ننڍو کنڊ ايشيا کنڊ ۾ ھڪ وڏو ٻيٽ نما خطو آھي جيڪو ھندي ساگر جي اتر ۾ آھي. ھن خطي کي ننڍو کنڊ ان ڪري چيو ويندو آھي جو ھي جاگرافيائي ۽ علم ارضيات جي مطابق ھي بقايا کنڊ جي ٻين علائقن کان مختلف آھي.

ننڍو کنڊ
ايراضي 4.4 ملين ڪ.م2 (1.7 ملين چورس مي)
آبادي 1.710 billion (2015)[1]
آبادي گهاٽائي 389/km2
ديس بنگلاديش
ڀوٽان
ڀارت
مالديپ
نيپال
پاڪستان
سريلنڪا

ننڍي کنڊ ۾ ھيٺ ڄاڻايل ملڪ شامل آھن:

جاگرافيائي طور تي ننڍو کنڊ کي ھنن حصن ۾ تقسيم ورھائي سگھجي ٿو

  • ھماليہ/ ھماليائي رياستون
  • گنگا درياھ جو ميدان
  • ٻيٽ نما ڀارت
  • سنڌو درياھ جو ميدان
  • ھندي ساگر جون رياستون

جاگرافيائي تعريف سنواريو

 
انڊن ۽ يوريشين تھَ پاڪستان ۽ ڪشمير کان گذرن ٿيون جيڪ ھتي زلزلن جو سبب آھن.

ننڍو کنڊ ڪنھن کنڊ سان واڳيل ھڪ پکڙيل علائقي کي چيو ويندو آھي پر ننڍي کنڊ جي ڪابہ واضع تعريف يا وصف نہ آھي. ننڍو کنڊ ڪنھن جابلو علائقي يا زميني تھَ ذريعي کنڊ کان جدا علائقي کي بہ چئي سگھجي ٿو بھرحال عام طور تي ننڍہ کنڊ جو مطلب ڏکڻ ايشيا يا ننڍو کنڊ پاڪستان ۽ ھندستان ورتو ويندو آھي.

قشر زمين جي ساخت جي علم جي مطابق ڪنھن ننڍي کنڊي تھَ کي ڪنھن وڏي تھَ سان ملڻ جي ھنڌ کي ننڍو کنڊ چئي سگھجي ٿو اھڙي طرح ننڍو کنڊ انڊين تھَ ۽ عربي تھَ تي موجود آھي ۽ ننڍو کنڊ سڏرائي سگھجڻ جي قابل آھي.

زميني تاريخ سنواريو

 
ننڍو کنڊ لکين سال اڳ مڊگاسڪر پليٽ سان ڳنڍيل ھيو. پوءِ ھوريان ھوريان ھي اتر جي طرفر ھلندو رھيو پوءِ وڃي ڪري يوروشين پليٽ سان مليو، ان ئي وجھ ڪري اڄ ڪلھ ھماليہ ۽ ڪراڪرم جا جبل موجود آھن

ماضي ۽ مستقبل جي آبادي سنواريو

درجو ملڪ ايراضي (ڪ.م2) 1950 2000 2050 2100
1 ڀارت 3,287,263 369,881,000 1,006,301,000 1,656,554,000 1,659,786,000
2 پاڪستان 881,913 40,383,000 152,430,000 300,848,000 364,283,000
3 بنگلاديش 147,570 45,646,000 132,151,000 201,249,000 169,541,000
4 نيپال 147,181 8,990,000 24,819,000 36,107,000 29,677,000
5 سري لنڪا 65,610 7,534,000 19,042,000 25,167,000 14,857,000
6 ڀوٽان 38,394 164,000 606,000 952,000 793,000
7 مالديپ 298 80,000 300,000 445,000 438,000
ڪل 4,568,229 480,829,000 1,358,111,000 2,294,996,000 2,297,013,000

زمين ۽ پاڻيءَ جي ايراضي سنواريو

اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو مخصوص معاشي علائقو ۽ ھندي وڏو سمنڊ

ھن فھرست ۾ طابع علائقا پنھنجي خودمختيار رياستن (جنھن ۾ غيرآباد علائقا بہ شامل آھن) ۾ ڏيکاريل آھن، انٽارڪٽيڪا تي دعوائون شامل ڪيل ناھن. EEZ+TIA مخصوص معاشي علائقو (EEZ) گڏوگڏ ڪل اندروني ايراضي (TIA) آھي جنھن ۾ زمين ۽ اندروني پاڻي شامل آھن.

درجو ملڪ ايراضي (ڪ.م2) EEZ Shelf EEZ+TIA
1 ڀارت 3,287,263 2,305,143 402,996 5,592,406
2 پاڪستان 796,095 290,000 51,383 1,117,911
3 بنگلاديش 147,570 86,392 66,438 230,390
4 نيپال 147,181 0 0 147,181
5 سري لنڪا 65,610 532,619 32,453 598,229
6 ڀوٽان 38,394 0 0 38,394
7 مالديپ 298 923,322 34,538 923,622
ڪل 4,482,411 4,137,476 587,808 9,300,997

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "World Population Prospects". United Nations: Population Division. 


سانچو:ابتدائی ترتیب:ھندستاني ننڍو کنڊ