نسيم کرل
نسيم کرل (انگريزي:Naseem Kharal) سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
نسيم کرل Naseem Kharal | |
---|---|
پيدائش | نسيم احمد کرل جون 29 1939 ڳوٺ عبدالڪريم کرل، خيرپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان |
وفات | 14 جُولاءِ 1978 (عمر 39 سال) خيرپور |
قلمي نالو | نسيم کرل |
ڌنڌو | ڪهاڻيڪار |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | بي اي |
مادرِ علمي | سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي |
صنف | ڪھاڻي |
موضوع | سنڌي نثر |
مُکيه ڪم | نسيم کرل جون ڪهاڻيون چوٽيهون در شبنم شبنم ڪنول ڪنول |
زندگي جو احوال
سنواريونسيم کرل جو پورو نالو نسيم احمد کرل هو. نسيم ضلعي خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع ۾ جنم ورتو.[1]
تعليم
سنواريونسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1948ع ۾ پاس ڪيائين. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاء اسڪول، خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين.[2]
ادبي خدمتون
سنواريوڪهاڻيڪار نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي اپرڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي.
ڪتاب
سنواريو1.شبنم شبنم ڪنول ڪنول(ڪهاڻيون)[3]
2.چوٽيهون در (ڪهاڻيون)[4]
3.ڊمي (ڪهاڻيون)
4.نسيم کرل جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)[5]
وفات
سنواريوڪهاڻيڪار نسيم کرل کي ذاتي دشمني سبب 14 جولاء 1978ع تي قتل ڪيو ويو.[6]
حوالا
سنواريو- ↑ "SindhSalamat". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-04.
- ↑ "سنڌي شخصيتون". sindhipeoples.blogspot.com. حاصل ڪيل 2019-05-04.
- ↑ "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-04.
- ↑ "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-04.
- ↑ "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-04.
- ↑ "SindhSalamat". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-04.