سماع (Spirtual Gathering) لغوي لحاظ کان ”سماع“ عربي زبان جي لفظ سمع مان ورتل آهي، جنهن جو سليس مفهوم آهي ”ٻڌڻ“. اصطلاحي زبان ۾ راحت، سڪون ۽ آرام جا لفظ به سماع جي معنيٰ ۾ شامل آهن.سماع جو لفظ خاص طور صوفي درويشن جي مزارن سان منسوب آهي. صدين کان صوفي بزرگن تي جيڪي اجتماع ٿيندا آهن، اُتي صوفياڻه راڳ، محفل ۽ ذڪر ٿيندو آهي. ان کي سماع چئبو آهي. ان کان علاوه مذهبي گڏجاڻين ۾ الله هو -الله هو جي ورد کي به سماع چيو ويندو آهي.صوفين جي عقيدي موجب سماع، انسان جي من جي ميراڻ، مٽي، ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جان صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو. سماع ۾ بيت (ڏوهيڙا) پڙهيا ويندا آهن، جيڪي ”اوٺاڻي ۽ الاهڻي“ چئبا آهن. جن جو لازمي وراڻو : ” لا الله الا الله “ هوندو آهي. سنڌ ۾ درگاهن تي ’سماع‘ مچ تي به ٿيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.