ڀان ___(Bhan):

راءِ، برهمڻ، سومرن ۽ سمن جي دور جا شاعر، درٻاري شاعر ۽ شجرا لکندڙ هوندا هئا. انهن ۾ اڪثريت ڀٽن ۽ ڀانن جي هوندي هئي. اها هڪ ذات به آهي. ڀاڳو ڀان، دودي سومري جي درٻار جو مشهور سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي. ڀٽ ۽ ڀان سرڪار جي مشهوري شعرن رستي ڪندا هئا: ”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو، ڀِنيءَ ويهي ڀان“ (شاهه، سورٺ).[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي