ڄام صادق علي، نـاليــوارو سـيـاسـتدان ۽ ســنـڌ جـو اڳـوڻو وزيـراعليٰ، 1935ع ڌاري موجوده تعلقي ڄام نواز علي، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ڄام ڪانڀو خان بهادري، سخاوت ۽ سماجي خدمت جي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو. ان ڪري اڄ به سنڌ ۾ چوڻي موجود آهي ته”تون ڪهڙو ڪانڀو خان آهين؟“ ڄام ڪانڀو خان ۽ سندس خاندان جو پنهنجي علائقي ۾ اڄ به وڏو اثر آهي.

ڄام صادق علي خان
پيدائش 1899
ڄام نواز علي، ضلعو سانگھڙ، سنڌ، پاڪستان
وفات 5 March 1992
ڪراچي
رھائش ڄام نواز علي
اڳيون عهديدار آفتاب شعبان ميراڻي
جانشين سيد مظفر حسين شاھ
سياسي جماعت مسلم ليگ
مذھب اسلام

سياسي سفر سنواريو

ڄام صادق عليءَ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1950ع واري ڏهاڪي ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيهڻ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن مسلم ليگ (ڪنوينشن) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ايوب خان جي حڪومت ۾ پهرين پارلياماني سيڪريٽري ۽ پوءِ مملڪتي وزير ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ان کان پوءِ هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ممتاز علي خان ڀُٽي جي ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير ٿيو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ به ڄام صادق بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير رهيو. 1977ع ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو. 1989ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ وطن واپس موٽي آيو ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ٿيو.

وزير اعلي جي حيثيت سنواريو

جڏهن صدر غلام اسحاق خان، محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) جي حڪومت ختم ڪئي ته ڄام صادق کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. 1990ع واريون چونڊون به کٽيون ۽ نوازشريف جي دؤر ۾ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. هن جا وڏ وزارت دوران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سخت سياسي اختلاف رهيا. سندس دؤر ۾ الذوالفقار جي الزام هيٺ ڪيترا ڪارڪن گرفتار ٿيا. ڄام صادق علي کري ڳالهه ڪرڻ ۾ مشهور هو ۽ جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو هوس، سو ڪري ڏيکاريندو هو. پوءِ ان جا ڀلي ڪهڙا به مثبت يا منفي نتيجا نڪرن. ڄام صادق علي 1991ع ۾ وڏي وزير هئڻ واري دؤر ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سنڌ اسيمبليءَ مان بِل پاس ڪرائي، اُن جو قيام عمل ۾ آندو.

سرڪاري عهدا
پيشرو
آفتاب شعبان ميراڻي
وزير اعلي سنڌ
1990–1992
جانشين
مظفر حسين شاه

سندس اولاد سنواريو

ڄام صادق علي جي اولاد مان ڄام معشوق علي پڻ مختلف وزارتن تي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ سندس ڀائٽيو ڄام مدد علي ڪجهه عرصو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، ۽ جڏهن فنڪشنل ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو تہ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس جي سيٽ ڇڏڻي پيس ۽ ٻيهر اليڪشن م فنڪشنل ليگ اميدوار ڄام نفيس جي سامھون 20 اپريل 2017 تي حڪومت جي زور تي اليڪشن کٽي ٻيهر ايم پي اي ٿيو.

ڪتاب سنواريو

سنڌ جي تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڄام صادق عليءَ جي زندگي ۽ سياست تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب 1993ع ۾ لکيو هو. جنهن ۾ ڄام جي شخصيت، سوانح ۽ سياست جي ڄاڻ ملي ٿي.

بيماري ۽ وفات سنواريو

1992ع ۾ ڄام صادق علي شديد بيمار ٿي پيو، ۽ سيد مظفر حسين شاهه کي بين الصوبائي رابطن جو انچارج بڻائي پنهنجا اڪثر اختيار ان جي حوالي ڪيائين. ڪابينا جي اجلاسن جي صدارت ڪرڻ کان وٺي پاليسي فيصلن جا اختيار سيد مظفر شاهه حوالي رهيا. ان باوجود هيءُ پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو ۽ ان عهدي تي موجودگيءَ دوران ئي، ڪينسر سبب ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيو ۽ 5 مارچ 1992ع تي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وفات ڪيائين. کيس سندس اباڻي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان، وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. کانئس پوءِ سيد مظفر حسين شاهه کي 6 مارچ 1992ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.[1]


حوالا سنواريو