سھرو (لاڏو) سان ڀل نہ کائو.

سهرو(انگريزي: Father inlaw )[1]، گهوٽ يا ڪنوار جي پيءُ کي سڏبو آھي. اھو ھڪ سماجي ريتن مان نڪتل ھڪ اھڙو رشتو آھي جيڪو شادي ڪندڙن جو ھڪٻئي جي ماءٌ پيءٌ سان شادي ذريعي جڙندو آهي. شادي ٽٽڻ سان شادي مان پيدا ٿيل ساھراڻا رشتا پڻ ختم ٿي ويندا آهن. انگريزي م سھري کي فادر اِنلا، اردو ۽ ھندي ۾ سُسر، گجراتي ۾ سسرا، مراٺي ۾ ساسري، نيپالي ۾ سسورا، نيپالي ۾ سسورا، فارسي م والد ھمسر، عربي م الحمو, فرينچ ۾ بوپير (Beau-père) پشتو ۾ پلارہ، تيلگو ۾ ماماگارو (మామగారు) تامل ۾ مامانر (மாமனார்)، اسپيني م سئيگرو(Suegro)، سنحالي ۾ ماما (මාමා)، سوڊاني ٻولي ۾ بپا متوھا، صومالي ۾ آبو سودوگ (Aabo soddog)، سلوواڪي ۾ سووڪور ، يوناني م پٿيروس (Πεθερός)، اطالوي م سئاچرو، لاطيني م پاتر ايستي ان ليگي، ڪناڊا ٻولي ۾ ماوا (ಮಾವ)، جاوائي ٻولي م راما مرتوئا، ملائم ۾ ڀاريا پتاوو، ، پنجابي م سھورا، پورچوگيزي م سوگرو ۽ ملائي م باپا مرتوئا چوندا آھن. سنڌي ٻوليءَ جو لفظ سھرو پنجابي جي لفظ سھورا سان مشابهت رکي ٿو. اسپيني ۽ پورچوگيزي جا لفظ سوئيگرو ۽ سوگرو پاڻ م وڌيڪ مشابھت رکندڙ آھن. سنحالي م ماما سھري کي چون ٿا پر سنڌي م اھو لفظ ماء جي ڀاء لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سھري جي رشتي ۾ گھوٽ ان جو ڄاٽو ۽ ڪنوار ان جي ننھن سڏبي آھي. اسلامي شريعت مطابق ھي رشتو محرم رشتن ۾ شامل آهي. مڙس کان طلاق بعد مڙس جي پيءُ سان شادي حرام يا منع ڪيل آھي. اسلامي قانون مطابق سھري جي فوت ٿيڻ سان ننھن يا ڄاٽو وراثت جو حقدار نہ ھوندو آھي. سھري جي زال کي سنڌي ۾ سس سڏيندا آھن. روايتي طور تي سھري ۽ ڄاٽي، سس ۽ ڄاٽي، سوھري ۽ ننھن جي رشتن جي ڀيٽ ۾ سس ۽ ننھن جو رشتو وڌيڪ تڪرار ۾ رھندو آيو آھي.

پڻ ڏسو

سنواريو