آئين اڪبري (ڪتاب)

آئين اڪبري“ شهنشاهه اڪبر جي نون رتنن مان هڪ رتن ابوالفضل جو مرتب ڪيل ڪتاب آهي، جيڪو هن 1597ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ شهنشاهه اڪبر جي حڪومت جي انتظام جو تفصيل ڏنل آهي ۽ هندستان جي ماڻهن جي عقيدن بابت بحث ڪيل آهي. هن ئي ڪتاب ۾ ابوالفضل سنڌ جي مشهور راڳ ”ڪافيءَ“ ۽ برهانپور ۾ ڪافيءَ کي مقبول بنائيندڙ بزرگ ”لاڏجئي“ جو به ذڪر ڪيو آهي. ابوالفضل (1551ع- 1602ع) اصل ۾ شهر سيوهڻ، (سنڌ) جو ويٺل هو. اڪبر بادشاهه جي درٻار سان لاڳاپيل سنڌي عالم ابوالفضل جو لکيل ڪتاب ”آئين اڪبري“ اڪبري دور جي هر رخَ ۽ پاسي تي سَندَ رکي ٿو. هن جا ڪل ٽي جلد اردو ۾ آهن، جيڪي سنگ ميل پبليڪيشن لاهور وارن ڇپايا آهن. فارسي ۾ اصل ڪتاب جو ترجمو مولوي محمد فدا علي طالب ڪيو آهي، جلد ٻئي ۾ اڪبر جي دور جي موسيقي تي نهايت عالماڻو بحث ڪيل آهي. جنهن ۾ ان دور جا گويا، راڳيندڙ، رقاص (وغيره) ۽ انهن جو ڏس پتو ڏنو ويو آهي. اڪبر جي موسيقي ڏانهن چاهه بابت احوال رقم ٿيل آهي. ڪهڙيون راڳڻيون ۽ راڳ ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺاهيا بابت ٻڌايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ئي ٻڌايو ويو آهي ته ڪافي سنڌ جو راڳ آهي.[1]