علي بابا
علي بابا | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 8 آگسٽ 1940 ڪوٽڙي |
موت | 8 آگسٽ 2016 (76 سال)[1] ڪراچي |
شھريت | پاڪستان برطانوي راڄ |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ |
ڪم جي ٻولي | سنڌي |
ترميم |
علي بابا جو اصلي نالو علي محمد، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. 1940ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو هو هڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس هو.
اوائلي زندگي
سنواريوسندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو.
ملازمت
سنواريوعلي بابا پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي.
ادبي کيتر
سنواريوعلي بابا هڪ سٺو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا. ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي.
اديبن جا رايا
سنواريوسنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ رکيل رهن ٿا ۽ دائمي اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. مھين جي دڙي (Mohen Jo Daro) جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو.[2]
وفات
سنواريوعلي بابا، 8 اگسٽ 2016 سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ https://historygreatest.com/ali-baba-pakistani-writer-died-at-76
- ↑ علي بابا ۽ سندس ڌرتيءَ ڌڪاڻا | SindhSalamat, وقت 2016-08-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-08
- ↑ هڪ يگاني ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو وڇوڙو