ڊرامو
ڊرامو يا ناٽڪ (Drama)، ’ڊراما‘ يوناني لفظ ’ڊرائو‘ يا ’ڊراءِ‘ مان نڪتل اھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”عمل“ يا ”عمل ڪري ڏيکارڻ“. ان کان علاوه “آهل ڪرڻ” يا “نقل ڪرڻ” (imitation) جو لفظ بہ ڊرامي لاءِ استعمال ڪيو ويو. ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي. يونان وارا ڊرامي کي اعليٰ شعر (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊرامو دنيا جي سمورين سڌريل توڙي اُسريل ٻولين ۾ موجود آھي. اديب، ڊرامي جي ان بنيادي اھميت کان واقف ھئڻ جي ناتي پنھنجي تخليقي ذميداريءَ کي سمهي ٿو. ھو ڊرامي کي سماجي ڪارج لائق بنائڻ لاءِ، معاملن کي چٽو ۽ واضح ڪري فوڪس ۾ آڻي پنھنجي موضوع ڏانھن عام ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. سنڌي ڊرامي کي قديم دور کان ”ناٽڪ“ سڏيو ويو. سنڌي زبان ۾ ناٽڪ جو مطلب آھي ”نقل ڪرڻ“. ناٽڪ جي تاريخ سنڌ ۾ ايتري قديم آھي، جيترو سنڌ جو لوڪ ادب قديم آھي. ان کي سانگ بہ چيو ويندو هو. دراصل ”ناٽڪ“ ھندي ٻوليءَ جي ”نرتڪ وديا“ مان نڪتل آھي، جنھن جو مطلب آھي تہ ڪنھن نہ ڪنھن نموني پنھنجي فن جو مظاھرو ڪرڻ، اھو پوءِ ڀلي اداڪاريءَ وسيلي ھجي يا سنگيت ۽ رقص وسيلي.[1] ڊرامو اھڙي ڪھاڻي يا قصو آھي جيڪو اداڪاري جي لاءِ لکيو وڃي يا اداڪاري جي ذريعي پيش ڪيو وڃي. ھي اصطلاح يوناني لفظ (قديم يوناني: δρᾶμα، drama) کان اخذ ٿيو جنھن جي معنيٰ حرڪت، عمل يا فعل جي آھي. ھن لفظ جو ماخذ ھڪ يوناني فعل (قديم يوناني: δράω، draō) آھي جنھن جي معنيٰ ’ڪرڻ‘، يا ’سوانگ ڀرڻ‘ جي آھي.
ڊرامو انسان جي خصلت ۽ فطرت جو گهڻي حد تائين ترجمان آهي. هر انسان ان کي ڏسي اثر انداز ٿئي ٿو. سنڌي ناٽڪ جي ابتدا تعليمي ادارن ۾ معلوم ٿئي ٿي، جنھن جو مقصد تعليم کي اجاگر ڪرڻ هو. ڊرامو يوناني ٻولي ڪو لفظ آهي، جنھن جي معني ڪرڻ يا ڪري ڏيکارڻ هئي.
ڊرامي جا قسم
سنواريوڊرامن جا قسم ھيٺ ڏجن ٿا:
مونو ڊراما
سنواريومونو ڊراما (Mono drama) اهو ڊرامو، جنھن ۾ صرف هڪ ڪردار هجي، هن قسم جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ٽي وي لاءِ لکيا ويا آهن، باقي تحريري صورت ۾ نٿا ملن.[1]
ڊريم
سنواريوڊريم (Drame) مخلوط قسم جي ڊرامن جي هڪ شاخ آهي، جنھن ۾ نہ ڪاميڊي وانگر کل ڀوڳ جو سامان هوندو آهي، نہ وري ٽريجڊي ڊرامي وانگر خوف ۽ رحم جا جذبا اڀرندا آهن.[1]
اخلاقي ڊراما
سنواريواخلاقي ناٽڪ (Moral Plays)، انگريزي ڊرامي جي اوسر ۾ معجزاتي ڊرامن کان پوءِ ‘اخلاقي ڊراما’ وڏي اھميت رکن ٿا. ھن قسم جا ڊراما مذھبي ۽ اخلاقي قدرن سان سرشار ھوندا ھئا. ھن قسم جي ڊرامن 15 ۽ 16ع صديءَ ۾ سڄي يورپ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي، جن ۾ ازل کان انسان جي پنھنجي نفس سان جنگ کي موضوع بڻايو ويندو ھو. ان کان سواءِ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ جنگ بہ ھن قسم جي ڊرامن جو خاص موضوع ھوندو هو. ھي ڊراما جيتوڻيڪ مذھبي نوعيت جا ھوندا ھئا، ان سان گڏ انهن ۾ نصحيت بہ هوندي هئي ۽ تعليمي خيالن، سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ بدعتن تي طنز بہ شامل ھوندي ھئي. اخلاقي ڊرامن انگلينڊ ۾ ان وقت وڌيڪ شھرت حاصل ڪئي، جڏھن ڊرامن ۾ مذھبي پرچار کان وڌيڪ ’اخلاقيات‘ (Morality) تي زور ڏنو ويو.[1]
تاريخي ڊرامو
سنواريوتاريخي ڊرامو (Historical Drama) اهو ڊرامو، جنھن ۾ تاريخ مان ورتل ڪردار، واقعا، حڪمرانيءَ جا حالات وغيره ڊرامي جي روپ ۾ ڏنل هجن، يا اسٽيج تي پيش ڪيا وڃن. مثال طور ڪشنچند بيوس جو ”هرش چندر“ ۽ ”جھانگير“، منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”انارڪلي“ سراج جو ”گهاتو گهر نہ آيا“ وغيره ڊراما ان ڏس ۾ ڳڻي سگهجن ٿا.[1]
ايڪانڪي ڊراما
سنواريوايڪانيڪي ناٽڪ (One Act Play) هڪ ايڪٽ وارا ڊراما، يڪ فصلا ناٽڪ، جيڪي ننڍا، مختصر منظر ۽ مختصر ڪردارن تي مبني هوندا آهين. يوناني ڊراما هڪ مڪمل ايڪي طور هوندا هئا، جن جي وچ وچ ۾ ڪجهہ ڪورس جي انداز ۾ چيو ويندو هو. هوريس (65-08 ق-م) اهو پھريون ماڻهو هو، جنھن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنھن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن ان کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بين جانسن (1572-1637ع) پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ابسن (1906- 1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. پر ويھين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، ان هوندي بہ ٻن ايڪٽن وارا ڊراما بہ لکبا هئا. هڪ ايڪٽ سنڌي ڊرامن جو رواج پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ (1896-1980ع) وڌو. کيس ’ايڪانڪي ڊرامن جو ابو‘ چيو وڃي ٿو. کانئس پوءِ مدن جماڻي، گوبند مالهي ۽ ٻين ڪيترن ايڪانڪي ڊراما لکيا آهن.[1]
