بايزيد بسطامي
ابو يزيد البسطامي(انگريزي: Abu Yazid Bastami ) جيڪو
بايزيد (انگريزي: Bayazid ) جي نالي سان سڃاتل آھي ان جي زندگيءَ جي باري سخت مذھبي تجربن متعلق صوفياڻي روايتن کي ڇڏي ڪري تمام گھٽ ڄاتو ويو آھي[2].بايزيد جي زندگيءَ جا حالات گهٽ ملن ٿا[3].
بايزيد بسطامي | |
---|---|
بايزيد مسجد | |
پيدائش | 804 بسطام, قمس خطو عباسي خلافت (موجوده ايران) |
وفات | 874[1] |
علائقو | اولھ ايشيا |
مڪتبه فڪر | سني نقشبندي |
شعبه عمل |
صوفي ازم, اسراريت, فلسفو |
اهم نظريا |
سڪر |
مؤثر شخصيتون
| |
متاثر شخصيتون
|
زندگي متعلق احوالسنواريو
سندس تعلق زرتشتي خاندان سان ھيو جيڪو ان وقت فارس ۾ ڪيسپئن سمنڊ جي ڏکڻ ۾ ، موجوده ايران ۾ ، ايل بورز (انگريزي: El Burz ) جبل واري علائقي ۾ رھندڙ ھيو[2]. سندس قوميت فارسي ھئي[4][5]. سندس ڏاڏي جو نالو سرشان ھيو جيڪو زرتشتي مذھب سان تعلق رکندڙ ھيو[6]. جنھن بعد ۾ اسلام قبول ڪيو[7]. کيس ٽي پٽ : آدم، طيفور ۽ علي ھيا هو بسطام شهر جو رهاڪو هو. سندس اصل نالو ’ابو زيد طيفور‘ هو[3]. جيڪي سڀ عارف ھيا ۽ انھن ۾ طيفور کي بايزيد جي نالي سان پٽ ڄائو. هن ابوعلي سنڌيءَ کان معرفت ۽ حقيقت جو علم حاصل ڪيو[3]. چون ٿا ته اوائل ۾ شريعت جي خلاف ڳالهائڻ تي -بسطام- جي شهرين کيس شهر کان ڪڍي ڇڏيو هو، پر ڪجهه عرصو جهنگ ۾ رهڻ کان پوءِ شهر ۾ موٽي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين[3].فارس جي منگول حاڪم چوڏھين صديءَ جي شروعات ۾ سندس مزار ٺھرائي[2].ھن پاڻ ڪو به ڪتاب نہ لکيو. ھن جي باري ۾ جيڪو رڪارڊ آھي ان مطابق ھن گھمندي ڦرندي زندگي گذاري پر ان سان گڏوگڏ ھي مرشد پڻ رھيو[8]. ھن جي لاء خيال آهي تہ وفات بعد بسطام ۾ دفنايو ويو ھوندو، پر ان جي نالي سان مزار ترڪي ۾ ڪرخان شھر ۾ آهي. ان جي نالي سان ھڪ مزار بنگلاديش جي شھر چٽاگانگ ۾ پڻ آھي پر سندس بنگال طرف سفر جي تاريخ ۾ ڪابہ شاھدي ڪانہ ٿي ملي.
بحيثت صوفيسنواريو
وڏو صوفي ۽ اهل الله هو. وجد ۾ اچي چوندو هو ته
”سبحاني ما اعظم شاني“
ايئن لڳندو ھو ڄڻ تہ خدا ان منجھ ڳالھائي رھيو ھجي[2]. سندس ان عمل تي ملن ۾ ڪاوڙ وڌائي ڇڏي ۽ انھن ھن تي ڪفر جي فتوا ڏئي ڇڏي[2]. صوفي خيال وارن ھن جو دفاع ڪيو. ھن جون چوڻيون فارس کان عراق ،وچ ايشيا ۽ ترڪي تائين ڦھلجي ويون ۽ ڏھين صديءَ کان لکجڻ پڻ شروع ٿيو [2]
”سفينة الاولياءَ“ جي بيان مطابق شيخ بايزيد هڪ سؤ تيرهن طريقن جي رهنمائن کان فيض حاصل ڪيو[3].ھن دنيا ترڪ ڪري رياضت ۾ زندگي گذاري[2]. سيد الطائفه شيخ جنيد بغداديءَ جو قول آهي ته
”شيخ بايزيد جي حيثيت انسانن ۾ اهائي آهي، جيڪا فرشتن ۾ -جبرائيل- امين جي آهي [3].
کيس وفات کان پوء سلطان العارفين جو لقب ڏنو ويو. ھن لاء خيال ھيو تہ ھي خدا سان وصال ۾ فنا جي درجي تي پھچي چڪو ھو[9]. ھن کي وجداني ڪيفيت جي درجن ۾ مدھوش يا سڪر پڻ چوندا ھيا. ھن جي ڪلام سبحان ما اعظم شاني جي لاءِ سندس عقيدتمندن جو خيال ھيو تہ خدا سان وصال م ھي پاڻ فنا ٿي ويو سندس زبان مان ھي پاڻ نہ پر خدا پاڻ ڳالھائي پيو[9]. ھن ستن آسمانن سميت عرش تائين معراج ۽ خدا سان ملاقات جي پڻ دعوا ڪئي ھئي [9] [2].الله جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ گرڙي ڪري زبان صاف ڪندو ھيو[10]. ھي فقيھن جي محنت جو پڻ معترف ھيو[11]. ھن کي نقشبندي سلسلي جي صوفين جي لڙھ سان منصوب ڪيو ويو[12].
حوالاسنواريو
- ↑ Karim, Abdul (2012). "Bayejid Bostami". in Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A.. Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ed.). Asiatic Society of Bangladesh. http://en.banglapedia.org/index.php?title=Bayejid_Bostami.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 107,
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 بايزيد بسطامي : (Sindhianaسنڌيانا)-
- ↑ The new Cambridge history of Islam, Volume 4. (1. publ. ed.). Cambridge: Cambridge University Press. 2010. p. 72. ISBN 978-0-521-83824-5.
- ↑ Walbridge, John. "Suhrawardi and Illumination" in "The Cambridge Companion to Arabic Philosophy" edited by Peter Adamson, Richard C. Taylor, Cambridge University Press, 2005. pg 206.
- ↑ Böwering, Gerhard. "BESṬĀMĪ, BĀYAZĪD". iranicaonline.org. Encyclopaedia Iranica. حاصل ڪيل 2 April 2017.
- ↑ al-Qushayri, Abu 'l-Qasim (2007). Alexander D. Knysh; Muhammad Eissa. ed. Al-Qushayri's Epistle on Sufism : Al-Risala al-qushayriyya fi 'ilm al-tasawwuf. Alexander D. Knysh (trans.) (1st ed.). Reading, UK: Garnet Pub.. p. 32. ISBN 978-1859641866.
- ↑ Abū Nuʿaym ʿAlī b. Sahl Iṣfahānī, Ḥilyat al-awliyāʾ, 10 vols., Cairo 1932–8, 10:33
- ↑ 9.0 9.1 9.2 Hermansen, Marcia K. "Early Islamic Mysticism: Sufi, Quran, Miraj, Poetic, and Theological Writings by Sells Michael.(The Classics of Western Spirituality Series) 398 pages, appendix, notes, bibliography, index. Mahwah, NJ: Paulist Press, 1996. $24.95 (Paper) ISBN 0-8091-3619-8." Review of Middle East Studies 31.2 (1997): 172-173. (p.212)
- ↑ Al-Iṣfahānī, 10:35
- ↑ Al-Iṣfahānī, 10: 36
- ↑ Mojaddedi, “al-Bisṭāmī, Abū Yazīd (Bāyazīd)”, Encyclopaedia of Islam, THREE