ادبي ٻولي __ (Literary Language):


ادبي ٻولياھا چئبي، جنھن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز رواجي آوازن جھڙا نه ھجن، بلڪ سهڻا، سريلا ۽ سوادي ھجن. ادبي زبان ۾ اصطلاح، محاورا، تشبيھون، ڪنايا، مثال ۽ پھاڪا گھڻا ھوندا اھن. انھيءَ ڪري منجھس فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون ججھيون ھونديون اھن. ادبي زبان ۾ ھڪ معنيٰ لاءِ گھڻا لفظ ۽ ھڪ لفظ جون گھڻيون معنائون ھونديون اھن. دنيا جي ھر ڪنھن شيءِ جا نالا ۽ ھر ھڪ معنيٰ جا لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا اھن. ھم قافيھ، تجنيس ۽ لفظي اظهار حرفيءَ وارا لفظ ادبي زبان جي خاص خوبي هوندا اھن. ادبي ٻولي، ڌارين ٻولين مان ڪيترا لفظ پاڻ وٽ اڻي پنھنجا بنائي ڇڏيندي اھي. ادبي زبان ۾ صرف نحو جا قاعدا ۽ قانون قدرت طرفان موجود ھوندا اھن. سڌريل ۽ ادبي زبان ۾ ”علم بديع و بيان“ ۽ ”علم معانيءَ“ جو خزانو خوب ڀريل ھوندو اھي. ادبي ٻوليءَ جي ھيءَ بھ خاصيت ھوندي اھي، جو ٻين ٻولين کي پنھنجي ذخيري ۽ خزاني مان مدد ڏيڻ ۾ ڪوتاھي ۽ ڪنجوسي نھ ڪندي آهي، بلڪ ڪشاديءَ دل سان سخاوت جو ھٿ ڊگھيري پنھنجو مال، ٻين جي اکيان رکندي آهي. جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ ھنر پيا وڌندا سائنس جون ايجادون پيون ٿينديون نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون. نوان نوان اصطلاح پيا گھڙبا، تيئن تيئن سڌريل ۽ ادبي زبان، اھڙن علمن ۽ ھنرن، اصطلاحن ۽ ايجادن جي معنائن لاءِ، پاڻ وٽان يا ٻين سڌريل ۽ ادبي ٻولين مان ڪي نھ ڪي لفظ کڻي پيش ڪري سگھندي ۽ انھيءَ ڏس ۾ پوئتينه پوندي. [1]

حوالاسنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي