سامي (شاعر)
سامي ٽالپور دور جو هڪ سنڌي شاعر ٿي گذريو آهي. ان جو اصل نالو "ڀائي چين راءِ بچومل" هيو. سندس جنم 1743ع ۾ شڪارپور، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تخلص "سامي" هيو ۽ اُنهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. هن ويديڪ ڏاهپ کي پنهنجي سنڌي شولوڪ ۾ بيت شڪل سان ملائي ڇڏيو.[1] [2]
چَين راءِ بچومل | |
---|---|
چين راءِ بچو مل سامي | |
تاريخ پيدائش | 1743ء شڪارپور، سنڌ |
تاريخ وفات | 1850ء شڪارپور |
قابل احترام | هندومت |
روايت | شاعري |
سامي جو اصل نالو ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ هو. ڀائي چين شڪارپور ۾ 1743ع ۾ ڄائو. هن جيڪا شاعري ڪئي ان کي "سامي جا سلوڪ" سڏيو وڃي ٿو.[3]
سامي تخلص اختيار ڪرڻ جو سبب هي ٻُڌايو ويو آهي تہ هِن پنهنجي گرو (مُرشد، اُستاد) سوامي مينگهراج ٻانڀڻ جي نالي کي شرف ڏيڻ خاطر ايئن ڪيو،ڪٿي ڪٿي ٻانڀڻ کي به تخلص طور ڪم آندو اٿس. هو هندومت سان لاڳاپيل هيو ۽ هڪ شاعر هيو، سندس شعرن جي مجموعي جو نالو سامي جا سلوڪ آهي، ساميءَ جي وفات شڪارپور شهر ۾ سال 1850ع ۾ 107 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.
حوالا
سنواريو- ↑ "Ustad Bukhari, the voice of love and liberty". The Nation. حاصل ڪيل 2019-03-19.
- ↑ Paniker, K. Ayyappa (1997) (en ۾). Medieval Indian Literature: Surveys and selections. Sahitya Akademi. ISBN 9788126003655. https://books.google.com.pk/books?id=KYLpvaKJIMEC.
- ↑ "ساميءَ جي لهجي ۽ اسلوب جو لساني جائزو | Linguistic Evaluation of Sami". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-03-19.
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوھي مضمون هندوازم ۾ ڪنهن به قابل ذڪر ماڻهو جي باري ۾ ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |