تمثيل __(Allegory):


تمثيل جي لغوي معنيٰ ٿيندي ’ڪنهن شيءِ جھڙو ٿي وڃڻ‘. مشابهت يا نظير. نثر ۽ شاعريءَ ۾ شين، ماڻهن ۽ واقعن تي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. تمثيل ۾ ڪردار انساني خصوصيتن جي نمائندگي ڪندا آهن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي لوڪ ڪهاڻين جي سورهين ۽ سورمين کي تمثيلي طور ڪتب آندو آهي. جان بنيان (1626-1688ع) جو ڪتاب “Pilgrim’s Progress” هڪ مشهور تمثيل آهي، جنهن جو ترجمو پرڀداس ڀيرومل “سالڪ جو سفر” سان ڪيو آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي