دنيا اندر ڪميونسٽ نظريي وارا ملڪ ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل ۽ اڳوڻا سوشلسٽ ملڪ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل


اشتراڪيت ياڪميونزم (انگريزي: Communism ) ھڪ سماجي نظريي جو نالو آهي جنھن مطابق پيداوار جي جملي ذريعن، ان جي ورھاست جي ذريعن ۽ مٽاسٽا جي ذريعن مثلاً پيسي وغيره تي حڪومت جو قبضو رھڻو آھي، ته جيئن انھن کي عام ماڻھن جي فائدي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگھجي. ھن نظريي مطابق سماج جي ترقي لاءِ ذاتي ملڪيت جو خاتمو ضروري آهي جنھن سان دنيا جنت ۾ تبديل ٿي ويندي. ھن نظريي مطابق ذاتي ملڪيت کان بغير سماج دنيا ۾ ڪا نئين ڳالھ ناھي ڇوتہ انسان اھڙو سماج اوائلي اشتراڪي دور م ڏسي چڪو آھي. ڪارل مارڪس پنھنجي فڪر ۾ تاريخي ماديت جو نظريو پيش ڪيو جنھن مطابق سماج ھڪ شڪل مان ترقي ڪندي ٻي شڪل م تبديل ٿئي ٿو ۽ اھي سماجي تبديليون اڻ ٽر آھن. ان جي خيال مطابق سماج اوائلي اشتراڪي دؤر مان جاگيرداري م تبديل ٿيو ۽ وري سرمائيداراڻو سماج آيو جيڪو ڪميونسٽ سماج ۾ ارتقائي طريقي سان تبديل ٿي ويندو. جنھن کي مارڪس تاريخي ماديت جو نالو ڏنو.

ان تبديلي لاء تياري جو انقلابي قدم سوشلزم آھي. ھن نظريي جو بنياد جدلياتي ماديت آھي جيڪا دھريت آھي. ڪارل مارڪس (1818-1883ع) ۽ فريڊرڪ اينجلس (1820-1895ع) جي ان جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي خيالن کي مارڪسزم چوندا آهن. هن نظرئي پٽاندڙ سڀ پيداواري وسيلا ۽ انهن جو ورهاڱو به رياست جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ڪميونزم، سوشلسٽ نظام جي سڀ کان اڳڀري شڪل آهي، جنهن ۾ دولت (ناڻي) جي پيداوار ايتري وڌي وڃي، جو معاشرو ماڻهن جي سڀنن گهرجن کي پورو ڪرڻ تي قادر ٿي وڃي. رياست جو ڪم ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ نه هوندو، پر پيداوار جي تنظيم ڪاري ڪرڻ هوندو. سنڌي ادب ۾ جديديت واري دور کان اڳ وارو ترقي پسند ادب اشتراڪي نظرئي کان گهڻو متاثر هو. ساڳيو لاڙو 1980ع کان 1985ع تائين هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي شد مد سان نظر آيو. [1]

ڪميونسٽ نظامسنواريو

 
اشتراڪيت جو نسبتي نشان

پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي انھيءَ نظريي جو تجربو روس (سوويت يونين) ۾ ٿيڻ لڳو. ابتدا ۾ اُنھن کي سرمائيدار ۽ سامراجي طاقتن جي مخالفت ڪري مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو. ليڪن جلد ئي ھنن پاڻ کي سنڀالي ورتو، ۽ پلئننگ (رٿا) مطابق ترقي ڪرڻ لڳا. ھنن جي سياسي پاليسي سامراجين ۽ سرمائيدارن جي خلاف ھئي، ان ڪري ڪمزور ۽ غلام قومن کي انھن کان سھارو ملڻ لڳو[2].

 
چين جي شھر شنگھائيء ۾ ڪارل مارڪس(کاٻو) ۽ فريڊرڪ اينگلز (ساڄو) جو يادگار

ھنن جو سياسي نظام ھڪ پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ وارو ھئڻ ڪري، وٽن جماعتي ضابطي کي وڏي اھميت ڏني ٿي ويئي. وٽن جماعت جي مفاد تي فرد جي مفاد کي قربان ٿيڻو ھو. انھيءَ يڪطرفيءَ ۽ ھڪ رنگيءَ حالت کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ کين گھڻين مالي مشڪلاتن ۽ خون خرابين مان گذرڻو پيو، ۽ جلد ترقيءَ لاءِ کين تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ليڪن آھستي آھستي ٿي، سندن عوام جي ترقي ڏسي، اھو عقيدو دنيا ۾ زوردار واءُ وانگر چوڌاري پکڙجڻ لڳو[2]. انگلينڊ ۾ صنعتي انقلاب ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو، ۽ پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويو. ان جي نتيجي ۾ سرمائيداريءَ جو سياسي ۽ سماجي نظام اُڀريو، ان جي خلاف اشتراڪيت جي نظريي ”انقلابي“ رخ اختيار ڪري ورتو، اهو متبادل سماجي نظام طور سوويت يونين ۾ 1917ع ۾ چالو ٿيو ۽ پوءِ دنيا ۾ ٻيون اشتراڪي رياستون به وجود ۾ آيون، سوويت يونين جي اشتراڪي مملڪت 70 سال قائم رهي.[3] دنيا جي سماج کي ڪميونسٽ سماج لاء تيار ڪرڻ طرف انقلابي قدم سوشلزم آھي.

ڪميونزم جا پرچارڪسنواريو

وڌيڪ ڏسوسنواريو

حوالاسنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [1]
  3. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B4%D8%AA%D8%B1%D8%A7%DA%AA%D9%8A%D8%AA