چار مقالا مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب آهي، جنھن جو ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي آهي.[1][2] هن ڪتاب کي پاڪستان جي سي ايس ايس ۽ سنڌ صوبي جي پي ايم ايس امتحان جي اختياري مضمونن ۾ سنڌي جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي شاخن مان سنڌي ناول، سنڌي ڊرامو، سنڌي افسانو ۽ سنڌي مضمون جي عنوان سان چار مقالا درج ٿيل آهن. ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو پاران پھريون ڀيرو سال 1974 ۾ ڇاپيو،[2] جڏهن تہ ان جو ٻيون شُمارو سال 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو.[3]

حوالا سنواريو

  1. "چار مقالا (ڪتاب) : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-11-25. 
  2. 2.0 2.1 "چار مقالا (محمد اسماعيل عرساڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2020-11-25. 
  3. Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)