مک مينيو کوليو

بروھي

بہت خوب لکھا ہے

سانچو:Dravidian

بروھي
Brahui
براہوئی, Baloch
Brahui people of Quetta.jpg
ڪوئيٽا ۾ 1910 ۾ بروهي نسل جي ماڻهن جو ڦوٽو
ٻوليون

بروھي

مذھبَ

حنفي ، سني ،اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

بلوچ عوام

نالوسنواريو

بروهي (Brohi) نالو سنڌ ۾ رائج آهي؛ اصل لفظ ’براهوئي‘ (Brahvi or Brahui) آهي. اُن جي معنيٰ نالي مان ظاهر آهي: ’با‘ ۽ ’روهي‘، يعني جبل جا رهاڪو. جيڪي بروهي هيلمند نديءَ جي ڪپن تي رهن ٿا، سي طبعي لحاظ ڪري پاڻ کي ’ناروهي‘، ميداني سڏائين ٿا، يعني ’ميدان نشين‘ . بروهي سنڌي آهن ان جي معنا ته بروھي قبيلي مان ٻيون جيڪي به ذاتيون نڪتيون آھن اهي سڀ پڻ سنڌي ئي آھن. سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ ’سنڌي‘ ڄاڻايل آهن. اهڙي پڌرائي لاءِ اسان سنڌين وٽ سنڌ جي سدا جيئري شاعر، ڀٽائيءَ جو رسالو سند آهي.[1]. انگريزن ٻروچ ٽالپر حڪمرانن خلاف هيءَ تحريڪ شروع ڪئي ته ٽالپرن جي قوم غير سنڌي ۽ ڌاري قوم آهي، جا سنڌين تي ظلم ڪري رهي آهي، ۽ بروهين خلاف سنڌين کي برغلائڻ لاءِ هُلايائون ته بروهي به غير سنڌي، ’خراساني‘ آهن. اهڙيءَ پروپئگنڊا ذريعي هو قلات ۽سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا - حالانڪه بلوچستان ۽ خراسان ٻيءَ اقليمِ سنڌ جا صوبا آهن. اڄڪلهه ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي بروهين کي ’خراساني‘ سڏين ٿا، مزو ته اهو آهي ته ڪي بروهي به پنهنجو وطن خراسان ڄاڻائين ٿا. اهڙن ڍنگن سان فرنگي سنڌي ملت کي منتشر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شاهه سائينءَ بروهين جي مرڪز ۽ تختگاهه شهر ’قلات‘ کي ڏاڍيءَ سڪ ۽ اڪير سان ياد فرمايو آهي. قلات وچ- ايشيا ڏانهن ويندڙ شاهراهن کي ڳنڍيندڙ، ايشيا جو مکيه قافله سراءِ هو. اڄ ريلن جي اچ وڃ ڪري سندس اڳوڻي تجارتي اهميت گهٽجي ويئي آهي. فرمائي ٿو: ”پسيو آسمڻ اُن جا، ٻانهن وجهان واتَ، هوجي ڪهيا ڏانهن قلاتَ، آءٌ نه جيندي ان ري.“ بيان ڪيل بيت ويدانت مت جي زباني چيل آهي، ڇالاءِ ته قديم سنڌ ۾ هنگلاج کان پوءِ ٻيو وڏو ڪاليءَ جو مندر قلات ۾ اڄ تائين موجود آهي، پورب جا ساڌو جنهن جي ياترا ڪرڻ ويندا هئا.[1][2]

نسب، وطن ۽ قبيلاسنواريو

بروهين جي نسب بابت، عيسوي ويهين صديءَ جي شروعات ۾، 1901ع جي پهرينءَ آدم ڳڻپ جي رپورٽ مان دنيا کي خبر پيئي. بلوچستان جي مٿين رپورٽ انگريزن خان خداداد جي صلاح ۽ مشوري سان تيار ڪئي هئي، جڏهن خان صاحب ’بوري‘ ۾ نظر بند هو. هاڻوڪيءَ سنڌي ملت ۾ جهڙيءَ طرح عرب، پٺاڻ، مغل، ايراني ۽ هندي، سماٽ قومون شامل آهن، تهڙيءَ طرح ’بروهي ڪنفيڊريسي‘ به مختلف نسلن جي قومن جو مجموعو آهي. بروهي آفيشل رڪارڊ ۾ ”بروهي“ نالو ’براده‘ يا ’بروده‘ جو مخفف آهي. براده ندي ليبنان جبل مان نڪري، عتيبه جي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. دمشق جو ميداني علائقو، خاص طور ’غوطه‘ جو سرسبز حصو، هن نديءَ وسيلي سيراب ٿئي ٿو. مشهور جاگيرافيدان ياقوت حمويءَ ڄاڻايو آهي ته جڏهن عبدالملڪ بن مروان، سليمان کي فلسطين جو گورنر مقرر ڪيو هو، تڏهن سليمان برده نديءَ مان هڪڙي شاخ ڪڍرائي ’رمله‘ کي تختگاهه مقرر ڪيو هو . فلسطين جي نقشي ۾ برده ندي ڏيکاريل آهي. بروهي پنهنجين روايتن موجب پاڻ کي حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل مان ڇڪين ٿا، جو ”براهو“ ڄاڻايل آهي.بنگلزئي، لانگوه ۽ لهڙي ٻروچ آهن، پر بروهي تمن ۾ شامل رهڻ ڪري بروهي سڏجن ٿا. رئيساڻي ۽ شاهواڻي توڙي سَر پَره پٺاڻ آهن. هيوز صاحب سرپره قبيلي کي ’سٿين‘ ڄاڻايو آهي.مينگل، بيزنجو، ساجدي ۽ زهري، سماٽ (جَدگال) ۽ جاٽ قبيلا آهن. بروهي ڪنفيڊريسيءَ جي جدگال قبيلن مان ”مينگل“ نالو ٻن لفظن جو مرڪب آهي: ’مين‘ ۽ ’گَل‘، يعني ’مين‘ قوم جي جماعت. ”بيگلارنامي“ ۾ بينا (مينا)، تاڪ، بنوميا، سنڌ جي قديم قومن جانالا ڏنل آهن. ”تحفته الڪرام“ ۾ بنيا، ٽانڪ، مومد ۽ مهمير، چئن قديم قومن جا نالا ڏنل آهن. ليفٽيننٽ پوسٽنس ’رايل ايشياٽڪ سوسائٽي‘، بنگال، جي جرنل ۾ نوبيته، تاڪ ۽ مومد نالا، 1841ع جي شماري ۾ ڄاڻايا آهنمحمد شهي ۽ نيچاري، بلوچستان جون قديم قومون آهن. مٿين بروهي قومن جو ورهاڱو ٻن بروهي ضلعن ۾ هن طرح آهي: ضلعو سراوان: بنگلزئي، ڪرد، لهڙي، لانگوه، محمد شهي، رئيساڻي، رستم زئي، سَرپَره، ساتڪزئي، شاهواڻي، ذگرمينگل. اهي قومون سراواني ڪوٺجن ٿيون. ضلعو جهالاوان: بيزنجو، هاروني، محمد حسني، مينگل، نيچاري، پندراڙي، ساجدي، زهري، نغاري، ريڪي زئي، اهي قومون جهالاواني ڪوٺجن ٿيون. بلوچستان کان علاوه سنڌ جي جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، نواب شاهه، حيدرآباد ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ۾ بروهي رهن ٿا. مغربي پاڪستان ۾ سندن تعداد پندرهن لکن کان به مٿي آهي. هر هڪ بروهي قوم جون بيشمار شاخون (پاڙا) آهن. هن صحبت ۾ فقط شاهواڻي قوم جي شاخن جا نالا نموني طور پيش ڪجن ٿا، ۽مختصر طور ٻين قومن جون شاخون به پيش ڪريون ٿا، جيئن بروهي قومن جي وسعت جو پتو پئجي سگهي. 1. شاهواني: حاجي زئي: حاجي زئي، راوت خان زئي، شادين زئي، چنروزئي، حاصل خان زئي، ميروزئي، شيرزئي، خواجو زئي، شاهو زئي، حسني، ڪَلو زئيعمراني، تنگي زئي، سهر زئي، مياهي زئي، ڪشاني، غل. سهرزئي: ڏاهي زئي، علي خان زئي، فيروزئي، عيسيٰ زئي، بوجا زئي، حڪيم زئي، ڪنززئي، عمراني: هوتي زئي، جهل زئي، يار علي زئي، پنڊوخ زئي، زهروزئي، غذارزئي، جوڳي زئي. 2. رئيساڻي: ميان علي زئي، راءُ حسين زئي، رستم زئي، سراج زئي، ٻيون ننڍيون شاخون به آهن، جن کي طوالت ڪري نظر انداز ڪريون ٿا. 3. بنگلزئي: سيد زئي، گهرام زئي، دينار زئي، گِراني، شوران زئي، بدوزئي، مندواڻي، پڙ، بجارزئي، مغنڊوزئي، ڦُگ، باران زئي، شاهوزئي. 4. محمد شهي: مدوزئي، ڪرموزئي، شدن زئي، مسوداني، گرگين زئي، شادي زئي. محمد زئي، پهلان زئي، زردارزئي، سوروزئي، صفوزئي، سامڪ زئي، جڪوزئي. 5. لهڙي: ابراهيم زئي، حيدرزئي، زوبيراني، شادياني، خلچاني، شنگراني، وغيره. 6. مينگل: شاهي زئي، پهلوان زئي، ابابگي. جهالوان ۽ نوشڪي تائين پکڙيل آهن. 7. زهري: زرڪ زئي، خدراني، جَتڪ، موسياني، باجوئي. 8. قنبراڻي: صوڀازئي، ميران زئي، باران زئي، مستنگ، خاران، جهالاوان ۽ قلات تائين پکڙيل آهن. 9. دِهوار: خواجه خيل، هوتي زئي، سارنگ زئي، داري زئي، قاضي خيل، شيخ، گوارا زئي، نجارزئي، زرخيل، منگوزئي، اناري زئي، ڍاڍرزئي، هولائي، ابڙه، الجازئي، ڊونب، سياه پاد- انهن مان ارخيل پٺاڻ، ۽ سياه پاد رند آهن. دهوار ايراني نسل مان آهن، ۽ سندن ٻولي بگڙيل پارسي آهي؛ مستنگ ۾ سڪونت پذير آهن. 10. شاهوزئي: رهزن زئي، ابراهيم زئي، تمارزئي، ريحان زئي، فرار زئي، جنگي زئي، گاجي خان زئي، مراد خان زئي، سيد خان زئي، مصرزئي، گرُّزئي، مستان زئي. 11. ميرواڙي: احمد زئي، حڪمران قوم جو اهو پاڙو آهي، جنهن جو ڏاڏو مير ميروخان هو، جنهن جي نالي ڪري ميرواڙي سڏجن ٿا. انهن ميرواڙين، مير بجار بن مير عمر بن ميرو جي سرڪردگيءَ ۾، عيوسي پندرهين صديءَ ڌاري، لس ٻيلي جي جدگالن (سماٽن) کي شڪست ڏيئي، جهالاوان جي مشڪي ماٿريءَ ۽ نندرو ۾ بروهي ڪنفيڊريسيءَ جو پهرئين دفعي بنياد رکيو هو.[1][3]

بروھي ٻوليسنواريو

هيءَ زبان غير آريائي ٻولي آهي، جا ’ڪرگالي‘ (Kargaali) به سڏجڻ ۾ اچي ٿي؛ ۽ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته پاڪستان جي سڀني ٻولين کان جهوني آهي، ڇالاءِ ته علم اللسان جا ماهران کي دراوڙي ٻولين جي صف ۾ شمار ڪن ٿا. اسين هيءَ به دعوا ڪريون ٿا ته بروهي اوائلي سنڌي ٻولي آهي، جا پنج هزار ورهيه قبل مسيح سنڌ جي جهوني سڀيتا موئن جي دڙي جو زنده مثال آهي. جيئن زندگي هر دم جوان آهي، تيئن سنڌي مادري ٻولي به هر زمان ۽ مڪان ۾ زنده رهندي اچي ٿي. بروهي ٻولي، جا بنيادي آهي، سنڌي ٻوليءَ کي عروس نوبهار وانگي سينگاريندي اچي ٿي، بشرطيڪ قلم مشاط گريءَ جي هنر کان واقف هجي. اسانجن اديبن سنسڪرت، فارسيءَ ۽ ٻين ٻولين تي گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، پڻ ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي آهي، پر بروهي ٻولي، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ سان چولي ۽ دامن جهڙو واسطو آهي، تنهن کي پٽيءَ وساري ڇڏيو اٿن. دراوڙي ٻولين جي صف ۾ هوندي به، بروهي ٻوليءَ جي آريائي ٻولين سان مائٽي آهي، ۽ اهڙي ناتي ڪري زنده رهندي اچي ٿي. وڏو تعلق جدگاليءَ (سنڌي) سان رکي ٿي. شاهه سائين پهريون سنڌ جو عظيم شاعر آهي، جنهن ’ڪرگالي‘ ٻوليءَ جي اڙانگن لفظن کي سنڌي بيتن ۾ سموئي جس کٽيو آهي. ملاحظه فرمايو: داسا، داڪا، داڙي، هَنڊاڙي هئام، هُرداسا هِن حال جي، هتي هوت ڏٺام، پذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو.(1) هن بيت جي پهرينءَ سٽ جا اڳياڙيءَ وارا چار لفظ، ۽ٻيءَ سٽ جو پهريون لفظ، بروهي ٻوليءَ جا لفظ آهن. بروهي ٻوليءَ ۾ سنڌي زبان وانگي لچڪ آهي، توڙي جو اها حقيقت آهي ته هيءَ ٻولي دکن جي دراوڙي ٻولين مان جڙيل آهي. – حالانڪ بروهين جو