ميون شاھ عنايت رضوي

ميون شاهه عنايت رضوي هن خاندان مان شاهه هاشم رضوي بکر مان لڏي نصرپور ۾ آيو، جتي سندس خاندان مان ڪيترائي بزرگ ٿيا. سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو معاصر ميون شاهه عنايت رضوي هن خاندان مان هو. سندس والد بزرگ جو نالو سيد نصر الدين هو. سنه 1120 هه ۽ 1025 هه جي وچ ڌاري وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي والد جي مرشد شاهه خير الدين جو مريد هو، ۽ ان جي زيارت لاءِ بار بار سکر ويندو هو. هي پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق جو ذڪر به ملي ٿو. ان کان پوءِ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جو ”مڪمل رسالو“ مليو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو بيتن سان گڏ وايون به نظر اچن ٿيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس ننڍو معاصر هو. هڪ روايت موجب ٻنهي جي پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي هئي. اندازو آهي ته شاهه لطيف کانئس گهڻو ڪجهه پرايو. نموني طور شاهه عنايت رضوي جو ڪجهه شعر هيٺ ڏجي ٿو: سائر لهريون ريج وڻ، جيئن سي پکين پــَـکَ، وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪکَ، اونهون ڏيهه عظيم جو، پيتم تان نه پرَ کَ، تـــِـهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جا ڀائنيان.


----

ميان! تون ميٽائيين، ڪئم ڏوهه ڪبير، الا، هن عاجز جا، سڀئي ڪٽ صغير، برڪت محمد مير، پار پهتا پهيڙا.[1]

حوالاسنواريو

  1. سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