ڳاھ (Gaahسنڌ ۾ ڳاهون قديم زماني کان ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ ڳائي وڄائي پيش ڪندا هئا. سومرن ۽ سمن جي دَور ۾ شاعريءَ جي هي صنف عروج تي پهتل هئي. ”ڳاھ“ هڪ قسم جو واقعاتي يا بياني بيت آهي. ڀانئجي ٿو تہ هن لفظ جو بنياد ”ڳائڻ“ آهي ۽ ڳائڻ مان ئي ”ڳاءِ“ بڻيو آهي ۽ ان مان ”ڳاھ“ ٿيو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ”ڳاھ“ منظوم مصرعون آهن، جن مان اڪثر ڏوهيڙي جي شڪل ۾ آهن، البته ڪن ڳاهن ۾ ٻن مصرعن کان پوءِ وراڻيءَ طور هڪ ننڍي تڪ بہ پويان بيهاريل آهي. مضمون جي لحاظ کان ان ۾قصي جي خاص موقعن جو ذڪر هوندو آهي. ان ڏس ۾ ڏمڻ سوناري جي قصي مان هڪ ڳاھ نموني طور هيٺ ڏجي ٿي: اڪ نہ ڪجي ڏندڙو، سپ نہ کائجي ماھ، ات نہ لائجي نينهڙو، جت ٿئي جيءَ وڻاھ، تن سونارن سان الا، مون من موهيو وي![1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.