چَنگ(انگريزي:Chang Instrument) هڪ ساز آهي جيڪو آڳاٽي زماني کان سنڌ ۾ رائج آهي.چنگ ساز سنڌ جو قديم قومي ۽ عوامي ساز آهي. هيءُ ساز ڦوڪ ۽ آڱر جي ضرب سان وڄايو ويندو آهي، لوھ جي اٽڪل چار سوت کن ٿلهي تار کي موڙي گول دائري جي صورت ۾ آندو ويندو. هر هڪ گول جي مُنڍ وٽان ٽن سوتن جي وٿي رکي ويندي. ان جون تارون ٻاهر ڇڪي، ٽن انچن جي مفاصلي تي چنهنبيارون رکيون وڃن ٿيون. گول جي وچ تي هڪ سنهي چپٽي تار چهنب وانگر نڪري ٿي ۽ ٻنهي سرن وٽان ٻاهر نڪتل تارن جي وچ مان گذري، تارن جي ڇيڙي وٽ مٿي مُڙي ٿي ته جيئن ان کي آڱر سان  ضرب ڏئي لڙائي يا ڇيڙي وڄائي سگهجي. اهائي تات سر ڇيڙيندي آهي. [1]

Georgian Changi
Chang instrument

حوالا سنواريو

  1. "چنگ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-23.