اينٽي-پلي
سنواريواينٽي-پلي (Anti-Play) هڪ قسم جو ڊرامو، جنھن ۾ ڊرامي جي فني جزن جي برعڪس نہ مسلسل پلاٽ هوندو آهي. نہ وري مسلسل ڪردار ۽ مناسب مڪالما ٿيندا آهن.[1]
ٽيليويزن ڊراما نگاري
سنواريوٽيليويزن ناٽڪ (TV Plays)، ٽيليويزن يا ٽي. وي. ڊراما‘ نہ رڳو تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ فني ڪاوش بہ آهي، انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيليويزن ڊراما هڪ اهم صنف آهي.”ٽي-وي. ڊرامي جي ٽيڪنيڪي پھلوءَ کي سمجهڻ لاءِ ٽيليويزن جي سازو سامان (Equipments)، ان جي ممڪن سگهہ يا وس آهر سھوليتون (Potentialities) ۽ بندشن (Limitations) بابت ڄاڻ رکڻي پوندي آهي. خاص طور (1) ٽيليويزن اسٽوڊيو، (2) ڪٽرول روم، (3) فلم ۽ ٽيليويزن ڪئميرائون، (4) بصري تاثر (Optical Effects) ۽ (5) صدا ڪاري يا آواز جو سلسلو (Sound System) سمجهڻ نھايت ضروري آهن. ٽيليوزن ڊرامي ۾ ڪھاڻي، چرندڙ پرندڙ تصويرن ذريعي پيش ڪجي ٿي. ٽيليويزن ڊراما نگار کي سٺن مڪالمن لکڻ جي ڏات سان گڏ تصويرن ذريعي ڪھاڻي ٻڌائڻ جو تجربو هئڻ گهرجي. سنڌي ٽي وي ڊرامي جو دور 1970ع کان شروع ٿئي ٿو. هن وقت سنڌي ٽي وي چينل ٽي. وي. ڊراما پيش ڪن ٿا. امر جليل، شمشير الحيدري، قمرشھباز، علي بابا، ڪيھر شوڪت، شوڪت شورو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، عثمان ميمڻ، اياز عالم ابڙو، زيب سنڌي ۽ ٻيا ٽي. وي ڊرامن جا مشھور ليکڪ آهن. سنڌي ليکڪن مان اردوءَ ۾ ٽيليويزن ڊراما لکندڙن ۾ عبدالقادر جوڻيجو ۽ نور الهديٰ شاھ تمام گهڻا مشھور آهن.[1]
ٿيسز ناٽڪ
سنواريوٿيسز ڊرامو (Thesis Drama)، اهو ناول يا ڊرامو، جنھن ۾ سماجي يا سياسي مسئلو پيش ڪيو وڃي ۽ ان جو حل بہ ٻڌايو وڃي. عبدالقادر جوڻيجو جو لکيل ٽي وي ناٽڪ“ راڻيءَ جي ڪهاڻي“ ٿيسز ناٽڪ جو سٺو مثال آهي. ان ڊرامي ۾ ڳوٺاڻي ماحول ۾ هڪ ”ڪاري“ ڪيل عورت جي ڪھاڻي بيان ڪئي وئي. اهڙي طرح علي بابا جو ”دنگيءَ منجهہ درياھ“ ملاحن جي زندگيءَ بابت ٿيسز ناٽڪ چئي سگهجي ٿو.[1]
جاسوسي ڊراما
سنواريوجاسوسي ڊرامو (Detective Drama)، جاسوسي ڊراما لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو آھن. ھنن ڊرامن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھ، پراسراريت، خوف وغيره جا موضوع ھوندا اھن. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جاسوسي ڊراما کي ٽيليويزن, فلم۽ ريڊيو وسيلي اھميت ملي آهي. جاسوسي ڊرامن ۾ ھڪ پنھنجو ماحول آھي، جادوگر، دغا باز دوست، جذباتيت سان ڀرپور، رومانيت جو پھلو غالب ۽ تجسس سان ڀرپور ھوندا آهن. سنڌي ۾ قاضي خادم، قمر شھباز ۽ ڪن ٻين جاسوسي ڊراما لکيا آهن.[1]
ڇسو ڊرامو
سنواريوڇسو (Farce)، قديم فارس ڊراما، چرچ جي پيداوار آھن، جن ۾ انساني خرابين تي (مشڪري) نقل يا ويچارا ڪڍيا ويندا ھئا. پر ھاڻي ھي ڊرامو مزاحيہ موضوعن لاءَ استعمال ٿيندو آھي. ھن ڊرامي ۾ مزاحيہ واقعا بيان ٿيل ھوندا آھن. فارس ڊرامو سنڌي ادب ۾ انتھائي آڳاٽو آھي. خاص طور تي سنڌي لوڪ ادب ۾ ھيءَ صنف گهڻي مشھور ھئي. سنڌي لوڪ ادب ۾ جهيڙا يا مناظرا دراصل فارس جو نعم البدل اھن. سنڌ جا سگهڙ ميلن، ملاکڙن، شادين مرادين تي، مولوين، ملن، موالين وغيره جي نقل ڪندا ھئا ۽ تماشائن کي وندرائيندا ھئا.[1]
روماني طربيہ ڊرامو
سنواريورومانوي مزاحيہ ڊرامو (Romantic Comedy)، ھن ڊرامي جو مقصد اھو آھي تہ ڊرامي جي اکاڻيءَ ۾ محبت جو داستان ھجي. ان کان سواءِ کل، ڀوک، خوشي، ناچ گانو بہ ان ۾ شامل ھجي. ھن ۾ ھڪ قسم جو روماني داستان ھوندو آھي، جنھن جو انجام محبتي جوڙن جي شادي ۽ ميلاپ وغيره تي ختم ٿيندو آھي. روماني طربيہ ڊرامي جو خالق وليم شيڪسپيئر (1564-1616ع) آھي.[1]
سنگيت ناٽڪ
سنواريوسنگيت ناٽڪ (Opera)، ھن قسم جا ناٽڪ/ڊراما شاعري ۾ ھوندا اھن. ھنن جو پلاٽ الميہ يا طربيہ ٿي سگهي ٿو. ھنن ڊرامن ۾ موسيقي جو وڏو عمل و دخل ھوندو آھي. وقت سان گڏوگڏ ھن ۾ نوان نوان تجربا ٿيا اھن ۽ قومي، سياسي، رومانوي موضوع شامل ڪيا ويا اھن. اڪثر ڪري ھي ڊراما ٽن ائڪٽن تي مبني هوندا آهن. مرزا قليچ بيگ جو ”ليليٰ مجنون“ سنڌي زبان جو پھريون اوپيرا آھي. سنڌيءَ ۾ شيخ اياز ۽ سراج، ارجن شاد، علي دوست، عاجز ۽ ٻين پڻ سنگيت ڊراما لکيا آهن.[1]
طربيہ/مزاحيہ ڊراما
سنواريومزاحيہ ڊرامو(Comedy)، ڊرامي جو هڪ قسم. طربيہ/مزاحيہ ڊرامي جي پڄاڻي خوشيءَ سان ٿيندي آھي ۽ ان جو وڏو مقصد تفريح مھيا ڪرڻ هوندو آھي. حقيقت ۾ طربيہ ڊرامو زندگيءَ جي تقليد ڪري ٿو ۽ رسم و رواج جي عڪاسي ڪري سچائيءَ جو اولڙو اڇلي ٿو. طربيہ ڊرامي جي ظرافت جو دارومدار ڪنھن وقت، موقعي يا ڪنھن صورتحال تي يا ڪنھن مھل واري معنيٰ خيز مڪالمي تي ھوندو آھي. مزاحيہ ڊراما اصل ۾ طربيہ ڊراما هوندا آهن. طربيہ ڊرامو دل کي خوش بہ ڪري ٿو تہ وري دل ازاري بہ ڪري ٿو، ڇو جو ھڪ مزاحيہ ڊراما نگار نہ رڳو پنھنجي اسپاس جي انھيءَ حقيقت کي قبول ڪري رھيو آھي، بلڪہ اھو بہ ٻڌائي ٿو تہ ڇا نہ ٿيڻ گهرجي. ان حساب سان سندس ڊرامو زندگيءَ جي تنقيد واري رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. تنقيد سان گڏوگڏ ھو محسوس ڪري ٿو تہ زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏک وڌيڪ اھن، ان ڪري ھو پنھنجي زندگيءَ جو مقصد اھو ٿو رکي تہ اداس چھرن کي پائدار خوشي ڏجي. الميه ڊرامي جي برعڪس ھن ڊرامي جي پڄاڻي خوشگوار ۽ وڻندڙ ماحول ۽ فضا ۾ ٿيندي آھي. طربيہ ڊرامي ۾ وڏن ماڻھن جو ھجڻ ضروري نہ ھوندو آھي. بلڪہ ڪير بہ ھن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار ٿي سگهي ٿو.[1]
سنسڪرتي ڊراما
سنواريوسنسڪرتي ڊراما (Sanskrit Drama)، سنسڪرت ڊرامو يوناني ڊرامي کان گهڻو مختلک آھن. سنسڪرت ڊرامي جي ترتيب مختلف آھي، سنسڪرتي ڊرامي ۾ ھيڪڙايون (Unities) نظر انداز ھونديون اھن، سنسڪرتي ڊرامي ۾ خوشي ۽ غم جا موضوع ھڪ ئي وقت موجود ھوندا اھن، ڪورس، جيڪو يوناني ڊرامي جو روح آھي، اھو سنسڪرتي ڊرامي ۾ موجود نہ ھوندو آھي.سنسڪرتي ڊرامي ۾ ھنن ڳالھين جو ھجڻ ضروري سمجهيو ويندو ھو: قصو اھم ۽ مشھور ھجي. اکاڻي ديو مالائي يا تاريخي، ھجي، پوءِ ڀلي ان ۾ فرضي واقعا بہ شامل ھجن. ڊرامي جو سورمو راجا يا ديوتا ھجڻ گهرجي. ڊرامي جو موضوع فقط ھڪ ھجڻ گهرجي يعني عشق، جرئت ھمٿ يا جهيڙو وغيره وغيره. واقعات ۽ عمل ھڪ ٻئي مان ڦٽي نڪرن. اکاڻي جو زمانو وڌ ۾ وڌ ھڪ ڏينھن ۾ ختم ٿئي يا چند ڏينھن ۾، يا وڌ ۾ وڌ ھڪ سال ۾ ختم ٿئي. ڊرامي جي ٻولي پاڪ ۽ مقدس ھجڻ گهرجي. مشھور ڊراما: ڪاليداس جا ڊراما ’شڪنتلا‘ ۽ ’نل دمينتي‘ سنسڪرت ۾ لکيا ويا.[1]
ريڊيو ڊراما
سنواريوريڊيو ڊرامو (Radio Drama)، ريڊيائي ڊرامي کي ’نشرياتي ڊرامو‘ بہ چئبو آهي. ريڊيو ڊرامو لفظن، لھجي، صوتي اثرات ۽ بئڪ گرائونڊ موسيقيءَ جو نالو آهي. ان لاءِ اک نہ پر ڪن رس جي ضرورت آهي. ٻڌندڙ لفظن، لھجي، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقيءَ کي ٻڌي ڊرامي جي ڪردارن، ماحول وغيره بابت پنھنجي ذهن ۾ تصوير جوڙيندو آهي. يا وري لفظ، لھجو، صوتي اثرات ۽ پس منظر واري موسيقي ڊرامي جو ماحول، سٽاءَ، ڪردار نگاريءَ ۽ ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو مڪمل تصوير ٻڌندڙ جي ذهن ۾ جوڙيندو آهي. هڪ اعليٰ ريڊيو ڊرامي جو اثر ٻڌندڙ کي اڻ ڄاتل خوشي ۽ آسودگي پھچائي، ڪم ۾ رڌل هوندي بہ ڪو گيت يا نغمو جهونگاري حظ حاصل ڪري. سنڌيءَ ۾ ريڊيو ڊرامن جي شروعات 1950ع ڌاري ٿي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام 45 منٽن جو نشر ٿيندو هو، جنھن ۾ موسيقي، تقريرون، فيچر ۽ ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. سن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ٿي، جنھن ڪري سنڌي پروگرامن کي وڌيڪ وقت ملڻ لڳو. ڪراچيءَ مان اڌ ڪلاڪ جي مدت جا ڊراما نشر ٿيندا هئا، پر حيدرآباد مان سنڌي ڊراما هڪ ڪلاڪ جي مدت جا نشر ٿيڻ لڳا. سيد منظور نقويءَ جو پھريون سنڌي ڊرامو ’روٽي‘ جي عنوان سان نشر ٿيو هو، جيڪو هن پاڻ هڪ اردو ڊرامي تان ترجمو ڪيو هو. اڳتي هلي خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن کلي تہ اتان بہ ڊراما نشر ٿيڻ لڳا. موجوده دور ۾ ڪيتريون F.M ريڊيو اسٽيشنيون خانگي توڙي سرڪاري کلي چڪيون آهن، پر ريڊيو ڊرامو، چئنلن ۽ ٽيليويزن ڊرامن جي ڪري، پنھنجو اوج وڃائي ويٺو آهي.[1]
ڪتابي ڊراما
سنواريوڪتابي ڊرامو (Closet Drama)، ڊرامي جو اصل تعلق تہ اسٽيج سان آهي، سٺو ڊرامو اهو آهي جيڪو اسٽيج تي ٿئي تہ داد حاصل ڪري ۽ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي. پر ڪي اهڙا ڊراما بہ هوندا آهن جيڪي صرف ڪتابي صورت ۾ ئي مشھور ٿيندا آهن. اهڙي ڊراما ڪتابي ڊراما چورائيندا آهن.[1]
لوڪ ناٽڪ
سنواريولوڪ ڊرامو (Folk Drama) لوڪ ڪھاڻين تي جوڙيل ناٽڪ کي سڏيندا آهن.[1]
معجزائي ڊراما
سنواريومعجزاتي ناٽڪ (Miracle Plays)، انگريزي ڊرامي جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي تہ سڀ کان اول معجزائي ۽ ڪرشماتي موضوع وارا ڊراما لکيا ويا. اھڙي قسم جا ڊراما ھميشھ پادري ڪندا ھئا. جن پادرين وٽ مخصوص قسمن جي گاڏن مٿان اسٽيج ٺھيل ھوندي ھئي، سي انھن گاڏن کي ھڪ کوٺ کان ٻئي کوٺ ڪاھي ويندا ھئا ۽ ماڻھن کي ڊراما ڪري ڏيکاريندا ھئا. ھنن ڊرامن ۾ پادري خود اداڪاري ڪندا ھئا ۽ سندن موضوع مذھبي قدرن تي ٻڌل ھوندو ھو. ھنن ڊرامن ۾حضرت عيسيٰ ۽ ٻين وڏن پادرين جا معجزا ڏيکاريا ويندا هئا[1].
ميلو ڊراما
سنواريوميلو ڊراما (Melodrama) سنگيت ڊرامو يا گيتن ڀري ڪھاڻي. ھن قسم جي ڊرامن ۾ ٻن مختلک حالتن يا قصن جي وچ ۾ ڪشمڪش ڏيکاري ويندي آھي. انھيءَ کي تفصيل سان پيش ڪرڻ سبب اکاڻيءَ ۾ گهڻي ڊيگه ٿي ويندي آھي. ھنن ڊرامن ۾ خود ڪلامي (Soliloquy) جو گهڻو استعمال ٿيندو آھي. هن ڊراما ۾ موسيقيءَ ۾ وڏو عمل دخل ٿيندو آھي. ڊرامي جي ڪھاڻيءَ ۾ تجسس (Suspense) بہ گهڻو ھوندو آھي. ھنن ڊرامن جو انجام خوشگوار ماحول ۾ ٿيندو آھي.[1]
يوناني ڊراما
سنواريويوناني ڊرامو (Greek Drama)، ڊرامي جي شروعات قديم يونان کان ٿي.يونان جا ماڻھو ڊراما کي اعليٰ نظم (Great Poetry) سڏيندا ھئا. ڊراما سندن زندگيءَ ۾ مذھبي اھميت رکندو ھو.جيئن تہ يوناني مارو ماڻھو ھوندا ھئا ۽ مال چارڻ سندن اھم ڌنڌو ھو، ان ڪري زرخيزيءَ جو ديوتا ھنن لاءِ وڏي اھميت رکندو ھو. اھو ئي سبب آھي، جو يوناني ڊراما خاص طور تي الميہ ڊراما (Tragedy) جي شروعات مذھبي ميڙاڪن ۾ ٿي. ٽريجديءَ کي انھن ماڻھن ايجاد ڪيو، جيڪي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ”ٻڪري جو شعر“ چوندا ھئا ۽ ڪاميڊي انھن ايجاد ڪيو جيڪي فالڪ (Phallic) يعني لنگ جا ڀڄن کائيندا ھئا. يوناني ٽريجدي، ھڪ مذھبي ڊرامو ھو ۽ ڪڏھن بہ مذھب کان ازاد ٿي نہ سگهيو. ان سلسلي ۾ يوناني ماڻھو پنھنجي