جمال ابڙو
جمال ابڙو | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 2 مَئي 1924 دادو ضلعو |
موت | 30 جُونِ 2004 (80 سال) ڪراچي |
شھريت | پاڪستان برطانوي راڄ |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ |
ترميم |
جمال ابڙو تعليمي ماهر علي خان ابڙو جو پٽ هو. پاڻ شروعاتي تعليم ميهڙ ڀرسان پنهنجي ڳوٺ سانگي مان حاصل ڪئي. ڪجهه عرصو جونا ڳڙھ ۾ بہ زير تعليم رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1948 ۾ جمال ابڙو وڪالت جي پيشي سان وابستہ ٿيو. ڪجهه عرصو پبلڪ پراسيڪيوٽر رهڻ کان پوءِ عدليا سان وابستہ رهيو. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور رٽائر ٿيو. ان دوران هو سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري ۽ سروسز ٽربيونل جو چيئرمين بہ رهيو. مگر سندس سڃاڻپ ادب ۽ ان جا ترقي پسند خيال هئا. پاڻ اسڪول واري زمان کي ئي لکڻ شروع ڪيو. سچ، پيار، محبت، انساني حق، مساوات ۽ سماجي انصاف جهڙن موضوعن تي قلم کنيو.
سندس پهرئين ڪتاب ”پشو پاشا“ افسانن جو مجموعو هئي. پاڻ سنڌي افسانا نگاري کي نون رجحانن سان روشناس ڪرايو. جمال ابڙي جو شمار جديد سنڌي افساني جي بانين ۾ ٿئي ٿو. ان جي ڪجهه افسانن جو ترجمو انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ بہ ٿي چڪو آهي. جمال ابڙو جو شمار انهن اديبن ۾ ٿئي ٿيو جن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند خيالن جي نہ صرف روشن ڪرايو بلڪ ان مقصد لاءِ عملي ڪم ۽ تنظيم سازي بہ ڪئي. پاڻ سنڌي اديبن جي ترقي پسند تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي بانين مان هئا. هن تنظيم سنڌ ۾ سياسي فڪر جي ترقي ۽ واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جمال ابڙي کي ادب کان علاوه سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي بہ دسترس حاصل هئي. ترقي پسند فڪر رکڻ وارو ابڙو عمر جي آخري حصي ۾ مذهب ڏانهن راغب ٿيو. سندس انتقال 80 سالن جي عمر ۾ ٿيو. سندس پٽ بدر ابڙو سنڌ جو ممتاز اديب ۽ محقق آهي.
احوال
سنواريوجمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديھ منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي.
تعليمي، ملازمتي ۽ ادبي سرگرميون
سنواريوجمال ابڙي شروعاتي تعليم ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن تہ ھن ڪاليج جي تعليم بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 44 1943ع ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ بنگال ويو. ھن اين اي ڊي (NED) انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي ”لا“ (Law) ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. جمال ابڙي ڪجهه عرصي تائين خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ان کان علاوه ھو ٻين مزدور تنظيمن جو بہ ميمبر رھيو. سندس والد وٽ ھڪ سٺي لائبريري ھئي، جنھنڪري ھن ننڍپڻ ۾ ئي ٽئگور، منشي پريم چند، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڙھي ڇڏيا ھئا. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، 25 سالن جي عمر ۾ 1949ع ۾ لکي، 24 سالن جي عمر ۾ 1948ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ 1949ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، جتي 1951ع تائين رھيو. 1952ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي ترقي ڏني وئي ۽ ترقي ڪندو 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1978ع تائين رھيو. 1978ع کان 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981ع کان 1982ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985ع کان 1986ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. 10 اپريل 1986ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. جمال ابڙو شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ھجڻ دوران سينڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رھيو. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ ھو، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. ھن ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ ”مارشل لا ۽ اسلام آباد“ جي عنوان سان ڪھاڻي لکي. اھا ڪھاڻي بعد ۾ ”فرشتو“ جي عنوان سان ’برسات‘ ۾ ڇپي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو پاشا“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو. جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ھن 1974ع ۾ روس ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سندس آتم ڪٿا جا پنج جلد: 1” ڏسي ڏوھ اکين سين“ 2 ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، 3 ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، 4 ”ايندو نہ وري هي وڻجارو“ ۽ 5 ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن.
وفات
سنواريوجمال صاحب 30 جون 2004ع ۾ 80 سالن جي عمر ۾ دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي کيس گذريءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[1]