بغداد(انگريزي: Baghdad ) عراق جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏي من وڏو شھر ء عرب ملڪن ۾ ٻيون نمبر وڏو شھر جيڪو درياء دجله جي ڪناري تي واقع آھي.

بغداد
ميٽروپولس, گادي جو هنڌ
مٿان کان هيٺ گھڙيالي چڪر ۾ : بغداد جي گرين زون جو فضائي منظر؛ المستنصر يونيورسٽي؛ القضيميه مسجد؛ فتح جو يادگار قادسيه جون تلوارون؛ عراق جو قومي ميوزيم
مٿان کان هيٺ گھڙيالي چڪر ۾ : بغداد جي گرين زون جو فضائي منظر؛ المستنصر يونيورسٽي؛ القضيميه مسجد؛ فتح جو يادگار قادسيه جون تلوارون؛ عراق جو قومي ميوزيم
سرڪاري مُهر بغداد
مُهر
عرفيت: مدينة السلام [1]
بغداد is located in Baghdad
بغداد
بغداد
Location of Baghdad within Iraq
بغداد is located in Iraq
بغداد
بغداد
بغداد (Iraq)
بغداد is located in Asia
بغداد
بغداد
بغداد (Asia)
متناسقات: 33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°E / 33.333; 44.383مڪانيت: 33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°E / 33.333; 44.383
(33°20′N 44°23′E / 33.333°N 44.383°E / 33.333; 44.383)
ملڪFlag of Iraq.svg عراق
گورنريبغداد گورنري
قيام762ع  
بانيالمنصور
حڪومت
 • قسمميئر ڪائونسل
 • باڊيبغداد شھر جي صلاحڪاري ڪائونسل
ايراضي
 • ڪُل204.2 ڪلوميٽراسڪوائر (78.8 اسڪوائر ميل)
اوچائي34 ميل (112 ft)
آبادي
 • لڳ ڀڳ (2018)6,719,500
 • رينڪ1st
مقامي آباديبغدادي
ٽائيم زونعربستان جو معياري وقت (UTC+3)
 •  اونھاري جو (روشني جي بچت وارو وقت)No DST (UTC+3)
پوسٽل ڪوڊ10001 to 10090
ويبسائيٽMayoralty of Baghdad

تاريخسنواريو

 
برٽش لائبريري ۾ 1808 جي بغداد جي ھڪ تصوير جنھن ۾ درياء دجله جي فارس واري پاسي کان ان جو منظر ڏيکاريل آهي

ھن شھر جو بنياد 762 عيسويءَ ۾ عباسي خلافت جي ٻئين نمبر خليفي ابو جعفر المنصور وڌو[2]. لفظ بغداد فارسي ٻوليءَ جي بن لفظن بغ ۽ داد مان ورتل آهي جنھن جي معني خدا جو تحفو آهي. خليفي منصور خلافت مان لڳ ڀڳ ھڪ لک مزدور، ڪاريگر ۽ عمارتساز گھرائي ان جي تعمير ڪرائي اسلامي عمارتسازي جو شاھڪار قائم ڪيو. اھو نئون شھر گولائيءَ ۾ ٺاھيو ويو [2]. ھي شھر چئن سالن ۾ 764 کان 768 تائين ٺھي راس ٿيو[3].

 
بغداد جو گول شھر 767ع کان 912ع تائين
 
بغداد جو مستنصريه مدرسو جيڪو 1227 ۾ المستنصر قائم ڪيو

ھارون رشيد جي پٽ العباس عبدالله المامون اتي ھڪ بيت الحڪمت (حڪمت جو گھر) ٺھرائي جيڪا علم جو مرڪز ھئي جتي دنيا جا عالمن گڏ ٿي سائنس جي مختلف شاخن ، انجنيئرنگ، فلسفي، رياضي، فلڪيات ۽ ادب جا ڪتاب عربي ۾ ترجما ڪيا[2]. بيت الحڪمت ان وقت تمام وڏي اڪيڊمي ھئي[4]. بغداد ۾ ان دؤر ۾ چار وڏيون لائبريريون قائم ٿي چڪيون هيون جن ۾ سڀ کان وڏي لائبريري مامون رشيد جي قائم ڪيل ھئي. انھن ۾ ھڪ لائبريري صبور ابن اردشير نالي ھڪ عالم جي ھئي جيڪا قائم ٿيڻ کان 70 سال پوء سلجوقين ساڙي تباھ ڪري ڇڏي[5]. ترجمن جي ڪم جي شروعات خليفي منصور ڪرائي جيڪو مامون جي وقت تائين جاري رهندو آيو[6]. بغداد ۾ نظاميه مدرسو تعليم جو مرڪز ھيو جتي 10000 کان 20000 تائين شاگرد عالمن، فقه جي ماھرن ۽ فلسفين کان تعليم پرائيندا هئا. امام غزالي ان مدرسي جو پرنسپال رھيو[2]. اھو مدرسو سلجوقي سلطان جي ھڪ فارسي وزير نظام الملڪ ٺھرايو ھيو[5]. اھو مدرسو منگولن واري حملي جي تباھي کان پوء بہ قائم رھيو جنھن ۾ مستنصر لائبريري قائم ڪئي ھئي[5]. امام ابو حنيفه حنفي فقه جو بنياد پڻ ان شھر رکيو[2]. ھن شھر جي آبادي وڌي ڏھ لکن کان بہ مٿي ٿي وئي ھئي[7].الف ليلي جون اڪثر ڪھاڻيون ان دؤر ۾ بغداد ۾ ٺھيون ھيون. 1055 ۾ بغداد تي سلجوقي سلطان تغرل بيگ قبضو ڪيو. 1058 ۾ فاطمين بغداد تي قبضو ڪيو[8]. 1258 ۾ منگولن ھن شھر تي حملو ڪري تباھ ڪري ڇڏيو. اھو حملو چنگيز خان جي پوٽي ھلاڪو خان 10 فيبروري 1258 ۾ ڪيو، جنھن بغداد جو گھيرو ڪيو ھيو[9].

 
1258 ۾ بغداد تي منگولن جو قبضو

منگولن خليفيالمعتصم کي بہ ماري ڇڏيو. شھر جي مختلف رھائشي حصن کي ساڙيو ويو، ڦرلٽ ڪئي وئي پر رڳو سني مسلمانن کي دشمن سمجھي ماريو ويو. شيعه ۽ عيسائي آبادي کي نشانو نہ بڻايو ويو[10]. شھر جي تقريباً اڌ آبادي مارجي وئي[2].1401 ۾ تيمور لنگ ھن شھر کي ڦري لٽي تباھ ڪيو[11]. ھي شھر لاڳيتو ٻاھرين حملي آورن جي قبضي ۾ رھيو جن ۾ صفوي (1507 کان 1523 تائين)، عثماني ترڪ (1534 کان 1917 تائين) ۽ پوء برطانيا (1917 کان 1932 تائين) شامل ھيو[2].

 
بغداد ۾ واقع الخلفا مسجد جو مينار عباسي خلافت جي دؤر جي نشاني آهي
 
1202 ۾ بغداد ۾ تعمير ٿيل خليفي المستعدي جي زال زمرد خاتون جي مقبري جو 1932 ۾ نڪتل ڦوٽو

ابن بطوطه ان تباهيءَ بعد ھن شھر ۾ آيو ھو ۽ ھن پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته تباھي کان پوء بہ ھي شھر وڏن شھرن منجھان ھيو جنھن جا شھري اڪثر حنبلي فقه سان تعلق رکندڙ ھيا. ان شھر ۾ ابو حنيفه جي قبر پڻ واقع ھئي جتي ھڪ مسجد ۽ ھڪ ھجرو پڻ ٺھيل ھئا. ان وقت سلطان ابو سعيد بھادر خان بغداد جو حاڪم ھيو جيڪو تاتاري بادشاھ ھيو ۽ مسلمان ٿيو ھو. [12] 1932 ۾ عراق انگريزن کان آزاد ٿيو تہ 1957 ۾ بغداد ۾ ٽي جديد يونيورسٽيون قائم ٿيون[2]. 1970 ۽ 1980 وارن ڏھاڪن ۾ ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي نيون عمارتون ۽ يادگار تعمير ٿيا[2].



 
بغداد

حوالاسنواريو

  1. Petersen, Andrew. "Baghdad (Madinat al-Salam)". Islamic Arts & Architecture. وقت 16 September 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 August 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 82,
  3. Corzine, Phyllis (2005). The Islamic Empire. Thomson Gale. p. 69. 
  4. When Baghdad was centre of the scientific world. The Guardian. Retrieved 16 February 2019.
  5. 5.0 5.1 5.2 Mackensen, Ruth Stellhorn . (1932). Four Great Libraries of Medieval Baghdad. The Library Quarterly: Information, Community, Policy, Vol. 2, No. 3 (July 1932), pp. 279-299. University of Chicago Press.-
  6. Gordon, M.S. (2006). Baghdad. In Meri, J.W. ed. Medieval Islamic Civilization: An Encyclopedia. New York: Routledge.
  7. Matt T. Rosenberg, Largest Cities Through History. آرڪائيو ڪيا ويا 27 May 2005 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  8. Virani, Shafique N. The Ismailis in the Middle Ages: A History of Survival, A Search for Salvation, (New York: Oxford University Press, 2007), 6.
  9. Central Asian world cities آرڪائيو ڪيا ويا 18 January 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., George Modelski
  10. Bosworth, C.E.; Donzel, E. van; Heinrichs, W.P. et al., eds (1998). Encyclopaedia of Islam, Volume VII (Mif-Naz). BRILL. p. 1032. ISBN 9789004094192. 
  11. Ian Frazier, Annals of history: Invaders: Destroying Baghdad آرڪائيو ڪيا ويا 7 June 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., The New Yorker 25 April 2005. p.5
  12. Battuta, pg. 75