ناول
ناول اطالوي ٻولي جي لفظ Novela مان نڪتو آهي۔ لغت جي اعتبار سان ناول جي معنيٰ نادر ۽ نئين ڳالهه آهي۔ پر ادب جي صنف ۾ هن جي وصف بنيادي زندگي جون حقيقتون بيان ڪرڻ آهي۔ ناول جي جيڪڏهن جامع وصف ڪئي وڃي ته هيئن ٿيندي ”ناول هڪ نثري قصو آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل زندگي بيان ڪئي ويندي آهي۔“ ناول جا عنصرن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، مڪالمو، اسلوب ۽ موضوع وغيره شامل آهن.
ناول جو ترجمو اسان سنڌي زبان ۾ قصو، افسانو يا ڪهاڻي ڪندا آهيون. ناول ادب جو اهو اهم ضروري ڀاڱو آهي، جنهن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نه سگهي. جهڙيءَ طرح شعر گوئيءَ ۾ فصاحت، بلاغت، شاعراڻي صنعتن، ۽ بلند خياليءَ کي دخل نه هوندو آهي ته اهو شعر بي نمڪ ٿي پوندو آهي ۽ صرف معمولي نظم جي درجي تي ئي هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ناول نويسي يا افساني نگاري ۾ به جيستائين شاعراڻو نثر ڪم نه آندو ويندو آهي، تيستائين اهو هرگز دلچسپ بڻجي نه سگهندو آهي. ناول ۾ ٻن مکيه ڳالهين جي ڏاڍي گهڻي ضرورت آهيِ (1) آکاڻي (2) سيرت نگاري. آکاڻي هميشه اهڙي مزيدار ۽ زماني حال جي موافق هجي ۽ منجهس اهڙي ته ڪشش هئڻ گهرجي جو پڙهندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين اهڙو ته قيد ڪري وٺي جو جيستائين ناول کي ختم نه ڪن، تيستائين کين آرام نه اچي. نه فقط ايترو پر جيڪي واقعا ناول ۾ قلمبند ٿيل هجن انهن کان ايترو ته متاثر ٿين، جو آکاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ايندو ان لاءِ دل ۾ هر وقت هورا کورا رهندي اچين ۽ دليل ڊوڙائيندا رهن. ان کان سواءِ آکاڻيءَ ۾ آيل اداڪارن جي سيرت نگاريءَ جا ٻه طريقا آهن: پهريون اداڪارن جي گفتگو مان ظاهر ڪرڻ (2) مصنف جي قلم مان. هڪ چڱي ناول ۾. ان جو مصنف، اداڪارن جي واتان سندن دلي جذبات ۽ هلت چلت تان پردو کڻي، کين اصلي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو. هن مان ڏسبو ته گفتگو جا ڊرامي جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي سا ناول جو پڻ هڪ ضروري جزو آهي. هڪ سٺي ۽ عظيم الشان قصي يا ناول جو مدار آهي مصنفن جي تنقيدي قابليت تي. اهڙو ڪتاب مصنف جي نقطئه نگاهه کان زندگيءَ تي هڪ صحيح راءِ زني آهي. هو ڪڏهن اداڪارن جي واتان نڪتہ چيني ڪرائي ٿو، ته ڪڏهن پاڻ تنقيد ڪري ٿو. هر هڪ اعليٰ پيماني جو ناول هميشه زندگيءَ مان ئي اُڀري نڪري ٿو. زندگيءَ تي ئي سندس مدار آهي ۽ جي حقيقتون زندگيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن کان هرگز بي نياز ٿي نٿو سگهي. درحقيقت افسانو هڪ انساني اعمال جو دفتر آهي. ڪنهن جي حياتيءَ جي سرگزشت بيان ڪندي، مصنف جي تيز بين نظر انساني زندگي جي مختلف پهلوئن تي پوي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي آزمودي ۽ خيالي قوت سان ان جي مافي الضمير جو يا ته پنهنجي لفظن ۾ نقشو چٽي ٿو يا اداڪارن جي زبان مان ظاهر ڪري ٿو.
ناول لکندڙ لاءِ اهو بلڪل ضروري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي پنهنجي سامهون رکي ۽ اخلاق جو دامن بلڪل به هٿان نه ڇڏي. ناول ۾ ليکڪ کي نه صرف با معنيٰ، پُر مراد ۽ دلچسپ آکاڻي قلمبند ڪرڻ کپي، پر ساڳئي وقت کيس اخلاقي اصلاح جو به خيال ڌارڻ گهرجي. هن مان ثابت آهي ته سٺي ناول لاءِ موضوع سست هوندو ته خيالَ به ان ۾ پست هوندا. تنهنڪري مضمون جي چونڊ ڪرڻ لاءِ به وڏي لياقت گهرجي.
ناول جي دنيا ۾ به نالو حاصل ڪرڻ لاءِ، ناول لکندڙ کي لکڻي اهڙي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي جذبن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪري جو مضمون بلڪل رسيلو ٿئي ۽ پڙهندڙ جيئن جيئن ان کي پڙهندو وڃي تيئن تيئن منجهس پڙهڻ لاءِ وڌيڪ خواهش پيدا ٿيندي وڃي. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ناول جي مضمون ۾ ضرور شاعراڻو نثر هئڻ گهرجي. تنهنڪري ضروري آهي ته ان ۾ شعر وانگر فصاحت بلاغت به هجي ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. وڌاءَ کان سواءِ ناول رونق ڪين وٺندو، پر اهو واڌءُ اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن سان انساني زندگيءَ جا مختلف پاسا اڏو ٿاچي وڃن ۽ اسان کي دنيا اندر الڳ الڳ حيثيتن ۾ ۽ الڳ الڳ حادثن ڪري جن خوشگوارين يا ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جي جي ڳالهيون هن دنيوي زندگيءَ ۾ ٿئيڻي جي حد اندر آهن، اهي کلي پون. هر هڪ قوم يا فرد کي جهڙي جهڙي رنگ ۾ هيءُ سماج يا سوسائٽي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ان مان جيڪو آزمودو پرايو اٿس سو ڪن سچين يا من گهڙت ڪردارن يا اداڪارن جي زبان مان افسانوي طور منظر عام تي آڻي ڏيکارجي، ان لاءِ ته عوام الناس انهن عجيب و غريب تجربن مان سبق حاصل ڪري، پنهنجي زندگي لاءِ پروگرام مرتب ڪري ۽ اڳين جي آزمودن کي سامهون رکي هن ڌرتيءَ کي جتي جتي کيس کڏون کُٻا يا لاهيون چاڙهيون نظر اچن، انهن تي سولائي ۽ سلامتيءَ سان عبور حاصل ڪري سگهي. شعر وانگر ناول پڻ انساني جذبن جو آئينو آهي. [1][2] اول حقيقت ۾ لاطيني لفظ Novus جي بگڙيل صورت اھي، جنھن جي معنيٰ اھي ”نئون“. اھو لفظ اطالوي ٻوليءَ معرفت انگريزيءَ ۾ ايو. اطالوي ۾ لفظ اھي، نوويلا (Novella)، جنھن کي ڪھاڻي جي معنيٰ ۾ ڪتب اندو ويو. فرانسيسي ادب ۾ وري ان ساڳئي لفظ ناول (Novelle) جي صورت اختيار ڪئي، اخر ۾ اھو لفظ انگريزي ۾ ناول (Novel) جي صورت ۾ آيو. سنڌي ادب ۾ اھو لفظ ناول Novel طويل افساني طور استعمال ٿو ٿئي، بھرحال سنڌيءَ ۾ اھو لفظ ساڳي ئي معنيٰ ۽ مفھوم سان انگريزي معرفت پھتو اھي. ناول، انسان جي چوڌاري ٿيندڙ واقعن، چرندڙ پرندڙ جيوت جي تصوير اھي، جنھن ۾ پڙھندڙ نھ رڳو پنھنجي حالتن کي لفظن جي رنگينيءَ وسيلي، خوبصورت ڪري ڏسي ٿو پر کيس ٻين ماڻھن جي وجود ۽ حالتن جو بھ احساس ٿئي ٿو. سنڌي ادب ۾ ناول انگريزي ادب وسيلي ايو، سڀ کان پھريون ناول ”راسيلاس“ اھي، جيڪو 1870ع ۾ منشي اڌارام ترجمو ڪيو هو ۽ پھريون طبعزاد ناول مرزا قليچ بيگ جو ”دلارام“ اھي، جيڪو 1888ع ۾ ڇپيو. هن وقت تائين هند سنڌ ۾، سنڌيءَ ۾ سوين ناول لکجي چڪا آهن.[3].
واقعاتي ناول
سنواريوواقعاتي ناول
هن قسم جي ناولن ۾، ناول نگار صرف واقعن ۾ دلچسپي رکندو آهي، مطلب ته ناول ۾ صرف واقعن جي اپٽار ڪئي ويندي آهي. اهڙن ناولن جي شروعات ڪنهن ننڍي واقعي يا معمولي قصي سان ٿيندي آهي. پوءِ ان ۾ ٻيا واقعا به شامل ٿي ويندا آهن ۽ قصو مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح مسئلن جو حل ناممڪن ٿي پوندو آهي. پر آهستي آهستي اهي منجهيل حل مسئلا حل ٿي ويندا آهن. عام طور ته هن قسم جي ناولن جي پڄاڻي خوشيءَ واري ماحول ۾ ٿيندي آهي.[3]
ڊرامائي ناول
سنواريو(Dramatic Novel):هن قسم جي ناولن ۾ نھ پلاٽ جي چوڌاري ڪردارن کي پابند ڪيو ويندو اھي ۽ نھ ئي پلاٽ تي زور ڏنو ويندو اھي. عمل، ڪردار ۽ سيرت ۾ تبديلي آندي ويندي آهي. اھڙن ناولن ۾ ظاھر ۽ باطن کي ھڪ ڪري ڏيکاريو ويندو اھي. سڀني تبديلين لاءِ داخلي سبب ضرور موجود ھوندا اھن، جيڪي پڙھڻ سان محسوس ٿيندا اھن. ڪردار ۽ عمل ۾ وڇوٽي ڏيکارڻي نه هوندي آهي. اھڙن ناولن ۾ اختتام بھ ائين ئي ٿيندو اھي جو اھو واقعات جو نتيجو نه ھوندو آهي، پر سيرت سنواري پيش ڪيو ويندو اھي.[3]
سياسي ناول
سنواريوسياسي نوعيت جا ناول به ٿيندا آهن ته سياسي ڪهاڻيون به. هن قسم جي ناول يا ڪهاڻين ۾ سياسي موضوع کي کڻي واقعن جو تاڃي پيٽو اڻيو ويندو آهي. امر جليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ ۽ غلام نبي مغل جو ”اوڙاهه“ سياسي نوعيت جا ناول آهن[3]..
جاسوسي ناول
سنواريو(Detective Novel):جاسوسي ناولن جو بنياد سرهيو والپول(1884-1941ع) وڌو، جاسوسي ناول وقت گذاريءَ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو اھن. ھنن ناولن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھه، پراسراريت، خوکناڪ عمل وغيره جا موضوع ھوندا اھن. جاسوسي ناولن دنيا جي ادب ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي، پنھنجي پڙھندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. انگريزن جي دؤر (1843-1947ع)۾ سنڌي جاسوسي ناول پنھنجي عروج تي پھتل ھو، ماستر ھاسومل، ماستر منوھر، نارائڻداس وشنداس، نارائڻداس بصرمل، نانڪرام ڌرمداس، دولترام ڏيئلداس، ليکراج ايس واڌومل مولچند ۽ بعد ۾ محمد بخش جوهر ان سلسلي ۾ اھم نالا اھن. انھن ناولن ۾ گھڻو ڪري ڪردارن ۽ جاسوسن ۾ شرلاڪ ھوم ۽ بلئڪ جاسوس، ڏوھارين ۾ ارسين لوپن ۽ رائمر ڪيو ڊاڪو ۽ ايلميا ڪارٽر ڊاڪو وغيره ھئا. اردو ٻوليءَ ۾ ابن صفيءَ جي جاسوسي دنيا ۽ عمران سيريز مقبول جاسوسي ناولن تي ٻڌل هونديون هيون. ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا قسطوار جاسوسي ناول شايع ڪندا هئا ۽ ڪجھھ ادارا بھ جاسوسي ادب جي فروغ جي سلسلي ۾ کليل ھئا. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جاسوسي ادب کي اھا اھميت ملي نھ سگھي، جيڪا اک موجود ھئي. [3]
نفسياتي ناول
سنواريو(Psychological Novel):اھڙا ناول جن ۾ معاشري جي صحيح تصوير ڪشي ٿيل ھجي، ڪردارن کي مثالي پيش ڪري، سندن سيرت کي اجاگر ڪيو ويو ھجي، اھڙن ناولن ۾ حسن ۽ محبت جو ذڪر، بک ۽ بيروزگاري جو احوال بھ اچي ٿو. نفسياتي ناول ۾ تاريخ، حالات ۽ واقعي تي ليکڪ، ماڻھن جي سوچ ۽ اميدن تحت منظر نگاري ڪندو اھي. اھڙي ناول ۾ جيون جي اڪثر مرحلن کي اجاگر ڪيو ويندو اھي. [3]
ٽائيم ناول
سنواريو(Time Novel):هيءُ اصطلاح ’شعوري وهڪري‘ (Stream of Conciousness) وارن ناولن سان گڏ استعمال ٿيو هو. هن قسم جي ناولن ۾ وقت کي موضوع بڻائي، ڪردارن جي زندگيءَ جي معنيٰ خير لمحن کي بيان ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ ورجينيا وولف (1882-1941ع) ۽ جيمس جوائس (1882-1941ع) جا ناول وڏي اهميت رکن ٿا.
عملي ناول
سنواريو(Novel of Action):عملي ناول ۾ واقعن جي گهڻائي هوندي آهي. واقعا هڪٻئي سان اهڙي نموني مليل هوندا آهن جو پهرين واقعن کي ٻين جي پيدائش سمجهيو ويندو آهي. داستانن وانگر اهڙن ناولن ۾ قصي تي زور ڏنو ويندو آهي. هن قسم جي ناولن ۾ هيرو جڏهن ڪامياب ٿي ويندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته اها ڪاميابي اتفاقي آهي.[3]
عصري ناول
سنواريو(Contemporary Novel):عصر جي معنيٰ آهي زمانو. ناول جي ھن قسم جو شمار دراصل تاريخي ناول ۾ ھئڻ گھرجي. اھو تاريخي قصو، جيڪو هلندڙ دور ۾ صرف ٿوري عرصي جي تاريخ تي مشتمل ھجي، يا کڻي ائين چئجي تھ ڪنھن تاريخي واقعي يا شخص تي لکيل اھڙو قصو جيڪو صرف ڏھن يا ويھن سالن جي وقت جي عڪاسي ڪندو ھجي تھ ان کي عصري ناول ٿو چئجي .پر اھو ضروري اھي تھ اھو قصو ناول جي وصف تي پورو لھندو ھجي. ناول نگار اھڙي ناول ۾ تاريخ جي هلندڙ عصر جي واقعات جي نشاندھي ٿو ڪري.[3]
رومانوي ناول
