وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آگسٽ 24
- 79ع – ويسوويوس جبل جي آتش فشان سبب پوميئي، هڪ قديم رومي شهر مڪمل تباهه ٿي ويو. شهر 13 کان 20 فٽ لاوا جي هيٺ دٻجي ويو.
- 1948ع – ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
- 1969ع – افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه (تصوير) پختونن جي ڌار وطن پختونستان جي قيام واري جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو.
- 1965ع – اسلام آباد ۾ اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آيو.