻ، غير قانوني واپار ڪرڻ، غيرقانوني طور تي نيلام ۾ ٻولي لڳائڻ شامل آهن .نقلي سرڪاري ملازم ٿيڻ شامل آهن.ھن باب ۾ 1953 ۾ ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 37 تحت قلم 165A ۽ 1962 ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 59 تحت قلم 165B شامل ڪيو ويو.
اليڪشن متعلق ڏوھ
سنواريوھي باب اصل ڪوڊ ۾ 1920 ۾ انڊين اليڪشن انڪوائريز ايڪٽ نمبر 39 ذريعي شامل ڪيو ويو. باب ۾ 171A کان 171I تائين شامل ھيا 1984 جي آرڊيننس نمبر 54 ذريعي وڌيڪ قلم 171J شامل ڪيو ويو جنھن ۾ ماڻھن کي اليڪشن يا ريفرنڊم کان روڪڻ ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا ٽي سال قيد يا ٽي لک تائين ڏنڊ رکيو ويو.
سرڪاري ملازمن جي جائز اختيار جي بي ادبي جا ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو ڏھون باب آھي جنھن ۾ 172 کان 190 تائين قلم شامل آھن جيڪي سمن جي تعميل کان فراريت، حاضر نہ ٿيڻ، دستاويز پيش نہ ڪرڻ، ڪوڙو اطلاع ڏيڻ، صحيح ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، ساک ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ، ڪوڙو بيان ڏيڻ، حڪم عدولي ڪرڻ جا ڏوھ شامل آهن.
ڪوڙي شاهدي ۽ انصاف متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو يارھون باب آھي جنھن ۾ 191 کان 229 تائين قلم شامل آھن . آھي قلم يا سيڪشن ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ گھڙڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ جا ڏوھ، ڪوڙا سرٽيفڪيٽ صحيح ڪرڻ يا جاري ڪرڻ ۽ ان جو استعمال ڪرڻ جا ڏوھ، شاھديون لڪائڻ جو ڏوھ، ڪورٽ ۾ ڪوڙيون دعوائون ۽ ڪوڙا الزام ھڻي ڪيس داخل ڪرڻ جا ڏوھ، ڏوھارين کي پناھ ڏيڻ جو ڏوھ، ڪورٽ يا قانون جو حڪم نہ مڃڻ جو ڏوھ، قانوني حراست مان ڀڄي وڃڻ يا ڀڄائڻ يا غفلت ڪري ڀڄي وڃڻ جو موقعو ڏيڻ، قانوني حراست جي مزاحمت ڪرڻ وغيره جا ڏوھ شامل آهن.ھن باب جا اصل قلم برقرار آهن پر انھن ۾ بعد واري دور ۾ ڪجهه نوان قلم شامل ڪري اضافو ڪيو ويو آهي.1894 ۾ ايڪٽ 3 ذريعي قلم 216 A شامل ڪيو ويو جنھن تحت ڌاڙيلن ۽ ڊاڪن کي پناھ ڏيڻ تي ستن سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا رکي وئي. ھڪ ٻيو قلم 216B به شامل ڪيو ويو جنھن ۾ پناھ ڏيڻ جو مطلب بيان ٿيل ھيو پر ان قلم کي بعد ۾ 1942 ۾ پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 8 ذريعي منسوخ ڪيو ويو.1886 ۾ ايڪٽ نمبر 10 ذريعي ٻہ نوان قلم 225A ۽ 225B جو اضافو ڪيو ويو جن مان 225A ڪنھن بہ آفيسر جو ڪنھن کي گرفتار ڪرڻ جي قانوني ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ، يا حراست مان ڀڄڻ ۾ مدد ڪرڻ جو ڏوھ شامل ڪري ان جي ٽي سال سزا يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.قلم 225B ۾ قانوني گرفتاري ۾ مزاحمت، يا گرفتاري کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻ تي ڇھ مھينا قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.
سڪن ۽ ٽپال جي ٽڪلين متعلق ڏوھ
سنواريواھو ڪوڊ جو ٻارھون باب آھي جنھن ۾ 230 کان وٺي 263 تائين قلم شامل آھن جيڪي سڪن ٺاھڻ جا اوزار وڪڻڻ ۽ ٺاھڻ متعلق ڏوھ، نقلي سڪا ٺاھڻ، سڪن جي درآمد يا برآمد ڪرڻ، ڪوڙا سڪا ھلائڻ يا قبضي ۾ رکڻ، ساڳيا ٽڪلين متعلق ڏوھ شامل آهن. ھن باب ۾ بعد ۾ قلم 263A شامل ڪيو ويو جنھن مطابق ٽپال واري ڪوڙي ٽڪلي ٺاھڻ تي بندش وجھي ان کي ڏوھ ۾ شامل ڪري سزا رکي وئي.
ماپ ۽ تور متعلق ڏوھ
سنواريواھو ڪوڊ جو 13ھون باب آھي. ان ۾ 264 کان 267 تائين قلم شامل آھن، جنھن ۾ تور جي اوزارن جي استعمال ۾ ڌوڪو ڪرڻ، ڪوڙا وٽ يا اوزار استعمال ڪرڻ ۽ ڪوڙا وٽ ۽ تارازيون ٺاھڻ شامل آهن.
ماڻھن جي صحت، سلامتي، سھولتن، حيا ۽ اخلاق متعلق ڏوھ
سنواريواھو ڪوڊ جو چوڏھون باب آھي جنھن ۾ 268 کان 294 تائين قلم آھن جيڪي عوام کي آزاريندڙن ، عوام جي صحت کي نقصان پھچائيدڙ عملن، کائڻ جي شين ۽ دوائن ۾ ملاوٽ ڪرڻ، بيماريون پيدا ڪندڙ شين جي وڪري، نقلي دوائون وڪرو ڪرڻ، پاڻي جي ذخيرن کي آلودو ڪرڻ، ماحول کي صحت لاءِ نقصانڪار بڻائڻ، رستن ۾ رڪاوٽون وجھڻ، زھريلن مادن يا باھ ٻاريندڙ شين جي معاملي ۾ غفلت ڪرڻ، اوگھڙ واريون تصويرون وڪرو ڪرڻ يا ڏيکارڻ، يا بي حيائي ڦھلائيندڙ ڪتابن وغيره جو وڪرو ڪرڻ، فحش گانا ڳائڻ يا وڄائڻ جا ڏوھ شامل آهن .
مذھب متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو پندرهون باب آھي.ان ۾ 295 کان وٺي 298 تائين قلم آھن. قلم 295 ۾ ڪنھن بہ مذھب جي عبادتگاهه يا اھڙي شئي جيڪا ان مذھب ۾ پاڪ سمجھي وڃي ان جي بي حرمتي، نقصان کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا ٻہ سال يا ڏنڊ رکي وئي آهي. قلم 296 ۾ ڪنھن بہ مذھبي تقريب ۾ خلل وجھڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي. قلم 297 تحت ڪنھن جي عبادت گاھ ۾ ان مذھب جي ماڻهن جي مرضيءَ جي خلاف داخل ٿيڻ يا ڪنھن جي مقام ۾ ڪنھن لاش جي توھين ڪرڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي آهي.قلم 298 ۾ ڪنھن ٻئي مذھب بابت نازيبا لفظ استعمال ڪري دل آزاري ڪرڻ جي سزا ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي آهي.1927 ۾ ايڪٽ نمبر 25 ذريعي قلم 295A ڪوڊ ۾ شامل ڪري ڪنھن جي مذھبي جذبات کي پائمال ڪرڻ لاء ان جي مذھب متعلق توھين آميز لفظ استعمال ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏئي سزا رکي وئي جيڪا پھرين گھٽ ھئي پر 1991 ۾ ڪرمنل لا ٿرڊ امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 21 تحت وڌائي ڏھ سال تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي. 1982 ۾ آرڊيننس نمبر 1 ذريعي قلم 295B ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو جنھن تحت قرآن شريف جي بي حرمتي توھين ۽ ان کي ان نيت سان نقصان پھچائڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو ۽ ان جي سزا عمرقيد رکي وئي. 1986 ۾ قلم 295C ڪوڊ ۾ ايڪٽ نمبر 3 ذريعي شامل ڪري نبي پاڪ جي باري ۾ توھين آميز لفظ استعمال ڪرڻ کي ڏوھ قرار ڏئي موت جي سزا يا عمرقيد ۽ ڏنڊ رکي وئي.1980 ۾ آرڊيننس نمبر 44 ذريعي قلم 298A ڪوڊ ۾ شامل ڪري پيغمبر جي زالن، اھل بيت، راشدي خليفن ۽ اصحابن جي شان ۾ گستاخي کي ڏوھ قرار ڏئي ٽي سال قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي.1984 ۾ آرڊيننس نمبر 20 ذريعي قلم 298B شامل ڪري قادياڻي يا لاھوري گروپ تي اسلامي لفظ ، خليفو، ام المومنين، اھل بيت ۽ مسجد وغيره جو استعمال مسلمانن جي پاڪ ھستين جي بجاءِ ڪن ٻين لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ پنھنجي عبادت گاھ کي مسجد سڏڻ يا مسلمانن جي اذان پنھنجي عبادتگاهه ۾ ڏيڻ کي ڏوھ قرار ڏئي سزا ٽي سالن تائين قيد يا ڏنڊ رکي وئي.ان سان گڏ قلم 298C شامل ڪري قادياڻي يا لاھوري گروپن تي مسلمان سڏائڻ تي بندش وجھي ڏوھ قرار ڏئي ان جي بہ ساڳي سزا رکي وئي.
انساني جسم کي نقصان ڏيندڙ ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو سورھون باب آھي جنھن ۾ 299 کان 338 تائين قلم آھن. قلم 300 ۾ قتل عمد جي تعريف ۽ 302 ۾ ان جي سزا ڏنل آهي.قلم 304 کان قلم 314 تائين قصاص جا مختلف اصول بيان ٿيل آھن. قلم 315 کان قلم 322 تائين قتل جا ٻيا قسم : قتل شبيھ عمد، قتل خطا، قتل بسبب ۽ انھن جون سزائون بيان ٿيل آھن. قلم 323 ۾ ديت جو ملھ بيان ٿيل آهي. قلم 324 ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ان جي سزا، قلم 325 ۾ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي ھڪ سال تائين قيد يا ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي. قلم 330 ۾ ديت جي ورھاست جو طريقو، 331 ۾ ديت جي ادائيگي بيان ٿيل آهي. قلم 332 ۾ زخم جو تعارف ڏنل آهي. قلم 337 تائين زخمن جا قسم اتلاف عضو، اتلاف صلاحيت عضو ۽ شجہ جون تعريفون ۽ سزائون ڏنل آھن. قلم 338 ۾ اسقات حمل جي تعريف ڏنل آهي. ھن باب جا مٿيان بيان ڪيل قلم اصل ڪوڊ وارا ناھن اھي 1990 ۾ تقريبن سمورا ڪرمنل لا سيڪنڊ امينڊمينٽ ذريعي تبديل ڪري اسلامي قانون قصاص و ديت آرڊيننس 1990 سان مطابقت ۾ آندا ويا . سن کان علاوه ساڳي قانون تحت ھن باب م 