ٻين مھاڀاري جنگ

1939ع-1945ع جي عالمي جنگ

ٻي عالمي جنگ (انگريزي ٻولي: World War II) انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي، ڊگهي ۽ خونريز ۽ تباهي مچائيندڙ لڙائي ٻي عالمي جنگ هئي، جيڪا پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي جرمنيءَ جي حملي سان شروع ٿي ۽ 2 سيپٽمبر 1945ع تي وڃي پُڄاڻي تي پهتي (ختم ٿي)،[1] جڏهن آخري محوري طاقت جپان سرڪاري طرح پنهنجي شڪست تسليم ڪئي. ٻي عالمي جنگ هونئن ته جپان جي چين ۾ مداخلت سان پهرين سيپٽمبر 1939ع کان اڳئي شروع ٿي چڪي هئي، سا جرمني جي غير مشروط طور هٿيارن ڦٽا ڪرڻ سان يورپ ۾ 8 مئي 1945ع تي ختم ٿي هئي. هيءَ جنگ جزوي طرح 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ ايشيا ۾ جاري هئي. ان کان سواءِ هيءَ جنگ آفريقا جي ڪن حصن ۽ آمريڪا جي ڀر وارن ملڪن ۾ به وڙهي پئي وئي. بعد ۾ هن جنگ دوران مختلف سمنڊن ۾ وڏين طاقتن جي بحري فوجن، جهازن ۽ آبدوزن سان تمام وڏيون ۽ خطرناڪ لڙايون ٿيون هيون. هيءَ انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي لڙائي هئي، جنهن ۾ دنيا جا ذري گھٽ سڀئي ملڪ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ پراڻن آزمايل هٿيارن سان گڏ نوان خطرناڪ هٿيار به استعمال ٿيا ۽ آخر ۾ ته ايٽم بم به استعمال ٿيو، جيڪو آمريڪا جپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو هو. ٻي عالمي جنگ جا بنياد پهرين عالمي جنگ جي خاتمي سان ئي پئجي چڪا هئا. اهو هن طرح ته پهرين عالمي جنگ (1914ع کان 1918ع) جي فاتح اتحادي طاقتن، شڪست کاڌل جرمنيءَ کان جيڪو صلح نامو ”ٽريٽي آف ورسائيليز“ (Treaty of Versailles) زرو زبردستيءَ سان صحيح ڪرايو هو، تنهن ۾ جرمنيءَ کي نهايت ذلت وارا شرط قبول ڪرڻا پيا هئا. مثال طور، اتحادين جرمنيءَ جي ڪن خاص علائقن تي، جتي جرمنيءَ جا فولاد جا ڪارخانا ۽ هٿيارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون هيون، قبضو ڪري پنهنجون فوجون ويهاري ڇڏيون. جرمنيءَ تي پنهنجي اندروني انتظام کان وڌيڪ فوج رکڻ تي بندش وجھي ڇڏي ۽ اتحادي طاقتن هٿيار ٺاهڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي ۽ خاص طور فرانس کي، جنهن تي جرمنيءَ جي حملي سان پهرين مھاڀاري جنگ وڏي پئماني تي شروع ٿي هئي ۽ جنهن ۾ فرانس کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو هو. ان کي War Reparations يعني جنگي نقصانن جو معاوضو ڀري ڏيڻ به اتحادين جرمنيءَ کان قبول ڪرايو هو. پهرين مھاڀاري جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست سبب جرمنيءَ جي پراڻي بادشاهت کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي جمهوري نظام رائج ڪيو ويو ۽ جرمنيءَ کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ يعني عوامي جمهوريه قرار ڏنو ويو، جيڪا شروعاتي ڪاميابي کانپوءِ ناڻي واڌ، مهانگائيءَ، بيروزگاري ۽ اقتصادي مسئلن ۽ جرمنيءَ جي سندس مخالف طاقتن هٿان قومي ڦر لٽ سبب سخت ڪمزور پئجي ويئي. ملڪ ۾ مختلف شدت پسند سياسي تحريڪون ۽ سياسي جماعتون پيدا ٿي پيو. جن مان هڪڙي ڪميونسٽ پارٽي هئي ۽ ٻي هئي ايڊولف هٽلر جي نازي پارٽي. هٽلر ۽ ان جي نازي پارٽيءَ جرمنيءَ جي ٻي مھاڀاري جنگ ۾ شڪست کانپوءِ جي ذلت جو الزام هڪڙو اتحادي طاقتن طرفان جرمنيءَ کان زوري مڃايل ورسائيليز معاهدي ۽ ٻيو يهودين تي لڳايو. هٽلر جي نظر ۾ (الف) يهودين جو جرمنيءَ تي ايترو ته مضبوط اقتصادي ۽ مالي تسلط هو، جو جرمني پنهنجي دفاع جو پورو انتظام نه ڪري سگھي ۽ (ب) يهودي اندران جرمنيءَ سان ڪوڙا ۽ اتحادين سان سچا هئا.[2]

