تشبيهه __سملي _Simile: (/ˈsɪməli/)


”تشبيھ“ عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”مشابهت، ڀيٽ، تمثيل.“ علم بيان جي اصطلاح موجب، شعر يا نثري عبارت ۾ ”ڪنهن هڪ شيءَ کي ٻيءَ شيءَ جي برابري ڪرڻ؛ يعني ٻن مختلف لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري، منجهن ڪنهن خاص ڳالهه يا گڻ جي هڪ جهڙائي ڏيکارڻ کي ”تشبيهه“ چئبو آهي. انهن شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، ”وانگر، وانگيان، وانگي، مثل، جهڙو، جيان، جان، طرح،ڄڻ، وغيره“ مان ڪو به هڪ لفظ استعمال ٿيل هوندو آهي.ڪجهه مثال ڏجن ٿا:- (i) ظهير چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو سهڻو آهي. (ii) خليل جا اکر موتين جهڙا آهن. [1] سملي ھڪ اھڙو بياني علم يا فگر آف اسپيچ آھي جيڪو سڌو سنئون ٻن شين جي ڀيٽ ڪندو آھي[2][3]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Murfin, Ross; Ray, Supryia M. (2003). The Bedford Glossary of Critical and Literary Terms (2nd ed.). Bedford/St. Martins. pp. 447–448. ISBN 978-0312259105. 
  3. "Simile". Literary Terms. حاصل ڪيل 6 April 2016.