ابو علي سنڌي بايزيد بسطاميءَ جو استاد هو. بايزيد بسطاميءَ فرمايو آھي تہ ”مون ابو عليءَ کان توحيد ۾ فنا جو علم سکيو. ۽ ابو عليءَ مون کان ”الحمد“ ۽ قل ھو الله سکندو رھيو“. مولانا عبيدالله سنڌيءَ ھڪ دفعي فرمايو تہ شيخ ابو علي سنڌي نو مسلم ۽ ويدانيت واري فلسفي جو وڏو عالم ھو ۽ انھي فلسفي جو بنياد ئي توحيد ۾ فنا ٿيڻ ۾ آھي. شيخ با يزيد بسطامي ھن نو مسلم ويدانتيءَ کان توحيد جا حقائق ۽ انھيءَ علم جون باريڪيون دليلن سان سمجهندو ھو، ابو علي نو مسلم ھجڻ جي ڪري نماز جي ننڍين سورتن جي تعليم وٺندو ھو. ڇاڪاڻ جو نو مسلم لاءِ نماز جون ننڍيون سورتون سکڻ تمام ضروري ھو. ھن مان ظاھر آھي تہ اسلامي تصوف ۾ جو وحدت الوجود جي مسئلي جو ميلاپ ٿيو آھي. ان جو بنياد شروع ۾ سنڌ جي نو مسلمانن جي ذريعي پيو آھي. ان کان پوءِ علم يا فلسفو ۽ خدا شناسي سموري دنيا تي صوفياء ڪرام جي ذريعي حاوي ٿيا. شيخ ابو علي سنڌيءَ جي وفات جي تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آھي.[1]

شيخ ابو علي سنڌي، شيخ طريقت، ابو يزيد طيفور بن عيسيٰ بسطاني (متوفي 261ھ) جي شيوخ مان هو. بايزيد چوي ٿو تہ مون ابو عليءَ کان فنا ۽ توحيد جو علم سکيو، ۽ ابو عليءَ مون کان ’الحمد‘ ۽ ’قل هو الله احد‘. ”نفحات“ ۾ شيخ روزبھان جي ” شطحيات“ جي شرح کان نقل آهي تہ هو بايزيد بسطامي جو استاد هو. شيخ ابو نصر عبدالله بن علي بن سراج طوسيءَ بہ سندس ذڪر پنهنجي مشھور ڪتاب ”اللمع“ ۾ ڪيو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. ابو علي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.
  2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مھراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع