سنڌي ادبي سنگت

تنظيم

سنڌي ادبي سنگت (Sindhi Adabi Sangat) سنڌي اديبن جي هڪ تنظيم آهي،[1] سنڌي ساھتيا جي ھن سَڀا سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهرين شاخ جو بنياد اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ وِڌو ويو، ۽ ھِن سَڀا جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي (1921-2001ع) کي بڻايو ويو ھيو.

سنگت جي ان پھرئين شاخ قائم ڪرڻ کان اڳ، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1884-1947ع) جي سربراهيءَ ھيٺ ”سنڌي ادبي سرڪل“ 1946ع ۾ ، قائم ٿيو هو. ھن سَڀا جي ميڙ جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل تي احسان بدوي (1925-1965ع) ۽ نورالدين سرڪيءَ (1927-2007ع) جي هاسٽلن وارن ڪمرن، سميت ڊاڪٽر اياز قادريءَ (1927-1997ع) جي جاءِ ڌني رام بلڊنگ تي ٿيندا ھيا. 1956ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنگت جي مکيا تنظيم سازي ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 شاخن کي شامل ڪيو ويو. انھيءَ دوران سنگت جو آئين منظور ڪيو ويو ۽ اياز قادري کي سيڪريٽري جنرل بڻايو ويو، انکانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جا سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيا ويا، جن ۾ شمشير الحيدري (1932-2014ع)، تنوير عباسي (1934-1999ع)، رشيد ڀٽي (1933-1988ع)، تاج بلوچ، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، شمس سومرو، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال، ممتاز بخاري ، يوسف سنڌي، مشتاق ڦل، سولنگي (ھينئر) ان جا سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.[2][3] 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار ملڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وجھڻ سان گڏوگڏ انجمن ترقي پسند مصنفين تي بہ روڪ وجھي ڇڏي[4]. ڪراچي ۾ موجود ترقي پسند سنڌي اديبن جن مان اڪثريت نوجوان شاگردن جي ھئي، ھڪ نئين جماعت سنڌي ادبي سڱت جو بنياد وڌو[4]. ھن جماعت جون ڪچهريون جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام ھاسٽل ۾ ٿينديون هيون. مرحوم احسان بدوي سڱت جو پھريون سيڪريٽري ۽ مرحوم عبدالغفار انصاري جوائنٽ سيڪريٽري ھيو[4].

حوالا سنواريو

  1. "سنڌي ادبي سنگت | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  2. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  3. "سنڌي ادبي سنگت سنڌ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-21. 
  4. 4.0 4.1 4.2 [ خط تقريرون ۽ انٽرويو ؛ ليکڪ: شيخ اياز ؛ نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد؛ پھريون ايڊيشن 1987] رشيد ڀٽي طرفان لکيل مھاڳ مان ورتل