تحفته الڪرام
تحفته الڪرام (انگريزي ٻولي: Tuhfatul Kiram) ڪتاب 1767ع ۾ لکيل فارسي ٻوليءَ ۾ ٽن جلدن تي مشتمل آهي جيڪو ڪلھوڙن جي دور جي قادرالڪلام شاعر، مؤرخ ۽ مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي جو لکيل آهي.[1] [2]سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران هن ڪتاب جو سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويو آهي. سنڌي ڇاپي جو مترجم مخدوم امير احمد ۽ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.
مصنف | مير علي شير قانع ٺٽوي |
---|---|
مترجم | مخدوم امير احمد (سنڌي ۾) |
ملڪ | پاڪستان |
ٻولي | فارسي |
موضوع | تاريخ |
شايع ڪندڙ | سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو |
ابلاغي ذريعي جو قسم | ڪتاب |
متن
سنواريوهن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ مشهور قديم شهرن ۽ ڳوٺن، عالمن، فقيهن، شاعرن، بزرگ شخصيتن ۽ ولين جو احوال به شامل آهي.
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: مير علي شير قانع جو ڪتاب - رکيل مورائي
- ↑ "تحفة الڪرام : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-02.