ڪيرت (Keerat) ڪنهن راجپوت جي شان ۾ چيل شاعراڻو ڪلام آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڱتو ڏاتار جي ڏان تي خوش ٿي، سندس شڪريو ادا ڪندو آهي. عربن جي دَور سان وابستہ هي شعر دراصل ڪيرت آهي: ’اره بره ڪنڪره ڪراڪره مندره‘[1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.