اديب/اديبہ (Author) ادب جي سرجيندڙ مرد يا عورت کي ’اديب‘ يا ’ساهتڪار‘ چيو ويندو آهي. اديب علم ۽ ادب (شاعري يا نثر) ۾ خيالن جو اظھار ڪندو آهي ۽ سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. اديب ماحول ۽ سماج جي سمورن عنصرن ۽ سببن کان متاثر ٿئي ٿو، جن تي سماجي زندگيءَ جي عمارت بيٺل هوندي آهي، جيڪي ڪجهہ م ان جي زمان ۽ل مڪان ۾ وهي واپري ٿو، ان کان سندس فطرت ۽ طبع متاثر ٿئي ٿي ۽ اهي اثر کيس پنھنجن خيالن پيش ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا. اديب پنھنجي خيالن جي اظھار ۾ بلڪل آزاد هوندو آهي، ليڪن تاريخ جي مادي نظرين ۽ سماج جي مطالعي مان ظاهر آهي تہ اديب جن خيالن جو مظاهرو ڪري ٿو، سي ڪنھن نہ ڪنھن نصب العين ۽ نقطہ نظر سان وابستہ هوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.