وطن، برصغير ۾ اُترينءَ سرحد تي آهي، ۽ دکن ۽ اتر برصغير ۾ هزارن ميلن جو فاصلو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي ته سنسڪرت زبان جا آرين جي بنيادي زبان آهي، ان جي وجود کان هزارها ورهيه اڳ مهراڻ جي ماٿريءَ توڙي بلوچستان ۾ دراوڙي ٻوليون رائج هيون(1).بروهي ٻوليءَ ۾ لفظ ’گَل‘ لفظ بروهي ٻوليءَ کان وڌيڪ بلوچيءَ ۾ رائج آهي. جهڙوڪ ’دُزگَل‘، چورن جو ٽولو؛ ’بُزگَل‘، ٻڪرين جو ڌڻ؛ ’مينگَل‘، مين قوم جي جماعت؛ وغيره. بروهي ’س‘ ۽ ’ڪ‘ (sk) گونڊي زبان ۾ رائج آهي. بروهي ’نا‘ لفظ تامل ٻوليءَ ۾ عام ڳالهائڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ طرح، بروهي ’اِي‘ (معنيٰ آءٌ) به تامل ٻوليءَ جو ’ei‘ لفظ آهي. بروهي ’اِسڪا‘ معنيٰ ’هو‘، تامل ۾ ساڳيو آهي، ۽ تولو ٻوليءَ ۾ به رائج آهي. بروهي لفظ ’تُد‘ (معنيٰ ’ساڻ‘)، تيلوگو ۾ ’تودُو‘ ڪتب آندل آهي. بروهي زبان جي ڳڻپ جا پهريان ٽي لفظ – آست يا آس (هڪ)، اِرٽَ يا اِرَ (ٻه)، ۽ مُسِٽ يا مُسِ (ٽي) - خالص دراوڙي لفظ آهن. بروهي ’مُہ‘ (اڳ) ۽ ’مون‘ (منهن)، دراوڙيءَ ۾ ’مُو‘ ۽ ’مُون‘ رائج آهن. بروهي لفظ ’نِي‘ (تون) ۽ ’نُم‘ (توهين)، ڪانيريءَ (Kanaree) ۾ ’نِيم‘ ۽ ’نُم‘ رائج آهن. ڊاڪٽر ڪالڊويل (Caldwell) بروهي لفظن ’نِي‘ (تون)، ’نُم‘ (توهين) ۽ ’نَن‘ (اسين) کي دراوڙي ڄاڻائي ٿو. انهيءَ طرح، بروهي لفظن جي جيڪڏهن وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسون ته مضمون وڌي ويندو. هتي مثال طور چند لفظن جي دراوڙي ٻولين سان ڀيٽا ڪئي ويئي آهي، جيئن پڙهندڙ معلوم ڪري سگهن ته بروهي زبان تيلوگو، تولو، تامل، ملايلم، گونڊي ۽ ڪانيي، دراوڙي زبانن سان لساني طور تعلق رکي ٿي؛ ۽ هن وقت منجهس سنڌي، انڊو-يوروپين ۽ انگريزي زبانن، ۽ عربي ۽ پارسي زبانن جا لفظ شامل آهن.[1][4]

