لکت
رسم الخط يا لپي (Script) مان مطلب هوندو آهي تہ ”لکت جو رواج.“ ھر سڌريل ٻوليءَ کي ھڪ مخصوص، مناسب ۽ ٺھڪندڙ رسم الخط (Script) ضرور ھوندو آھي. جن ٻولين وٽ رسم الخط جي نعمت نہ آھي، اھي لکيل ادب کان خالي زبانون سڏبيون آھن ۽ انھن جي حيثيت صرف ڳالهائڻ واري زبان (Spoken language) تائين محدود ھوندي آھي.مطلب تھ ھر مھذب ۽ سڌريل ٻوليءَ کي مستقل تحرير ھيٺ آڻڻ لاءِ ھڪ رسم الخط ھئڻ ضروري آھي. 1853ع ۾ جيستائين سنڌي لاءِ موجوده معياري رسم الخط (عربي-سنڌي رسم الخط) منظور نہ ٿي ھئي تيستائين سنڌي زبان ڪيترن ئي مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي ھئي.مثال طور: گرمکي، ديوناگري، عربي، خداوادي، لھاڻڪي، ميمڻڪي، خوجڪي، ٺٽائي، گجراتي، شڪارپوري، ساکرو، ونگائي، سيوهاڻي، ڀاٽيائي. اھڙي طرح ويهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾ حليم بروھي (1935-2010ع)، سراج (11933-2013ع) ۽ ٻين سنڌيءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ جي تجويز بہ ڏني، جيڪا اُلٿي (ٽرانليٽريشن) جي حد تائين استعمال ٿئي ٿي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.