337A کان 337Z تائين 26 قلم ۽ قلم 338A کان 338H تائين 8 ٻيا قلم پڻ ھن باب ۾ شامل ڪيا ويا يعني ثوٽل34 اضافي قلم شامل ڪيا ويا جن ۾ شجہ جي مختلف قسمن جون سزائون، جرح جي تعريف، جرح جائفہ، جرح غير جائفہ ۽ غير جائفہ جا مختلف قسم، غفلت واري ڊرائيونگ جي ڪري لڳل ڌڪ، غلطي يا خطا جي ڪري لڳل ڌڪ، زھر جي کائڻ سان نقصان، ۽ انھن ڏوھن جون سزائون جن م ارش، ضمان وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ اسقات حمل جي سزا، اسقات جنين جي تعريف ۽ سزا، وغيره پڻ شامل آھن
ناحق روڪ ۽ ناحق بند
سنواريوھي باب 16A آھي جنھن م 339 کان 377 تائين قلم آھن. ھن باب جي پھرين حصي ۾ ناحق روڪ ناحق بند جا ڏوھ ۽ انھن جون سزائون ڏنل آھن.ٻئي حصي ۾ مجرماڻي قوت ۽ حملي بابت ڏوھ آھن جن ۾ طاقت، مجرماڻي طاقت،حملي جون تعريفون ۽ ڏوھن جون سزائون آھن . ٽئين حصي ۾ اغوا، يرغمالي، غلاميءَ جبري پورهئي ۽ جسم فروشي متعلق ڏوھ آھن. چوٿين حصي ۾ زوري زنا ۽ ان جي سزا ڏنل آهي ۽ پنجين حصي ۾ مرد يا عورت کي پٺيان زنا ڪرڻ يا جانورن سان زنا ڪرڻ جو ڏوهه ۽ سزا شامل آھن. 1984 ۾ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر امينڊمينٽ آرڊيننس نمبر 24 تحت ھن باب ۾ قلم 354A شامل ڪري عورت تي حملو ڪري سري عام ننگو ڪرڻ کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا موت يا عمر قيد رکي وئي.1958 ۾ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ تحت قلم 364A شامل ڪري ڏھن سالن کان گھٽ عمر جي ٻار جي اغوا جي ڏوھ ۾ ست کان چوڏهن سالن تائين سزا رکي وئي. ساڳي قلم ۾ 1990 ۾ ٻار جي عمر جي حد وڌائي 14 سال ڪئي وئي.1990 ۾ ايڪٽ نمبر 3 تحت ھن باب ۾ قلم 365A جو اضافو ڪيو ويو جنھن تحت اغوا براءِ تاوان جو ڏوھ شامل ڪري ان جي سزا موت، يا عمر قيد ۽ ملڪيت جي ضبطگي رکي وئي.2006 ۾ پروٽيڪشن آف وومين ايڪٽ نمبر 6 تحت قلم 365B جو اضافو ڪيو ويو جنھن تحت شادي جي بھاني سان ڪنھن عورت کي ورغلائي اغوا ڪرڻ جي ڏوھ ۾ عمر قيد جي سزا رکي وئي. ھن باب ۾ قلم 366A ۽ 366B 1923 ۾ ايڪٽ نمبر 20 تحت شامل ڪري عورتن کي جسم فروشي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ان مقصد لاءِ ٻاھرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو ۽ سن جي سزا ڏھن سالن تائين قيد رکي وئي. 2006 ۾ پروٽيڪشن آف وومين ايڪٽ تحت قلم 367A شامل ڪيو ويو جنھن تحت جنسي تسڪين لاءِ ڪنھن کي اغوا يا يرغمال جي ڏوھ جي سزا موت يا عمر قيد رکي وئي.ساڳي قانون تحت وڌيڪ قلم 371A ۽ 371B شامل ڪري جسم فروشي جي سزا رکي وئي.
ملڪيت متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو سترھون باب آهي جنھن ۾ 378 کان 462 تائين قلم آھن.انھن ۾ چوري، ڀتو، ڦر، ڊڪيتي، خيانت، اعتماد جي ڀڃڪڙي، چوري يا ڦر جي سامان جي خريد و فروخت، ڌوڪو، ملڪيت کي نقصان، ملڪيت ۾ مجرماڻي دخل اندازي، گھر ۾ دخل اندازي، گھر ۾ چوري وارن ڏوھن جي تعريف، انھن جا قسم ۽ انھن جون سزائون بيان ٿيل آھن. بعد ۾ 1996 ۾ ايڪٽ نمبر 1 ذريعي قلم 381A شامل ڪري ڪار يا ڪنھن بہ موٽر واري گاڏي ، موٽرسائيڪل، ٽريڪٽر، اليڪٽرڪ موٽر، ٽيوب ويل جو موٽر وغيره جي چوري جي ڏوھ جي سزا ست سال قيد ۽ ان چوري ٿيل گاڏي جي ملھ جيتري ڏنڊ جي سزا رکي وئي.1981 ۾ آرڊيننس نمبر 30 ذريعي قلم 402A ، قلم 402B ۽ قلم 402C شامل ڪري ھاء جيڪنگ کي ڏوھ قرار ڏئي ان جي سزا موت يا عمر قيد رکي وئي ۽ ھائجيڪرن کي پناھ ڏيندڙن لاءِ به ساڳي سزا رکي وئي.
تيل ۽ گيس متعلق ڏوھ
سنواريوھي باب 17A آھي جنھن ۾ 462A کان 462F تائين قلم آھن. جن ۾ تيل ۽ گئس جي پائيپ لائين ۾ ھٿ چراند ڪري گئس يا تيل چوري ڪرڻ جا ڏوھ شامل ڪيا ويا آهن. ھي باب ڪوڊ ۾ 2011 ۾ ڪرمنل امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 20 تحت شامل ڪيو ويو.
بجليءَ متعلق ڏوھ
سنواريوھي باب 17B آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2013 ۾ آرڊيننس نمبر 10 تحت ڪوڊ ۾ شامل ڪيو ويو جنھن ۾ 462G کان 462N ۽ 462 او تائين قلم شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ بجلي جي چوري ۽ تارن ۽ ميٽرن سان ھٿ چراند متعلق ڏوھ ۽ انھن جون سزائون ڏنل آھن.
دستاويزن، واپار يا ملڪيت وارن نشانن متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو ارڙھون باب آھي جنھن ۾ 463 کان 489 تائين قلم ان ۾ شامل آهن جن ۾ جعلسازي، ڪوڙا دستاويز ۽انھن جو استعمال، نقلي مھرون، نشان، ٽريڊ مارڪ، پراپرٽي مارڪ وغيره جي ڏوھن جون تعريفون، قسم ۽ سزائون ڏنل آھن.1895 ۾ ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ تحت 477A داخل ڪري ڪوڙن کاتن ٺاھڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو. 1899 ۾ ڪرنسي نوٽس فارجري ايڪٽ نمبر 12 تحت ھن باب ۾ قلم 489A,489B,489C,489D شامل ڪري جعلي ڪرنسي متعلق ڏوھ شامل ڪيا ويا.1943 ۾ انڊين پينل ڪوڊ امينڊمينٽ ايڪٽ تحت قلم 489E شامل ڪري ڪرنسي نوٽن جھڙا ڪاغذ استعمال ڪرڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو. 25 آڪٽوبر 2002 ۾ آرڊيننس نمبر 85 تحت قلم 489F شامل ڪري بي ايماني سان ڏيتي ليتيءَ ۾ يا قرض عيوض جاري ٿيل چيڪ جي بينڪ مان پاس نہ ٿيڻ کي ڏوھ قرار ڏئي چيڪ ڏيندڙ لاءِ ٽن سالن تائين قيد جي سزا رکي وئي
خدمتن جي معاھدن جي ڀڃڪڙي متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو اوڻويھون باب آهي جنھن ۾ ٽي قلم ھيا جن ٻہ 490 ۽ 492 منسوخ ٿي چڪا آهن باقي قلم 491 ۾ معاھدي جي ڀڃڪڙي بابت آھي
شادي متعلق ڏوھ
سنواريوھي باب ويھون آھي جنھن ۾ 493 کان وٺي 498 تائين قلم آھن جن ۾ ڌوڪي سان مڙس بڻجي زنا ڪرڻ، زال يا مڙس ھوندي ٻي شادي ڪرڻ، پھرين شادي لڪائي ٻي شادي ڪرڻ، شادي ھوندي پنھنجي مڙس يا زال جي بدران ٻي ڪنھن سان ھمبستري ڪرڻ، شادي شده عورت کي ورغلائڻ جا ڏوھ ۽ انھن جي سزا شامل آهن. ھن باب ۾ 2006 ۾ پروٽيڪشن آف وومين ايڪٽ تحت قلم 493A ، 496A 496B 496C شامل ڪيو ويو جن ۾ عورت کي زنا لاءِ ورغلائڻ، غير شادي شده مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ زنا ڪرڻ ۽ زنا جو ڪوڙو الزام ھڻڻ کي کي ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي.