گرامرسنواريو

اوڻهين صديءَ ۾ مغربي متشرقين هندستاني ٻولين جا گرامر تيار ڪيا. بشپ ڪالڊويل ڊراوڙي زبانن جو گرامر تيار ڪيو، جو 1875ع ۾ شايع ٿيو. وهٽنيءَ (whltney) سنسڪرت گرامر تيار ڪيو، جو 1879ع ۾ شايع ٿيو. بيم (Beame) هاڻوڪين آرين زبانن جو گرامر ٽن جلدن ۾ تيار ڪيو، جي 1879-1872ع ۾ شايع ٿيا. گريئرسن، بهاري ٻولين جي ڊڪشنري تيار ڪئي، جا 1858ع ۾ شايع ٿي. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي زبان جو گرامر تيار ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ‘ جي جرنل ۾ مختلف ٻولين تي تبصرا شايع ٿيندا رهيا. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري ميجر ماڪلر بلوچستان جي ٻولين مان فقط مڪراني ٻوليءَ جي گرامر متعلق سمجهاڻي شايع ڪرائي؛ ليڪن 1839ع ۾ پهرينءَ افغان ويڙهه وقت جڏهن انگريزي لشڪر کي بولان لڪ مان لنگهڻو پيو، تڏهن مغربي عالم بروهي (ڪرگالي) ٻوليءَ جي تحقيقات ڪرڻ ڏانهن رجوع ٿيا. ايشيا ۾ بروهي حڪومت موجود هئي، پر گمناميءَ جي پردي پٺيان هئي. پهريون دفعو الهندي هندستان جي ٻولين متعلق جرمن محقق ليسن (Lassen)، جلد 5 ۾، بروهي ٻوليءَ متعلق روشني وڌي، جو 1844ع ۾ جرمنيءَ مان شايع ٿيو. ’اٽالين بوليٽينو جاگرافيڪل سوسائٽيءَ‘ جي هڪڙي ميمبر، فنزي (Finzi)، بروهي ٻوليءَ متعلق لاطيني زبان ۾ ڪتاب تيار ڪيو، جو 1850ع ۾ شايع ٿيو. مسٽر الله بخش جو ننڍڙو ڪتابچو 1877ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ بروهي گرامر 1880ع ۾ ميونچ مان شايع ڪرايو. پادري ٽي. ميئر (T.J.L.Mayer) 1906ع ۾، هڪڙو بروهي ريڊر لڌياني مان شايع ڪرايو. راءِ صاحب ديوان جميعت راءِ جو ڪتاب بروهي ٻوليءَ تي 1907ع ۾ ڪوئيٽا مان شايع ٿيو. عيسوي ويهين صديءَ جي شروعات تائين گهڻو ئي مواد بروهي ٻوليءَ متعلق شايع ٿيو ليڪن مٿيان ڪتاب ايترو ڪارائتا ثابت ڪونه ٿيا، جن مان بروهي ٻوليءَ جي ماهيت کي برٽش فوجي عملدار سمجهي سگهن، جن لاءِ هن سرحدي صوبي جي ٻوليءَ سکڻ لاءِ سرڪاري حڪم هو. مٿيون زباني مسئلو 1909ع ۾ حل ٿي ويو، جڏهن مسٽر ڊينز بري (Danys Bray) جو ڪتاب ” بروهي ٻولي“ جلد پهريون (The Braui Language, Part I)، گورنمينٽ پريس ڪلڪتي مان شايع ٿيو. مسٽر ڊينز بري (آءِ. سي. ايس.) برٽش بلوچستان جي روينيو کاتي ۾ ملازم هو، ۽ مختلف زبانن مان واقف هو. 1901ع ۾ بلوچستان جي آدمشماريءَ جو ڪم سندس سپرد ڪيو ويو. هن صاحبَ ماتحت مرزا شير محمد زهريءَ جهڙو لائق انگريزيدان مقرر ڪيو ويو، جنهن کان هن بروهي زبان سکي، ۽ ڪرگالي زبان جي خط و خال کان پوريءَ طرح واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اٺن سالن جي محنت بعد، حڪومت کي پنهنجو ڪتاب پيش ڪيائين. هيءُ ڪتاب بروهي ٻوليءَ جو مڪمل گرامر آهي، جنهن کي پڙهڻ سان بروهي ٻوليءَ جي ماهيت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب جو جيڪڏهن ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائجي ته بيحد مفيد ثابت ٿيندو، ڇا لاءِ ته ’ڪرگاليءَ‘ جي معنيٰ آهي بگڙيل زبان، جنهن جا اُچار بلڪل ڏکيا آهن. اهڙي منجهيل مسئلي کي حل ڪرڻ جو سهرو مسٽر ڊينز بري جي مٿي تي آهي. مسٽر ڊينز بري کي برٽش حڪومت ترقي ڏيئي، 1934ع ۾، هند جو پرڏيهي وزير مقرر ڪري، ’سر‘ جي معزز خطاب سان نوازيو. ملازمت جي آخري لمحي تائين کيس بروهي ٻوليءَ ۽ بروهيت سان دلچسپي رهندي آئي. 1934ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب، ”بروهي پِرابلم“، جلد ٻيو (The Barui Problem, Part II)، نئين دهليءَ مان شايع ٿيو. ڪتاب بروهي ٻوليءَ جو مڪمل گرامر آهي، جنهن جي ان وقت جي هندستان مان شايع ٿيندڙ انگريزي اخبارن تعريف ڪئي هئي، ۽ دنيا کي تسليم ڪرڻو پيو ته بروهي ٻولي داراوڙي ٻولين مان نڪتل، قديم ٻولي آهي.[1]



رسم الخطسنواريو

قلات جي بروهي نوابن مان مير حسن دهليءَ جي مغل شهنشاهن کان آزادي حاصل ڪئي هئي. مير احمد خان جنهن جي نالي تي قلات جا نواب ’احمدزئي‘ سڏبا هئا. 1661ع ۾، شاهجهان جي ڏينهن ۾ خود مختاري حاصل ڪئي هئي. 1854ع ۾ مير نصير خان ثانيءَ ’ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ جي قيادت تسليم ڪئي، ۽ 1947ع ۾، پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، هيءَ رياست پاڪستان ۾ مدغم ٿي ويئي؛ ليڪن مٿئين عرصي ۾ بروهي ٻوليءَ ڪا ترقي ڪا نه ڪئي، ڇا لاءِ ته اڳوڻي قلات سرڪار جي دفتري زبان پارسي هئي، جيئن پارسي ٻولي سنڌ ۾ ٽالپري دور تائين سرڪاري زبان هئي. سنڌي ٻوليءَ وانگر، بروهي به گهرو زبان جي حيثيت ۾ رهندي آئي، ۽ بلوچستان جا شاعر به پارسيءَ ۾ سخن سنجي ڪندا رهيا. انگريزي دور م به اسڪولن ۾ اردو تعليم جو ذريعو بنجي ويئي؛ جنهنڪري بروهي زبان ڪا به خاص ترقي ڪانه ڪئي. وري جن بروهين بلوچستان کان نڪري سنڌ ۽ ٻين صوبن کي وطن جوڙيو، انهن انگريزي پڙهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ کي وساري ڇڏيائون. آزاديءَ کان پوءِ جڏهن صوبائي ٻولين جو وارو آيو، تڏهن مس مس 1960ع ڌاري، رئيساڻي سردار ميجر غوث بخش خان جي ڪوشش سان، مستونگ مان پهريون دفعو عربي اردو خط ۾ پندرهن روزه ”ايلم“ اخبار بروهيءَ ۽ اردوءَ ۾ شايع ٿي رهي آهي. ليڪن بروهي خانه بدوش قوم آهي، تعليم نه هئڻ ڪري خريدار اٽي ۾ لوڻ جيترا مس آهن. نه وري بروهي زبان ۾ اڄ تائين ڪو اهڙو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جي ذريعي غير بروهي هن زبان مان واقفيت حاصل ڪن. توڻي جو سابق خان قلات جي ڏينهن ۾ هڪڙي مولوي سربازيءَ قرآن پاڪ جو بروهيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. نه وري ريڊيو پاڪستان بروهي ٻوليءَ کي اهميت ڏني آهي. رڳو ڪوئيٽا ريڊيو تان پنج منٽ بروهي غزل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۾ بروهي رهن ٿا، انهن لاءِ مادري زبان ٻڌڻ جو انتظام ڪونهي. پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ بلوچستان ۾ ’براهوئي رائٽرس گلڊ‘ قائم ٿي آهي؛ پر اسڪولن ۾ اڃا بروهي زبان رائج ڪو نه ٿي آهي. بروهي زبان وقت جي ٻولين ۾ گهڻو پٺتي پيل آهي. نشر ۽ اشاعت جو اڻپورو انتظام، بروھي قبيلي جي نااتفاتيءَ ۽ سرمايي نه هئڻ ڪري، ڪو نه ٿيو آهي. انهن سببن ڪري پاڪستاني عوام کي بروهين جي تايخ ۽ ادب کان ايتري واقفيت پهچي ڪا نه سگهي آهي، توڻي جو بروهي قبيلو ۽ سندن ٻولي اصل ۾ آڳاٽي سنڌي ٻولي ئي آھي. تازو لاهور ۾ ٿيل پاڪستان جي علاقائي زبانن جي ڪانفرنس ۾، سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي وفدن سان گڏ، بروهي وفد به شرڪت ڪئي، ۽ پنهنجي ادب ۽ ثقافت تي مقالا ۽ شعر پڙهي، ثابت ڪيو ته بروهي به درواڙي ٻولين جو ئي هڪ لھجو آهي، جنهن ۾ ادب جو ڪجھ ذخيرو موجود آهي.[1]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 مولائي، رحيمداد خان، شيدائي--بروهي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page23.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page23.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page23.html#_ftnref1.  Missing or empty |title= (مدد)