ڳيچ
ڳيچ (Geech) جي لفظي معنيٰ آهي، اهو ڪلام، جيڪو ڳايو وڃي، ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي، اهو ڳائڻ، جو شاديءَ يا خوشيءَ جي موقعي تي اڪثر عورتون ڳائين. لاڙ ۾ ڳيچن کي ’ڳيو‘ چون ۽ ٻين ڪن ڀاڱن، خصوصاً شهرن ۾ ان کي ’سهرو’ چون. ’ڳيچ‘، عورتن جا مخصوص لوڪ گيت آهن، جي سنڌ جي هر ڪنڊڪڙڇ، هر وسينءَ واهڻ، هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، خوشيءَ ۽ شاديءَ جي موقعي تي ڳايا وڃن ٿا. ڳيچ جا آڳاٽا اهڃاڻ، سومرن جي، دور کان ملن ٿا. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرکان شيخ (وفات 1300ع) پهرين شاعره آهي، جنهن ڳيچ ڳايا، جن ۾ هن پنهنجي مرشد جي مدح ڪئي آهي. سندس ڳيچ جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو: هي ڪانڊيرڙي لس، هي واسرڙي وس آءُ کلندي ڪڏندي اچان، ڪرهيل ڏٺم سک پار ۾، آءُ کلندي ڪڏندي اچان، ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾، آءُ کلندي ڪڏندي اچان![1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.