بند (Stanza) عام طرح شعر جي ٻن مصرعن/سٽن کي چئبو آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ نظم جي ترتيب ۽ خيالن جي با مقصد سٽاءَ يا مصرع بند سڏجي ٿو. نظم جي سٽاءَ موجب بند ٻن، چئن، پنجن، ڇهن ۽ اٺن سٽن جو به ٿيندو آهي.[1] بند لاءِ استعمال ٿيندڙ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ اسٽينزا (Stanza) اصل ۾ اٽالين يا اطالوي ٻولي جي لفظ اسٽينسا (Stansa) مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي ڪمرو يا جاء(room).[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. The Bedford Glossary of Critical and Literary Terms. Murfin & Ray pg. 455