ديوتا ڊائيونيسس جي احترام ۾ ھڪ وڏي پنڊال جو اھتمام ڪندا ھئا. انھن مذھبي رسمن ۾ دعائن سان گڏ ھڪ گيت بہ کايو ويندو ھو، جنھن کي ڊٿي ريمب (Dithyramb) يعني ٻڪريءَ جو گيت چيو ويندو ھو. اھو ئي سبب آھي تہ يونان ۾ ٽريجڊيءَ جو مطلب آھي ”ٻڪريءَ جو گيت“ جيئن تہ ھن رسم ۾ ٻڪري کي قربان ڪيو ويندو ھو ۽ ان ڪري اھا رسم عبادت ۽ عقيدت سان گڏوگڏ المناڪ بہ ھوندي ھئي، ان ڪري ان کي ٽريجدي چيو ويندو ھو.[1]
ڊرامي جون وحدتون/ايڪايون
سنواريوڊرامي جون وحدتون (Unities of Drama): ارسطوءَ مطابق ھڪ ڊراما ۾ ٽن قسمن جون وحدتون (unities) ضرور ھئڻ گهرجن:
(1) وقت جي وحدت (Unity of Time): وحدتِ زمان يا وقت جي هيڪڙائيءَ جو مطلب اھو آھي تہ ھڪ ڊرامو ھڪ ئي وقت شروع ٿي ختم ٿئي. ڪھاڻي ۽ ڪردار جنھن دور جا هجن، انهيءَ سان مطابقت هجن. ڪردار، اها ئي ٻولي ڳالهائي ۽ لباس بہ ان دور جو پائي. پنھنجي دور سان مطابقت رکي.
(2) جاءِ جي وحدت (Unity of Place): وحدتِ مڪان يا جاءِ جي ھيڪڙائيءَ جو مطلب اھو آھي تہ ھڪ ڊرامو جنھن ھنڌ شروع ٿيو ھجي، اھو ساڳيءَ جاءِ تي ختم ٿئي. ڪردار جنھن ملڪ يا علائقي جو هجي، ان سان مطابقت رکي.
(3) عمل جي وحدت (Unity of Action): وحدت يا عمل جي ھيڪڙائيءَ جو مقصد اھو آھي تہ ھڪ ڊرامي ۾ ھڪ وڏو يا خاص عمل ھئڻ گهرجي. مطلب تہ اگر ڊرامو مزاحيہ (Comedy) آھي تہ ھڪ عام عمل ھئڻ گهرجي اگر سنجيده (Tragedy) ھجي تہ ان ۾ گنڀير عملن کي پيش ڪيو وڃي. ڪردارن جو عمل زمان ۽ مڪان سان مطابقت رکندو هجي.[1]
ناٽڪ منڊلي
سنواريوناٽڪ منڊلي (Dramatic Society) اها جڳھ جتي ”اسٽيج ناٽڪ“ رچايا وڃن، ان جاءِ کي ”ناٽڪ منڊلي“ چئبو آهي. 1894ع ۾ سڀ کان پھرين سنڌي ناٽڪ منڊلي ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيء ۾ ’Immature Dramatic Society‘ جي نالي سان قائم ٿي. ھن منڊلي پھريون ناٽڪ ڄيٺا نند گلڻنداس ڀرياڻيءَ جو ترجمو ”نل دمينتي“ پيش ڪيو ويو هو. پوءِ منڊليءَ ٻيا بہ ڪيترا ڊراما پيش ڪيا، ”جي اڪثر مذھبي نوعيت جا ھئا. ناٽڪن جي وڌندڙ دلچسپيءَ جي ڪري سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ناٽڪ منڊليون کلنديون ويون، جن ۾ ڌرم ”اپڪار ڊراميٽڪ سوسائٽي“ شڪارپور (1897ع) ”بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدراباد“ 1905ع)، ”چانڊڪا اميچوئر“ ڊراميٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو 1907ع) ۽ ”اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي حيدراباد“ 1912ع) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شامل هيون.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 1.19 1.20 1.21 ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.