شاعري (Poetry)

شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ’ڪويتا‘ به چئبو آهي. شاعري جذبن جي اظهار جو نالو آهي، جيڪا بي ساخته ڪئي ويندي آهي. وليم وزڊس ورٿ چيو هو ته ”شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اظهار آهي.“ (ڏسو سريلن گين جو مهاڳ) شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي، جنهن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر جي ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. پر ان ۾ خيال جي پرواز به اعليٰ هوندي آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير ۽ اندروني ڪيفيتن جو اظھار آھي. شاعري قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش منظرن جو عڪس به ڪري ٿي. سنڌي زبان ۾ شاعري عام طرح ٽن نمونن جو آهي جهڙوڪ: (1)قديم شاعري. (2) عروضي شاعري. (3) جديد شاعري. 1- سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم اھي. عربن جي زماني کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو ھو. قديم شاعري ۾ گنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽ سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ، لوڪ-ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي. 2- عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نه رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ ”رديف“ به ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، رباعي، قطعو، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره اچي وڃن ٿا. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي