يارمحمد ابن حيات پنھور، 1920ع ڌاري ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ’کارڙي‘ ۾ ڄائو. پاڻ بھترين اديب ۽ مصنف هو. هن وقت تائين سندس 23 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ٻہ ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن. پاڻ 1949ع ڌاري اداره ادبي انجمن قائم ڪيائين. 1951ع ڌاري، پرھ ڦٽي پبليڪيشن قائم ڪيائين، جنھن هيٺ ڪتابي سلسلا منظرعام تي آندائين. ابن حيات پنھور سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي د‌ور جي ابتدائي ميمبرن مان رهيو آهي ۽ ان جون ڪيتريون ئي شاخون قائم ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتائين. ابن حيات پنھور ابتدا ۾ پرائمري استاد هو، بعد ۾ اتان استعيفا ڏئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ پروف ريڊر مقرر ٿيو ۽ ويھارو سال ادبي بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان سواءِ هن مختلف ڪتابن جا پيش لفظ، مھاڳ، ڪھاڻيون، افسانا، تاثر، تبصرا وغيره بہ لکيا. هيءُ ’تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر‘ جي مترجمن مان آهي. نثر کانسواءِ شاعري بہ ڪيائين. ڇھين ڪلاس لاءِ سماجي اڀياس لکڻ ۾ بہ حصو ورتائين. ڪجهہ عرصو سائين جي. ايم. سيد جي ’سنڌ متحده محاذ‘ جو حيدرآباد ۾ آفيس سيڪريٽري بہ رهيو. ’اسان جو ادب ۽ اديب‘ ۽ ’قومي گيت‘ (ترتيب)، ’پيئي جن پروڙ‘ ترجمو (ڪھاڻيون)، چار داڻا (ترجمو: ڪھاڻيون)، ’مارڪسي فلسفو‘، ’بدوي قومون‘ ۽ ’اڃا اڳاهون‘ سندس مشھور ڪتاب آهن. حيدرآباد جي ٽنڊي ميرمحمود ۾، محمدي مسجد لڳ ضعيفي جي حالت ۾، 13 جنوري 2003ع تي وفات ڪيائين.[1]