زخمي چانڊيو
ناليواري مزاحمتي شاعر، استاد، سماج سڌارڪ ۽ اديب زخمي چانڊيو جو اصل نالو ڄام خان ولد مولابخش چانڊيو هو، سندس جنم مزدورن جي عالمي ڏينهن 1 مئي تي سن 1961ع تي شهر ڊکڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو، تعليمي سفر پرائمري کان ويندي ايم. اي تائين جاري رهڻ بعد کيس تعليم کاتي ۾ استاد طور نوڪري ملي، بعد ۾ هو ڳوٺ جواب پور مان 1996ع ۾ لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور رهائش پذير ٿيو، ان دوران پاڻ تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدن تي پڻ رهيو، آخر ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ پاڻ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به درس و تدريس واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل رهيو. کيس 6 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو باني، سيڪريٽري رهيو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ضلعي شڪارپور جو رابطا سيڪريٽري پڻ رهيو، انساني حقن واري ڪميشن ضلعي لاڙڪاڻي جو عهديدار، سچوا جو مرڪزي اڳواڻ، جيئي سنڌ هلچل کان علاوه ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو. هُن پنهنجو آواز شاعريءَ ذريعي بيباڪيءَ سان وڏي واڪي ايوانن تائين پهچايو ۽ سموري حياتي انهن ئي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، جن کي هر دور ۾ ٿڏيو ۽ لتاڙيو ويو آهي.آمريتي دورن ۾ مزاحمتي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي هن ارڏي ۽ برجستي شاعر کي جيل به وڃڻو پيو، 2000ع مارچ ۾ شاعري پڙهڻ عيوض جيل ياترا ڪيائين. زخمي چانڊيو پنهنجي ڳوٺ جوابپور چانڊيو کان ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول کولرايا، ۽ نياڻين کي روزگار سان لڳرايو.سندس شاعري جا چار ڪتاب ”شهر شهر زخمي“(2001ع)، ”ڏاڍو ساريندين"(2006ع," مُنهنجي مئي کان پوءِ"( 2016ع) ۽ ٻارن لاءِ" مٺڙا ٻار"(2018ع)شايع ٿيل آهن. 24 هين آڪٽوبر 2000ع تي صبح ويل اسڪول ڏانهن ويندي رستي ۾ قبائلي نفرتن ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاه ڊکڻ ضلعي شڪارپور سنڌ ڀرسان آبائي قبرستان ۾ آهي.