مولانا دين محمد وفائي (پيدائش: 4 اپريل، 1894ع - وفات: 10 اپريل، 1950ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جا ممتاز سياستدان، عالم دين، سوانح نگار، صحافي، تذڪره نويس، اديب ۽ خلافت تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ھيا. پاڻ صحافت جي ذريعي انگريز سامراج کان آزادي جي لاءِ ھندستان جي مسلمانن جي ذهن سازي جو ڪردار ادا ڪيائون ۽ مسلمان تشخص کي برقرار رکڻ تي زور ڏنائون.

دين محمد وفائي
پيدائش اپريل 04 1894(1894-04-04)ع
ڳڙھي ياسين، سکر، ھاڻوڪو پاڪستان
وفات اپريل 10 1950(1950-04-10)ع
سکر، پاڪستان
قلمي نالو وفائي
ڌنڌو سياست دان، صحافي، اديب، تذڪره نويس، عالم دين
ٻولي اردو، سنڌي
شهريت  پاڪستان
صنف سياسيات، صحافت، سوانح نگاري
ادبي تحريڪ خلافت تحريڪ
مُکيه ڪم تذڪره مشاهير سنڌ
تاريخ محمد مصطفيٰ
لطفِ لطيف

زندگيءَ جو احوال سنواريو

دين محمد وفائي 4 اپريل، 1894ع تي سنڌ ۾ سکر ضلعي (ھاڻوڪو شڪارپور) تعلقي ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ نبي آباد، ھاڻوڪي پاڪستان ۾ پيدا ٿيا.[1][2] سندن جي والد جو نالو خليفو گل محمد ڀٽي ھو.[3]. فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ بطور معلم لاڳاپجي ويا.[1]

صحافت سنواريو

ڪراچي ۾ مستقل رھائش اختيار ڪرڻ کان بعد پاڻ صحافت جي طرف ڀرپور توجھ ڏنائون ۽ الوحيد ۽ الحزب سان لاڳاپيل رهيا. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي وقت پاڻ الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر شايع ڪيائون جيڪو سنڌ صوبي جي تاريخ ۽ ثقافت تي ھڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.[1]پاڻ الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ۽ توحيد جو مدير پڻ رھيو. مھراڻ رسالي جو معاون رھيو. پاڻ 1919 کان 1946 تائين الوحيد جي معرفت قوم ۽ وطن جي خدمت ڪندو رهيو[4]

سياست سنواريو

دين محمد وفائي خلافت تحريڪ سان واڳيل رهيا.[5] ھو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ ۽ تحريڪ پاڪستان جا بہ سرگرم ڪارڪن ھيا.پاڻ مولانا عبيدالله سنڌي جو فڪري ترجمان رھيو ۽ شاھ ولي الله جي فلسفي جي مطالعي م وقت گذاريائين[6]

تصنيفون سنواريو

دين محمد وفائي 22 ڪتاب تحرير ڪيا جن ۾ ٽن جلدوں ۾ شايع ٿيندڙ تذڪره مشاهير سنڌ وڏي علمي شان رکي ٿو.[1] ان کان علاوه سندن جون ٻيون تصنيفون ھي آھن:

  • تاريخ محمد مصطفيٰ
  • فاروق اعظم
  • صديق اڪبر
  • سيرت عثمان
  • حيدرِ ڪرار
  • خاتونِ جنت
  • قرآني صداقت
  • هندو ڌرم ۽ قرباني
  • اظهار الڪرامت
  • لطفِ لطيف
  • شاه جي رسالي جو مطالعو
  • مقصد زندگي
  • راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي

مھراڻ رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو رڪن ھيو ۽ ھن پنھنجو مشھور ڪتاب لطف الطيف مھراڻ پبلشنگ هائوس مان شايع ڪرايو

وفات سنواريو

10 اپريل، 1950ع تي پاڪستان جو نامور عالم دين، صحافي ۽ خلافت تحريڪ جو ڪارڪن مولانا دين محمد وفائي سکر، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو.[1][2][5]وفات وقت سندس عمر 60 سال ھئي..[7]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ص 50، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثه / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع
  2. 2.0 2.1 دين محمد وفائي، سوانح و تصانيف ويب، پاڪستان
  3. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ،جامشورو، 2005ع، ص 289
  4. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  5. 5.0 5.1 مين آف هسٽري، ڊان نيوز، ڪراچي، 11 اپريل 2010ع
  6. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  7. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }