افسانو ادب جي نثري صنف آھي. لغت جي اعتبار سان افسانو ڪوڙي ڪھاڻي کي چئجي ٿو پر ادبي اصطلاح ۾ افسانو زندگي جي ڪنھن ھڪ واقعي يا پھلو جي اھا خلّاقانہ ۽ فني پيش ڪش آھي جيڪا عموماً ڪھاڻي جي شڪل ۾ پيش ڪئي ويندي آھي. اھڙي تحرير جنھن ۾ اختصار ۽ ايجاز بنيادي حيثيت رکن ٿا. وحدتِ تاثر ھن جي سڀ کان اھم خصوصيت آھي.[1] ناول زندگي جو ڪل ۽ افسانو زندگي جو ھڪ جز پيش ڪري ٿو. جڏھن تہ ناول ۽ افساني ۾ طوالت جو فرق بہ آھي.

ليجنڊ، مثالي ڪهاڻي

سنواريو

ليجنڊ (Legend) ڪهاڻيون تاريخي طور وڏي اهميت رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشه زنده هونديون آهن. اها ڪهاڻي، جيڪا ڪنهن قوم يا گروهه جي نيم تاريخي روايت ٿيندي آهي. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه هوندو آهي يا هوندو به آهي ته تمام مختصر. پر عوامي زبان ۽ ذهن هجڻ جي ڪري ان جي ڪهاڻي ۽ ڪردار امر ٿي ويندا آهن. ليجنڊ مذهبي به ٿي سگهي ٿي ته غير مذهبي به. مثال طور رستم جي بهادري. ليلا مجنون جو عشق، فرهاد جو جبل ٽڪي کير جي نهر وهائڻ، سسئي جو جبل جهاڳڻ، مومل جو ڪاڪ محل وغيره ليجنڊ آهن.[2]

افساني ۽ ڪھاڻي جي ٻين صنفن ۾ فرق

سنواريو

داستان، ناول، ڊرامو ۽ افسانو بنيادي طور تي ڪھاڻي ھجڻ جي باوجود تڪنيڪ جي اصولن ۽ قاعدن جي اعتبار سان ھڪ ٻي کان مختلف آھن. داستان ۾ تخيل ۽ تصور جي رنگيني، ڊرامي ۾ ڪا نہ ڪا ڪش مڪش، ناول ۾ زندگي جي وسعت ۽ گھرائي ۽ افساني ۾ موضوع جي ايڪائي، ھي امتيازي ۽ انفرادي خصوصيتون آھن.

وحدتِ تاثر

سنواريو

افسانو ٻي طرح جي ڪھاڻين کان ان ئي لحاظ سان منفرد ۽ ممتاز آھي تہ ان ۾ واضع طور تي ڪنھن ھڪ شيءِ جي ترجماني ۽ مصوري ھوندي آھي. ھڪ ڪردار، ھڪ واقعو، ھڪ ذھني ڪيفيت، ھڪ جذبو، ھڪ مقصد، مختصر اھو تہ افساني ۾ جيڪو ڪجهه به آھي، ھڪ ھجي.[3] افساني جي ھي خاصيت تہ ھي پنھنجي اختتام تي قاري جي ذھن تي واحد تاثر قائم ڪري ٿو، وحدتِ تاثر چورائي ٿي.

معني ۽ مطلب

سنواريو

افسانو/مختصر ڪهاڻي (Short Story) فارسيءَ ۾ ’فسانہ‘ جو مطلب آهي دليان جوڙيل يا ڪوڙي ڳالھ. جڏھن اسان لفظ افسانو استعمال ڪندا اھيون، تہ ان مان اسان جو مقصد ”مختصر افسانو“ يا ”مختصر ڪھاڻي“ ھوندو اھي. اوڻهين صديءَ عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي، جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي ويئي.”شاعريءَ وانگر افساني جي ڪا جامع ۽ مڪمل تعريف ناممڪن آھي. بنيادي طور افساني ۾ ڪو هڪ مکيه واقعو رکندڙ پلاٽ هوندو آهي ان کان پوءِ 20 صديءَ ۾ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي. چيخوف ان کي عروج تي پهچايو. افسانو انساني مسئلن، جذبن، محبتن، نفرتن، خواھشن وغيره جو ترجمان ھوندو اھي. امريڪي افسانه نگار ايڊگرايل نپو (1809-1889ع) مطابق افسانو اھا ڪھاڻي اھي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ سر هيوز ڊبليو (1884 – 1941ع) مطابق ”مختصر افسانو مختصر ئي ھئڻ گھرجي، يعني واقعن ۽ حادثن جو مجموعو جنھن ۾ چرپر جي رفتار تيز ھجي. ارتقا غير متوقع ھجڻ ڪري ڪھاڻي ھڪ غير يقيني حالت مان گذرندي عروج تائين پھچي ۽ پڄاڻي تسلي بخش ٿئي.“ سنڌيءَ ۾ افساني جي شروعات 1914ع ۾ ٻن عالمن ڪئي. مرزا قليچ بيگ ”شريف بيگم“ لکي ۽ لعل چند امر ڏنومل ”حر مکيءَ جا“ لکيو. سنڌيءَ ۾ هن وقت افسانو، ڪهاڻيءَ جي نالي سان لکيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا مکيه افسانه نگار جمال ابڙو، غلام رباني، حميد سنڌي، آغا سليم، سراج، اياز قادري، امرجليل، خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.[4]

  1. اَدَبي اصطلاحات از انور جمال طابع نيشنل بُڪ فائونڊيشن.
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  3. داستان سي افساني تڪ از پروفيسر سيّد وقار عظيم طابع الوقار پبليڪيشنز.
  4. .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.