ابو الحسن
مشهور محدث ميان غلام حسين ولد مخدوم ابوالحسن صغير، پنهنجي وقت جو عالم ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس والد خدا جي پيارن -ٻانهن- مان هو. غالباً 1102ھ (1691ع) ڌاري -ٺٽي- ۾ ڄائو. ظاهري خواه روحاني -تعليم- ۾ پنهنجي والد جو صحيح پيروڪار ثابت ٿيو. جوانيءَ ۾ حرمين شريفين ويو، -جتي- جيد عالم مجدد ۽ شيخ المشائخ مخدوم سيد محمد حيات سنڌيءَ (1661-1751ع) جي قائم ڪيل مديني شريف واري مدرسي ۾ پڙهڻ لڳو. سندس حياتيءَ ۾ ته ساڻس -ٻانهن- ٻيلي ٿي رهيو، پر وفات بعد به مخدوم سنڌيءَ جو جانشين بڻجي، مدرسي جي نظام کي باقاعده هلائڻ لڳو. آخر 82 ورهين جي عمر ۾ 1187ھ (1773ع) ڌاري، مديني شريف ۾ ئي وفات ڪيائين. مخدوم -ابوالحسن -”صغير“ عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس رکندو هو. ”صغير“ تخلص سان سندس عربي شعر به ملي ٿو. وڏو پرهيزگار ۽ سني عقيدو رکندڙ هو. ڪافي شاگرد پيدا ڪيائين ۽ چوڏهن ڪتاب به لکيائين، -جن- مان ٻه رياض يونيورسٽيءَ جي درسي نصاب ۾ اڄ به شامل آهن. سندس تحريرون بامقصد ۽ عبرت ۾ وجهندڙ آهن. انهيءَ اعتبار کان کيس اسلامي دنيا جي انسائيڪلوپيڊيا چيو وڃي ٿو. سندس دعا مستجاب هئي ۽ اڪثر مديني جي مرسل جو ذڪر سندس زبان تي رهندو آيو. سيد غلام علي بلگرامي ۽ مولانا خير الدين سورتيرح جا نالا سندس خاص رفيقن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.[1] اصل نالو غلام حسين ولد محمد صادق سنڌي، ’-ابوالحسن صغير-‘ جي لقب سان پوري اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي. پاڻ 1152ھ/1739ع ۾ -ٺٽي- ۾ ڄائو ۽ شروعاتي -تعليم- اتي ئي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ حجاز جو سفر اختيار ڪيائين، -جتي- مخدوم محمد حيات سنڌيءَ کان -تعليم- ورتائين (مولانا عبيدالله سنڌي، -ابوالحسن صغير- کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ڄاڻائي ٿو). علامه ابوالحسن پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فقيهه ۽ محدث هو ۽ -اجتهاد- جي درجي تي فائز هو. پاڻ مسلڪ جي اعتبار سان حنفي هو. مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مدرسي ’الشفا‘ ۾ پاڻ حديث جو درس ڏيڻ لڳو، جتان سَوَن جي تعداد ۾ طالبن فيض پرايو. -ابوالحسن صغير- 25 رمضان المبارڪ 1187ھ/1773ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪئي ۽ -جنت البقيع- جي قبرستان ۾ مدفون آهي.[2]