عورتن متعلق ڏوھ
سنواريوھي ڪوڊ جو باب 20A آھي جنھن ۾ 498A کان 498C تائين قلم شامل آھن جن ۾ عورتن کي وراثت جي ملڪيت کان محروم رکڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي ۽ سن جي سزا پنج کان ڏھ سالن تائين قيد ۽ ڏھ لکن تائين ڏنڊ رکي وئي آهي. ان کان علاوه عورت جي زبردستي شادي ڪرائڻ تي ٽن سالن کان ستن سالن تائين قيد جي سزا رکي وئي آهي. عورتن جي قرآن سان شادي ڪرائڻ تي به ساڳي سزا رکي وئي آهي. ھي باب ڪوڊ ۾ ڪرمنل ٿرڊ امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 27 تحت 2011 ۾ شامل ڪيو ويو.
بدناموسي جا ڏوھ
سنواريواھو ڪوڊ جو ايڪويھون باب آهي جنھن ۾ 499 کان 502 تائين قلم آھن جن ۾ بدناموسي جي معني ، قسم ۽ سزا ڄاڻايل آهي.2004 ۾ ڊفميشن امينڊمينٽ ايڪٽ نمبر 9 مطابق قلم 502A شامل ڪري بدناموسي جي ڪيسن ٻڌڻ جو اختيار سيشنس ڪورٽ کي ڏنو ويو. ان کان اڳ ماجسٽريٽ کي اختيار ھوندو ھو.
مجرماڻي دڙڪن، بيعزتي ۽چڙ ڏيارڻ متعلق ڏوھ
سنواريواھو ڪوڊ جو ٻاويھون باب آھي جنھن ۾ 503 کان 510 تائين قلم آھن جن ۾ مجرماڻي ڌمڪي ، موت جي ڌمڪي، ڪنھن جي بي عزتي ڪرڻ جا ڏوھ ۽ انھن جون سزائون شامل آهن.
ڏوھ جي ڪوشش متعلق
سنواريوھي ڪوڊ جو ٽيويھون ۽ آخري باب آھي جنھن ۾ آخري قلم 511 شامل آھي جنھن ۾ ڏوھ جي ڪوشش جو بيان آھي. جنھن مطابق ڪوڊ جي ڪنھن بہ ڏوھ ٿيڻ وقت جيڪڏهن ڏوھ مڪمل نہ ٿئي تہ ان ڏوھ جي قلم سان 511 قلم لڳائي ان ڏوھ جي ڪوشش جو گناھ ٿي پوندو جنھن جي سزا اصل ڏوھ جي سزا جو اڌ سمجھي ويندي.
حوالا
سنواريو- ↑ "Pakistan Penal Code (Act XLV of 1860)". www.pakistani.org. حاصل ڪيل 2018-06-22.
- ↑ "Pakistan Penal Code and History of PPC" (en-US ۾). LLB Notes. 2013-02-10. https://lawnotes.wordpress.com/2013/02/10/pakistan-penal-code-and-history-of-ppc/.