سنواريو(Romantic Novel):رومان لفظ، رومانس Romance مان نڪتل آهي. انگريزي ۾ ’رومانس‘ جي لفظي معنيٰ اھي ڪھاڻي، قصو يا داستان، پوءِ ڇو نه اھو خيالي ھجي، سنڌيءَ ۾ روماني لفظ جي معنيٰ ٿيندي عشقيه يا محبت وارو. روماني ناول عشقيه ڪھاڻيءَ تي ٻڌل ھوندا آهن، جنھن ۾ روماني ڊائلاگ ۽ پسمنظر حاوي ھوندو اھي. طارق عالم ابڙي (1658-2011ع) جو ”رھجي ويل منظر“ بھترين رومانوي ناول اھي.[3]
خطوطي ناول
سنواريو(Epistolary Novel): اهو ناول جنهن جي ڪهاڻي خطن وسيلي بيان ٿيل هجي. انگريزي ادب جو پهريون ناول ”پاميلا“ خطن وسيلي ڪيل آهي. سنڌيءَ ۾ انجم هالائي جو ناول ”پياري نازنين“، الله بخش ٽالپر جو ”اداسيءَ جون آهون“ خطوطي ناول جو سٺو مثال آهن[3]
ڪرداري ناول
سنواريو(Character Novel):ڪرداري ناول ۾ قصي جي ڀيٽ ۾ ڪردارن تي وڌيڪ توجهه ڏنو ويندو آهي ۽ ڪوبه هڪ ڪردار منڍ کان پڇاڙيءَ تائين ناول جي فضا ٿي ڇانيل رهندو آهي. ناول جا ٻيا ڪردار ۽ واقعا هن هڪ ڪردار کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. هن قسم جي ناولن ۾ جيتوڻيڪ هڪ ڪردار ٻئي سان تعلق يا لاڳاپو رکي ٿو. پر ان هوندي به پنهنجون خصوصيتون نه بدلائيندو آهي. اهڙن ناولن جو پلاٽ به ڍلو(Loose) ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته ان جو اثر ڪردار تي نه پوندو آهي. ڪن ناولن ۾ مرڪب ڪردار ٿيندا آهن. مرزا قليچ بيگ جو ناول ”ڪامل انسان“ هڪ ڪرداري ناول آهي..[3].
تاريخي ناول
سنواريوتاريخي ناول (Historical Novel)، ماضي يا ان دور جي حالتن ۽ واقعن کي تاريخوار سھيڙي انساني جذبن ۽ احساسن جي پوشاڪ ۾ ڍڪي ڪنهن ناول ۾ اھڙيءَ طرح ڪهاڻيءَ کي پيش ڪيو وڃي جو ائين محسوس ٿئي تھ ڄڻ پڙھندڙ پاڻ اتي موجود ھو. اھڙن ناولن ۾ ضروري آھي تھ ڪردارن جا نالا تاريخي ھجن، پر وقت، جڳھون ۽ واقعات بھ حقيقي ھجن تاريخي ناول کي ان حساب سان ڪڏھن ڪڏھن افسانويت کان الڳ به سمجھبو اھي. انگريزي ادب ۾ سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع)خاص طور تي تاريخي ناولن جي ڪري سڃاتو ويندو اھي. سندس ڪتاب Talisman صليبي لڙاين ۾ غازي صلاح الدين جي ڪردار تي ٻڌل آهي. چارلس ڊڪنس (1812-1870ع) جو” ٻن شھرن جي ڳالهه”(A Tale of Two Cities) شاھڪار تاريخي ناول اھي. اردوءَ ۾ نسيم حجازيءَ (1914-1926ع) جا ناول تاريخي آهن. سنڌي ناولن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ (1908-1981ع) جي سڃاڻپ پڻ تاريخي ناولن سان آھي. سندس ناول ”سانگهڙ“، گربخشاڻيءَ جو ناول ”نور جهان“، علي بابا جو ”موھن جو دڙو“،سراج جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“، اغا سليم جو ”همه اوست“ وغيره شاھڪار تاريخي ناول اھن.
اخلاقي ناول
سنواريواخلاقي ناول (Novel of Morality)، هي اصلاحي ناول ٿيندا آهن. هن قسم جي ناولن ۾ ناول نگار ڪردارن ذريعي اخلاق جو پرچار ڪندو آهي ۽ بداخلاقيءَ کي ننديندو آهي. سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ اخلاقي ناول لکيا آهن.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)
- ↑ ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي
- ↑ 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
- ↑ ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.