ٻئي مهاڀاري جنگ (سيڪنڊ ورلڊ وار) جا منظر

يورپ ۾ جنگ جي شروعات

سنواريو

جرمني ۽ روس هڪٻئي جا جاني دشمن هئا. پر ڪن فوجي ۽ سياسي مصلحتن جي ڪري انهن في الحال پاڻ ۾ هڪٻئي خلاف جارحيت نه ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ انهن معاهدي جي هڪ ڳجھي راز مطابق پولينڊ، بالٽڪ سمنڊ جي ڀر وارا ملڪ ۽ فن لينڊ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري ورهائي کڻڻ جو به فيصلو ڪيو هو. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي ان وقت يورپ ۾ باقاعدي وڏي جنگ شروع ٿي ويئي، جڏهن جرمنيءَ پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي حفاظت لاءِ انگلنڊ ۽ فرانس ٻنهي لکت ۾ اڳيئي خاطريون ڪرايون هيون. ٻئي پاسي کان روس به پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو. ٻنهي حملي آورن پولينڊ اڌو اڌ ورهائي کنيو. پولينڊ جي فوجن شڪست کاڌي، پر ڪجهه فوجي آخر تائين اتحادين پاران قابض فوجن خلاف وڙهندا رهيا. جرمنيءَ فرانس تي فوج چاڙهي، پر ٻنهي ملڪن جون فوجون 10 مئي 1940ع تائين هڪٻئي تي صرف فائرنگ ڪنديون رهيون.[2]

جرمني ۽ روس جي خوفناڪ لڙائي

سنواريو

ٻي عالمي جنگ جو فيصلو جرمني ۽ روس جي شديد، طويل ۽ خونريز جنگ جي نتيجي ۾ وڃي ٿيو. هٽلر روس سان جنگ ۾ شڪست کانپوءِ هر محاذ تي پوئتي پوندو ويو. تان جو دشمن جرمنيءَ کي چئن ئي طرفن کان گھيري ويا. هٽلر جي Minister for Armament يعني (هٿيارن واري وزير) البرٽ اسپيئر پنهنجين ياداشتن ۾ لکيو آهي ته، ”ڪابينا جي جنهن اجلاس ۾ هٽلر روس تي حملي جو پلان (Operation Barbarossa) ”آپريشن باربروسا“ جي منظوري ڏني، ان وقت هو فرانس کي ڏيڍ مهيني جي مختصر جنگ ۾ اڳئي شڪست ڏئي چڪو هو ۽ کلندي کيس چيو هئائين ته:[2]

“As Compared to war with France the “Operation Barbarosa” will be a child’s play”.

يعني ”فرانس سان ٿيل جنگ جي نسبت آپريشن باربروسا ته اسان لاءِ هڪ ٻارن جي راند ثابت ٿيندي.“ پر ائين ٿيو ڪونه. روس تي حملي هٽلر کي ائين تباهه ڪري ڇڏيو، جيئن ڏيڍ سؤ سال اڳ ۾ نيپولين جي لکين سپاهين جي زبردست فرينچ فوج کي روس ۾ تباهه ڪيو ويو هو. نيپولين پنهنجي چند هزار جان نثار سپاهين سان وڏي مشڪل سان پنهنجي جان بچائي واپس فرانس پهچي سگھيو هو. جيتوڻيڪ هن ماسڪو شهر تي به قبضو ڪري سڄي شهر کي ساڙائي ڇڏيو هو ۽ هٽلر جي فوج تي ماسڪو کان 35 ميل پري رهجي وئي هئي. برطانيه جي فيلڊ مارشل منٽگو مري ته چيو هو ته: ”جنگ جي وڏن اصولن ۾ هاڻي هن اصول جو به اضافو ٿيڻ کپي ته:(Never march on Moscow) يعني ”ماسڪو تي ڪڏهن به حملو نه ڪجو.“ فاتح روسي فوج ۽ برلن تي روسي حملي جي اڳواڻي ڪندڙ جنرل زوخوف جرمنيءَ جي شڪست ۽ روس جي فتح جو وڏو سبب اهو ٻڌايو هو ته، ”هٽلر پنهنجي طاقت جو حقيقت کان وڌيڪ ۽ اسان جي طاقت جو حقيقت کان گھٽ اندازو لڳايو هو.“ ساڳيو جرمن وزير جنگ البرٽ اسپيئر پنهنجين يادگيرن ۾ اهو به لکي ٿو ته، ”بعد ۾ روس هٿان جرمنيءَ جي شڪست تي تبصرو ڪندي هٽلر وڏي اداسيءَ سان کيس چيو هو ته:[2]

“Future belongs to our powerful neighbour as Germans have proved themselves weaker people.”

يعني ”مستقبل اسان جي طاقتور پاڙيسري (روس) جو آهي، ڇاڪاڻ جو جرمن قوم پاڻ کي (روسين جي ڀيٽ ۾) ڪمزور ثابت ڪيو آهي.“

روس تي حملو ڪندڙن لاءِ وڏي ۾ وڏي مسئلو هميشه لاءِ پنهنجين فوجن کي هٿيار، بارود، کاڌي، تيل ۽ ضروري شين جي سپلاءِ جو رهيو آهي ۽ ٻيو وڏي ۾ وڏي مسئلو روس جي خوفناڪ سردي هئي. جنهن ۾ روسين کان سواءِ ٻيا ٻاهران حملي آور نه ٿي وڙهي سگھيا. روسين ۽ سردي ٻنهي سان وڙهڻ مشڪل هو. جرمنيءَ سان به ائين ٿيو. جرمنيءَ جو پلان هو ته ايندڙ سردين کان اڳ ۾ روسين کي شڪست ڏني ويندي. ائين ٿيو ڪونه روسي پويان هٽندا ۽ ملڪ خالي ڪندا ويا ۽ پويان فصل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون به برباد ڪندا ويا. اهڙيءَ طرح جرمنيءَ کي دوبدو وڙهڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو، جو روسي فوجن کي ختم ڪري سگھي. ان کانپوءِ جرمن فوجون پيشقدمي ڪندي 5 ڊسمبر 1941ع تي ماسڪو کان 35 ميل پري پهچي بيهي رهيون، جو انهن جي سپلاءِ لائين ان کان وڌيڪ سلامت ڪانه هئي ۽ روسي گوريلا فوجون هر هنڌ انهن تي حملا ڪري رهيون هيون، جرمن ته ايتري روسي علائقي تي قبضو ڪري چڪو هو، جو روسي اهو 1944ع تائين جرمن فوجن کان مس خالي ڪرائي سگھيا هئا.[2]

هٽلر جي فوجين لينن گراڊ شهر (موجوده نالو پيٽرزبرگ) کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هٽلر حڪم ڪيو ته، ”هن شهر کي صفحهء هستي تان مٽايو وڃي ۽ ان جي سڀني شهرين کي ماريو وڃي.“ هٽلر روسين کي ” Subhuman Race“ يعني انساني سطح کان گھٽ نسلن جا ماڻهو قرار ڏيندو هو، جن کي ماري تباهه ڪري ڇڏڻ ڪو ڏوهه ڪونه هو، هو جرمن قوم کي ئي انسان ذات جي اعليٰ قوم تصور ڪندو هو، هن جي خيال ۾ جنهن کي ئي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل هو، هٽلر لينن گراڊ شهر کي گھيرو ڪري ويهي رهڻ جو حڪم ڏنو، جيئن هن شهر جي باشندن کي اڃيو ۽ بکيو ماري ختم ڪري ڇڏجي. ساڳئي وقت بمبار جهازن ۽ توپن جي گولي باري به شهرين تي جاري رهي. هن شهر جي گھيري جي نتيجي ۾ انهن جا ڏهه لک ماڻهو مري ويا. اهو گھيرو 900 ڏينهن جاري رهيو.[2]

42-1941ع جو سيارو ڪاٽڻ بعد جرمن فوج ماسڪو تي حملي جو پروگرام بدلائي اسٽالن گراڊ شهر (موجوده نالو وولگو گراڊ) تي حملو ڪيو ۽ ان تي قبضو ڪيو، جنهن کان پوءِ اسٽالن گراڊ جي گھٽين ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. هيءَ جنگ ايتري ته شديد ٿي وئي، جو شهر جي چؤڌاري موجود سڄي جرمن فوج کي شهر ۾ وڙهڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ جرمنيءَ جي مددگارن رومانيه ۽ هنگريءَ جي فوجين کي شهر جي ٻاهران حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو. روسين ڇا ڪيو، جو هن شهر تي جوابي حملو ڪري هنگري ۽ رومانيه جي ڪمزور فوجين کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شهر ۾ موجود جرمن فوج کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو. جرمن فوج جي ڇهين ۽ ستين ڊويزن جا لکين فوجي بنا مدد بنا سپلاءِ، بنا کاڌي ۽ بنا بارود جي شديد مصيبت ۾ اچي ويا. 1943ع جي شروعات ۾ باقي بچيل جرمن فوج شڪست قبول ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تيستائين شديد ترين خوني جنگ ۾ جرمني ۽ روس جا ڪل 20 لک ماڻهو مارجي ويا. جن مان 5 لک شهري ۽ باقي ٻنهي ملڪن جا سپاهي هئا.[2]

هٽلر ضد ۾ اچي آخر تائين جرمن سپاهين کي جنگ جاري رکڻ لاءِ چيو، پر جرمن فوج جي سپهه سالار مجبور ٿي هٿيار ڦٽا ڪيا، جيتوڻيڪ هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هٽلر هن کي جنرل مان فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي، جو اوستائين ڪنهن به جرمن فيلڊ مارشل ڪنهن دشمن اڳيان هٿيار نه ڦٽا ڪيا هئا. هن جنگ کانپوءِ جرمنيءَ جي فوج جو زور ٽٽي پيو ۽ روسي فوجن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. تان جو اهي وڃي مئي 1945ع ۾ خود جرمنيءَ اندر برلن جي شهر تي پهتيون. ان کان اڳ 1945ع جي بهار ۾ جرمنيءَ ڪرسڪ جي هنڌ وٽ روسي فوجن تي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٽينڪن وارو حملو ڪيو ۽ اتي دنيا جي ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي لڙائي ٿي. هزارين ٽينڪن ۽ لکين فوجن، ٻنهي پاسن کان جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ به آخرڪار جرمنيءَ کي شڪست ۽ روس جي فتح ٿي. هن جنگ ۾ ٻنهي پاسي وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.[2]

وڌيڪ ڏسو

سنواريو