وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آگسٽ
(وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/August کان چوريل)
چونڊ ڏينهن – سڀ ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جُونِ – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
چونڊ ڏينهن ۾ ڪيل تازيون تبديلون – چونڊ ڏينهن ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 18:07 ڏينهن آهي اربع، ڊسمبر 18، 2024 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
- 1498 – ڪرسٽوفر ڪولمبس (تصوير) پهريون يورپي هو جنهن وينزويلا جو دورو ڪيو.
- 1774 – فرانسيسي سائنسدان جورف پريسٽلي آڪسيجن گيس دريافت ڪئي.
- 1901 – لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
- 1927 – چين ۾ پيپلز لبريشن آرمي جو قيام عمل ۾ آيو، هن ڏينهن تي چين ۾ عام موڪل آهي.
- 1948 – لاهور جي منٽو پارڪ جو نالو تبديل ڪري اقبال پارڪ رکيو ويو.
- 1960 – اسلام آباد کي پاڪستان جو گادي وارو شهر بڻايو ويو.
- 1967 – اسرائيل اوڀر بيت المقدس تي قبضو ڪيو.
- 1981 – موسيقي جي چينئل ايم ٽي وي جو آغاز ٿيو.
- '1790 – آمريڪا ۾ پهرين مردم شماري ٿي، ان وقت آمريڪا جي آبادي 3,929,214 هئي.
- 1914 – لڪسمبرگ جي راڻي ميري ايڊلي (تصوير) ۽ وزيراعظم جرمن فوج سامهون آڻ مڃي ۽ قوم پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي تائين غلام رهي.
- 1949 – سردار عبدالرب نشتر اولهه پنجاب جي گورنر طور حلف کنيو.
- 1989 – پاڪستان جي دولت مشترڪه ۾ واپسي ٿي.
- 1990 – عراق ڪويت تي حملو ڪيو، جنهن سبب خليجي جنگ شروع ٿي.
- 1783ع – جاپان ۾ آتش فشان ڦاٽڻ سبب 35 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1914ع – پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جرمني فرانس جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
- 1934ع – ايڊولف هٽلر جرمني جو حڪمران ٿيو.
- 1957ع – ملائيشيا جي آزادي کان پوءِ شهزادي عبدالرحمن (تصوير) حڪومت سنڀالي.
- 2005ع – ماريطانيہ ۾ فوجي بغاوت ٿي ۽ صدر احمد طايا جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو.
- 1824 – ترڪن ۽ يونانين جي وچ ۾ جنگ ڪوس وڙهي وئي.
- 1906 – سنڊني مرڪزي ريلوي اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.
- 1947 – جاپان ۾ اعلى عدالت (سپريم ڪورٽ) جو قيام ٿيو.
- 1948 – سياستدان عبدالصمد اچڪزئي کي نظربند ڪيو ويو.
- 1954 – حڪومت پاڪستان پاران قومي تراني کي منظور ڪيو ويو، جيڪو حفيظ جالندري (تصوير) جو لکليل آهي.
- 1920 – قمبر پوليس اسٽيشن تي مقرر ڪيترن ئي اهلڪارن سنڌ خلافت ڪاميٽي جي سڏ تي استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
- 1962 – نيلسن منڊيلا (تصوير) کي جيل ۾ وڌو ويو، اتان هو 1990ع تي آزاد ٿيو.
- 1971 – حڪومت پاڪستان اوڀر پاڪستان جي صورتحال تي وائيٽ پيپر جاري ڪيو.
- 1993 – مير مرتضي ڀٽو شام مان درخواست موڪلي پنهنجي پارٽي لاءِ چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
- 1799ع – رنجيت سنگھ لاهور تي قبضو ڪري ورتو.
- 1928ع – سنڌ خلافت ڪاميٽي سڀني خلافتي اڳواڻن کي هدايت جاري ڪئي ته اهي لوڪل چونڊن ۾ حصو نه وٺن.
- 1945ع – ٻين مھاڀاري جنگ ۾ جپان جي شهر هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرايو ويو.
- 1955ع – ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو.
- 1967ع – حيدرآباد ضلعو تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيو. جنهن ڪري حڪومت کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي.
- 1984ع – هندوستاني مغوي مسافر جهاز جي لاهور هوائي اڏي تي لاٿو ويو، اغوا ڪندڙن اڪالي دل تنظيم جي اڳواڻن جي رهائي جو مطالبو ڪيو.
- 1990ع – صدر پاڪستان غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو (تصوير) جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. غلام مصطفي جتوئي نگران وزيراعظم مقرر ٿيو.
- 1955 – محمد علي بوگرا وزيراعظم جي عهدي تان استعفي ڏئي ڇڏي.
- 1976 – خلائي جهاز وايڪنگ 2 مريخ جي مدار ۾ داخل ٿيو.
- 1985 – جرمني جي بورس بيڪر (تصوير) ومبلڊن ٽورنامنٽ کٽي ورتي، هي ومبلڊن کٽڻ وارو ننڍي عمر جو کلاڙي بڻجي ويو.
- 1986 – پشاور خشڪ پورٽ جو افتتاح ٿيو.
- 1998 – تنزانيا ۽ ڪينيا ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملي سبب 212 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2005 – لنڊن ۾ چار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 37 شهري مارجي ويا.
- 1497 – پرتگالي مهم جو واسڪو ڊيگاما (تصوير) يورپ کان سڌو هندوستان جي پهرين سفر تي نڪتو.
- 1967 – انڊونيشيا، ملائيشيا، فليپائن، سنگاپور ۽ ٿائي لينڊ گڏجي ڏاکڻ اوڀر جي ايشيائي قومن جي تنظيم ٺاهي.
- 1974 – آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن استعفا ڏيئي ڇڏي.
- 1997 – چيڪ ري پبلڪ، هنگري ۽ پولينڊ کي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني وئي.
- 1942 – آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي ”هندوستان ڇڏيو“ تحريڪ تحريڪ شروع ڪئي.
- 1945 – آمريڪا پاران جاپان جي شهر نگاساڪي ۾ ٻيو ائٽم بم ڪيرايو ويو.
- 1945 – گريس هوپر پهريون ماڻهو جنهن ڪمپيوٽر ۾ پهريو مسئلو (بگ) دريافت ڪيو.
- 1948 – پاڪستان ۾ پهرين ٽپال ٽڪيٽن جو سيٽ جاري ٿيو.
- 1971 – شيخ مجيب الرحمان (تصوير) خلاف بغاوت جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
- 1972 – سنڌ ۾ قومپرستن خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، انتظاميا جي ايم سيد کي پڻ گرفتار ڪري ورتو.
- 1989 – مڪي ۾ ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ ماڻهو فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا.
- 1821 – مسوري آمريڪا ۾ 24هين رياست طور شامل ٿي.
- 1947 – برطانوي وزيراعظم قائداعظم (تصوير) کي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.
- 1953 – سانگھڙ ضلعي جو قيام عمل ۾ آيو، ٿرپارڪر جي تعلقن سانگھڙ سنجهورو، پٿورو ۽ نوابشاهه جي تعلقي شهدادپور کي سانگهڙ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو.
- 1973| – پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري قرارداد پيش ٿي.
- 1973 – ويسٽ انڊيز جي رياست بهاماس برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1950 – پاڪستان آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جو رُڪن ٿيو.
- 1952 – حسن بن طلال اردن جو بادشاهه ٿيو.
- 1955 – چوڌري محمد علي (تصوير) پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
- 1995 – سرب فوجين بوسنيا ۽ هرزيگونيا ۾ اٺ هزار کان وڌيڪ شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو.
- 2003 – ارڙهن مهينن کان پوءِ لاهور دهلي بس کي ٻيهر شروع ڪيو ويو.
- 1948 – خان عبدالغفار خان جي ڪيترن ئي حامين کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، فائرنگ جو حڪم ان وقت جي وزير اعلي خان قيوم ڏنو هو.
- 1955 – سڪندر مرزا پاران پاڪستاني وزير اعظم محمد علي بوگره جي حڪومت ختم ڪئي وئي.
- 1990 – بورس يلسن سوويت ڪميونسٽ پارٽي تان استيعفا ڏئي ڇڏي.
- 2012 – سشيل ڪمار (تصوير) پهريون هندوستاني پهلوان هو جنهن اولمپڪس راندين ۾ پهلواني جي مقابلن ۾ چاندي جو ٻلو کٽيو.
- 1868 – اريڪا ۾ آيل زلزلي (تصوير) سبب 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1950 – چوڌري خليق الزمان پاڪستان مسلم ليگ جي صدارت تان رٽائر ٿي ويو.
- 1954 – ريڊيو پاڪستان تي پهريون دفعو پاڪستان جو قومي ترانو هليو.
اڄ پاڪستان ۽ بحرين جي آزادي جو ڏينهن آهي.
- 1947 – تقسيم هند جي فيصلي جي تحت پاڪستان (تصوير، پاڪستان جو قومي جهنڊو) قائم ٿيو۔
- 1948 – ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آيو.
- 1971 – بحرين برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1973 – ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان قسم کنيو۔
- 1973 – فضل الاهي چوڌري پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان قسم کنيو.
اڄ ڀارت جي آزادي جو ڏينهن آهي.
- 1947ع – ٻين مهاڀاري جنگ، جاپان آمريڪا سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا.
- 1947ع – تقسيم هند جي فيصلي جي تحت هندوستان قائم ٿيو۔
- 1947ع – قائد اعظم گورنر جنرل پاڪستان جي عهدي جو قسم کنيو.
- 1947ع – لياقت علي خان (تصوير) پاڪستان جي پهرين وزير اعظم جو قسم کنيو
- 1975ع – بنگلاديش ۾ فوجي بغاوت، شيخ مجيب الرحمان کي خاندان سميت قتل ڪيو ويو.
- 2005ع – اسرائيل پاران غزه پٽي تان اٺٽيهه سالن کان پوءِ پنهنجا فوجي ڪڍيا ويا.
- 1913 – ٽوڪوهو يونيورسٽي، جپان جي پهرين يونيورسٽي ٿي، جنهن ۾ عورتون کي داخلا ڏني وئي.
- 1947 – ايوب کهڙي سنڌ جي وڏي وزير طور ڪابينا سان حلف کنيو.
- 1991 – جنرل مرزا اسلم بیگ جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ جنرل آصف نواز (تصوير) پاڪستان فوج جو نئون سربراه مقرر ٿيو.
- 1952 – لياقت علي خان جي قتل جي حوالي سان ڪميشن رپورٽ کي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڪنهن کي به زميوار نه ڄاڻايو ويو.
- 1955 – ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جو آغاز ڪيو ويو.
- 1988 – ضيا الحق (تصوير) جو جهاز بهاول پور ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، ان حادثي ۾ ضيا الحق سميت آمريڪي سفير ۽ ٻيا اعلي فوجي عهديدار اجل جو شڪار ٿيا.
- 1988 – زار روس ۽ ان جي خاندان کي جي قتل کان 80 سال پوءِ انهن کي باقائده دفنايو ويو.
- 1995 – پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پهرين دفعا 1000 پوائنٽس جو حد عبور ڪيو.
- 2018 – عمران خان پاڪستان جي 19هين وزير اعظم جو قسم کنيون.
- 2008ع – پرويز مشرف (تصوير) قوم سان خطاب دوران پاڪستان جي صدارت تان استعفي جو اعلان ڪيو.
- 2018ع – عمران خان پاڪستان جي 22هين وزير اعظم جو قسم کنيون.
- بالزاڪ (و. 1850)
- گلزار (پ. 1934)
- دلير مھندي (پ. 1967)
اڄ افغانستان جي آزادي جو ڏينهن آهي.
- 1919 – افغانستان برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1944 – پيرس جرمني جي قبضي مان آزاد ٿيو.
- 1947 – پاڪستان جي آزادي کان پوءِ باضابطه ڪم جي ڏينهن جو آغاز ٿيو.
- 1991 – ميخائل گوربا چوف (تصوير) خلاف فوجي بغاوت ٿي، انهي عمل سويت يونين جي ٽٽڻ تي دنگ ڪيو.
- 1920 – پهرين نجي ريڊيو اسٽيشن، 8 ايم ڪي (هاڻي ڊبليو ڊبليو جي) ڊيٽرائٽ ۾ نشريات جو آغاز ڪيو.
- 1960 – سينيگال (قومي جهنڊي جي تصوير)، مالي وفاق کان الڳ ٿي، آزادي جو اعلان ڪيو.
- 1975 – سنڌو درياھ ۾ اتنهائي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
- 1988 – ايران عراق جي وچ ۾ 8 سالن بعد جنگ بندي جو مهادو ٿيو.
- 1915 – اٽلي ترڪي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
- 1947 – حيدرآباد دکن پنهنجي آزادي واري اعزاز کي سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو.
- 1954 – جنيوا معاهدي کان پوءِ ويت نام ۾ جنگ بندي ٿي ۽ ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو.
- 1983 – فلپائين جي مخالف ڌر اڳواڻ بنينو آڪينو (تصوير) کي منيلا عالمي هوائي اڏي تي قتل ڪيو ويو.
- 1993 – ناسا جو خلائي جهاز مارس آبزرور سان رابطو ڪٽجي ويو.
- 1902 – ٿيوڊور روزويلٽ (تصوير) آمريڪا جو 26 هون صدر منتخب ٿيو.
- 1932 – بي بي سي پاران جان لوگي بيئر جي نظام تحت ٽيلي ويزن نشريات جي شروعات ڪئي.
- 1972 – روڊيشيا کي نسل پرست روين سبب عالمي اولمڪ ڪميٽي مان نيڪالي ڏني وئي.
- 1972 – پ پ پ گلگت ۽ بلتستان وارن علائقن ۾ شاهي خاندان جي گھڻي عرصي کان الڳ الڳ حڪمراني ختم ڪري ڇڏي.
- 634 – پهرين مسلمان خليفي ابوبڪر جي وفات ٿي ۽ عمر بن خطاب ٻيو خليفو نامزد ٿيو.
- 1942 – ٻين مهاڀاري جنگ اسٽالن گراڊ جي لاڙائي (تصوير ۾ روسي فوجي جرمن جنگي قيدين کي وٺي وڃي رهيا آهن) شروع ٿي.
- 1955 – تڪراري ون يونٽ بل پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو.
- 1976 – اسلام آباد يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري قائداعظم يونيورسٽي رکيو ويو.
- 79ع – ويسوويوس جبل جي آتش فشان سبب پوميئي، هڪ قديم رومي شهر مڪمل تباهه ٿي ويو. شهر 13 کان 20 فٽ لاوا جي هيٺ دٻجي ويو.
- 1948ع – ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
- 1969ع – افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه (تصوير) پختونن جي ڌار وطن پختونستان جي قيام واري جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو.
- 1965ع – اسلام آباد ۾ اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
- 1606ع – گليليئو گليليئي (تصوير) وينس جي اسيمبلي جي رڪنن کي پنهنجي دوربين جي ڪم بابت سمجهايو.
- 1950ع – صدر هيري ٽرومين پاران هڙتال کان بچڻ لاءِ آمريڪي فوج کي حڪم جاري ڪيو ته اهي روڊ ۽ رويلوي جو اتنظام سنڀالين.
- 1980ع – زمبابوي گڏيل قومن جو رڪن ٿيو.
- 1991ع – بيلاروس سويت يونين کان آزادي حاصل ڪئي.
اڄ راکي ٻڌڻ جو ڏڻ آهي.
- 683ع – يزيد (تصوير:يزيد جي وقت اموي خلافت جو سڪو) جي لشڪر حره جي جنگ ۾ صحابين سميت مديني جي 11 هزار ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو.
- 1840ع – انگريز عملدار ليفٽيننٽ لوڊي کي قلات ۾ بروهي برادري جي ماڻهن اغوا ڪري ورتو، سندن مطالبو هو ته قلات بابت انگريز پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪن.
- 1950ع – هندوستان مان آيل پناهگيرن جي بحالي لاءِ پاڪستان جي سڀني شهرين تي مهاجر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو.
- 1694ع – برطانيا جي مرڪزي بينڪ، بينڪ آف انگلينڊ کي قانوني حيثيت ڏني وئي.
- 1896ع – اينگلو زنجباري جنگ: دنيا جي تاريخ جي مختصر جنگ گڏيل بادشاهت ۽ زنجبار جي وچ ۾ وڙهي وئي. جن جو دورانيو 38 کان 45 منٽ هو.
- 1979ع – برطانوي شهزادي جي سئوٽ مائونٽ بيٽن (تصوير) ٻيڙي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. ڌماڪي جي زميواري آئرش ريپبلڪن آرمي قبول ڪئي هئي.
- 1961ع – عبد السلام (تصوير) کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت صدر جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
- 1998ع – وزير اعظم پاڪستان، نواز شريف شريعت بل جو اعلان ڪيو.
29 آگسٽ وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آگسٽ 29 ڏسو - بحث - ترميم
اڄ گمشدگين خلاف عالمي ڏينهن آهي.
- 1574ع – گرو رام داس چوٿون سک گرو مقرر ٿيو.
- 1835ع – آسٽريليا جي شهر ملبورن جا بنياد رکيا ويا.
- 1941ع – ٻين مهاڀاري جنگ: روس جي شهر لينن گراڊ جو محاصرو شروع ٿيو.
- 1982ع – ياسر عرفات (تصوير) کي بيروت مان نيڪالي ڏني وئي.
- 1999ع – اوڀر تيمور جي ماڻهن ريفڊيم ذريعي انڊونيشيا کان آزادي لاءِ ووٽ ڏنو.
- 1900ع – ڪوڪا ڪولا کي پهرين دفعا برطانيا ۾ وڪڻيو ويو.
- 1949ع – وزير اعظم لياقت علي خان سنڌ يونيورسٽي ۾ پهرين ڪانووڪيشن جي صدارت ڪئي.
- 1995ع – اوڀر پنجاب، هندوستان جي وزير اعلي بنيت سنگ (تصوير) کي قتل ڪيو ويو.
- 2018ع – عوامي جمهوريه دونيتسڪ جو وزير اعظم اليگزينڊر زاخارچنڪو (تصوير) دونيتسڪ ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.